پاڪستانسنڌ

نوابشاهه ۾ ڀائرن جي زيادتين خلاف ڀيڻ جو مڙس سميت مظاهرو

تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ محمد عثمان جمالي جي رھواسڻ عورت ثمينه زال عبدالقيوم جمالي پنھنجي مڙس ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ ڀائرن جي زيادتين خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته 8 سال اڳ منھنجو پي غلام رسول جمالي مون کي ڳوٺ ۾ ٻه ايڪڙ زمين لکي ڏني هئي جنھن تي منھنجا ڀائرن محمد حنيف ۽ محمد زمان جمالي ھٿيارن جي زور تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته منھنجي ڀائرن ڪجھه وقت اڳ منھنجي گھر ۾ گھڙي مون کي ۽ منھنجي مڙس کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، ڀائر زمين لکي ڏيڻ لا موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ھن ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ڇڏرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button