پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ۾ شاگردياڻي سان زيادتي ڪيس داخل، جوابدار جي گرفتاري لا ريلي

اوٻاوڙو ۾ ٽئين ڪلاس جي شاگردياڻي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لا آل پاڪستان چوھاڻ اتحاد جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. ريلي دوران پوليس ۽ انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي پ پ شھيد ڀٽو جي ضلعي صدر مير علي نواز سپيو، پ پ اڳواڻ ايڊووڪيٽ زاھد حسين جماڻي، صوبو چوھاڻ، اربيلو چوھاڻ، نذير چوھاڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود اوٻاوڙو پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته جوابدار جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به پوليس وٽ موجود آهن، اسان کي شڪ آهي ته پوليس جوابدار سان ٻٽ بڻيل آهي، ڏينهن ڏٺي جو شهيد ڪيل پوليس اهلڪار جا قاتل به اڃا تائين پڪڙ ۾ نه اچي سگهيا آهن ۽ هينئر معصوم ٻارڙي جا وارث به انصاف لا دانهي رهيا آهن. هنن وزيراعليٰ ۽ آ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته گھوٽڪي ضلعي جي نااهل ايس پي ۽ ايس ايڇ او اوٻاوڙو خلاف ڪارروائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي نه ته سومر تي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪنداسين. ٻئي طرف معصوم شاگردياڻي سان سندس پي جي فرياد تي اڻڄاتل جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ھوڏانھن ايس ايڇ او رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪيو آهي، هاڻي نادرا ۽ ٻين ادارن جي تعاون سان جوابدار کي جلد گرفتار ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button