
هيءَ حقيقت سڀني جي علم ۾ آهي. سڀني ٻڌي آهي. پڙهي آهي. پر جيستائين ڪائي سچائي قبول نه ڪئي وڃي، تيستائين اها ورجائڻ به لازمي هوندي آهي. ان حوالي سان اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر لکڻ ڏيو ته ”سنڌ پاڪستان جي ماءُ آهي“ اها سنڌ آهي، جنهن هن ملڪ کي جنم ڏنو ۽ هن وقت پاڪستان ان ناخلف پٽ جهڙو ٿي پيو آهي، جيڪو پنهنجي بيمار ۽ لاچار امڙ جي سار به نه ٿو لهي ۽ ان جو تازو ثبوت اهي ترجيحات آهن، جيڪي هر ڏينهن ميڊيا ۾ پنهنجو منافق منهن کڻي اچن ٿيون. جنهن وقت سنڌ ٻڏي رهي هئي، ان وقت پاڪستان جي وڏي صوبي يا هن جي گاديءَ واري شهر ۾ اقتداري راند پنهنجي اوج تي هئي. هن مهل جڏهن برسات کان پوءِ بک ۽ بيماريءَ جي مها ٻوڏ ۾ سنڌ جا ماڻهو لڙهي رهيا آهن، تڏهن به اسان جي هاڻوڪن ۽ اڳوڻن حڪمرانن کي اهڙا اشوز ويڙهي ويا آهن، جن جو اسان جي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي ڪو به فرق نه پوندو. ڇا اها حقيقت ناهي ته جنهن وقت ٻار رڙي رهيا هجن. جنهن وقت ماڻهو مري رهيا هجن. جنهن وقت نياڻيون ڦاٽڪ ساٽل ڪپڙن ۾ ڀٽڪنديون هجن، ان وقت ملڪ جا اهم مسئلا آڊيو ليڪس ۽ هاڻي وري وزيراعظم هائوس مان سائفر جو وڃائجي وڃڻ آهي.
هڪ طرف هڪ ڪاغذ آهي. ٻي طرف تاريخ جي عظيم قوم آهي. هڪ طرف تڪراري ڪاغذ جو معاملو آهي ۽ ٻي طرف اڻ تڪراري ۽ اتهاس جي مهان ماڻهن واري قوم جو حال ۽ مستقبل داءَ تي لڳل آهي. جيڪڏهن ڪو انصاف آهي، جيڪڏهن ڪو ضمير ۽ شعور آهي ته ان سوال جو جواب ڏنو وڃي ته هن مهل ڪهڙي شيءَ جي اهميت اهي؟ عمران خان ته اقتدار لاءِ هوش عقل وڃائي ويٺو آهي. پر سوال انهن حڪمرانن جو آهي، جن جي دعويٰ آهي ته پاڪستان تباهه ٿي رهيو هو ۽ انهن اقتدار ۾ اچي ملڪ کي محفوظ ڪيو آهي. جڏهن سنڌ جهڙو اهم ترين خطو خطرناڪ صورتحال ۾ هجي، تڏهن ملڪ جي تحفظ جو فوڪس ڪهڙي هنڌ تي هجڻ گهرجي؟ ظاهر آهي ته هن وقت پاڪستان جي سمورن وسيلن کي سنڌ جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي. پر اهو صاف طور تي اهو نظر اچي رهيو آهي ته سنڌ جي سلسلي ۾ وفاق جي سيني ۾ ڪو احساس ۽ ڪا همدردي ناهي.
اهڙو سلوڪ ته جانورن سان به نه ڪيو ويندو آهي. جڏهن دنيا جي مهاٻيلن ۾ برسات نه پوڻ سبب سوڪهڙو ٿيندو آهي ۽ اتان جي جهنگلي جيوت بک تي پاهه ٿيڻ لڳندي آهي ته انهن ملڪن جا انتظامي سرشتا آٽوميٽڪ سرگرم ٿي ويندا آهن ۽ اهي جانورن جي ساهتا ڪندا آهن. جڏهن ٻيلن کي باهيون لڳنديون آهن ۽ جهنگ جلڻ لڳندا آهن، تڏهن نه صرف جانورن پر وڻن کي بچائڻ جي لاءِ به دونهين جي گهاٽن ڇلن ۾ هيلي ڪاپٽر لامارا ڏيندا نظر ايندا آهن. جڏهن ته هن وقت سنڌ جي سلسلي ۾ اهڙي ڪا سرگرمي ناهي. اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته اها آفت ملڪ کان پري، ڪنهن آفريڪي يا لاطيني آمريڪا جي خطي ۾ آئي هجي. ان کي لطيف جي لفظن ۾ چئبو آهي:
”پاڙي ناهه پروڙ ته رات رنجائي گذري“
جڏهن ته هتي هڪ رات ناهي پر هتي هر رات رنج ۾ وهامي رهي آهي. هر رات جي اکين ۾ لڙڪ آهن. هر رات جي سيني ۾ سڏڪا آهن. هر رات جي دل ۾ درد آهي. هر رات سورن سان سلهاڙيل آهي. سنڌ جي ان حال تي ڪنهن کي به ڪو قياس نه ٿو اچي. جڏهن ته اهو معاملو احساس جو ناهي. اهو معاملو ته قانون، آئين ۽ رياست جي ذميواريءَ جو آهي.
سنڌ طرف وفاق جي بيحسيءَ جو سبب ان کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته وفاق جي دل ۾ خدشو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جا بي گهر ۽ دربدر ماڻهن جا ويڙها وري وسڻ لڳا ته پوءِ اها عالمي امداد جنهن جي لاءِ هي سمورو ظالم ناٽڪ عمل ۾ آندو ويو، ان جي رفتار ۽ ان جو مقدار گهٽجي ويندو. ان ڊپ کان بيمارن جا علاج نه ٿا ڪرايا وڃن. ان خوف کان ماڻهن کي بکيو رکيو ٿو وڃي. ان خدشي کان انسانن سان جانورن جهڙو سلوڪ اختيار ڪيو پيو وڃي. اها صورتحال تمام گهڻي تڪليف واري آهي ۽ ان صورتحال کي صحيح ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪا به سياسي قوت پنهنجي فرض جي ادائگي ڪندي نظر نه ٿي اچي. جڏهن ته اسان کي اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته ان طرح سان ملڪ محفوظ نه رهندا آهن. ملڪن کي صرف هٿيار نه بچائيندا آهن. ملڪن جو تحفظ صرف ورديون نه ڪنديون آهن. ملڪ جو تحفظ ماڻهن جي وطن سان محبت ڪندي آهي. ملڪ جو تحفظ انسانن جون پنهنجي سرزمين سان همدرديون ڪنديون آهن. اصل تحفظ عوام آهي. اهو عوام جيڪو اڄ سنڌ جي صورت ۾ اسان کي غيرمحفوظ نظر اچي رهيو آهي ۽ اهو به پنهنجي پوري وجود سان! سنڌ جا خاندان خطرناڪ حالتن مان گذري رهيا آهن ۽ جيئن وقت گذري رهيو آهي، تيئن انهن جا مسئلا وڌي رهيا آهن ۽ ان مٿان اها مصيبت آهي ته انهن جي مدد ڪندڙ قوتن جي همدردي به هاڻي گهٽجڻ لڳي آهي. ڇو ته امدادي سرگرميون صفا سست ٿي ويون آهن. هونءَ به آخر هن مهانگائي جي موسم ۾ ماڻهو پنهنجن مظلوم ڀائرن جي ڪيتري مدد ڪن؟ جيتري مدد ٿي آهي، اها به سلام ڪرڻ جهڙي آهي. اهو ڪم حڪومتن جو آهي. اهو ڪم عوام جو ناهي. عوام اٿندي ماڻهن جي مدد ڪئي ۽ اهو تمام وڏو ڪارنامو هو. پر مخير ماڻهو به هاڻي ايترو گهڻو بار ۽ ايترو گهڻو وقت نه ٿا کڻي سگهن. ان کان اڳ جو اهو ڇپر انهن جي هٿن مان ڇڏائجي وڃي ۽ ان جي هيٺان متاثر ماڻهو اچي وڃن، حڪومتن کي گهرجي ته پنهنجي ترجيحن ۾ سنڌ کي شامل ڪن ۽ سنڌ کي بچائن.
اسان جو استاد ۽ اسان جو ساٿي محمد ابراهيم جويو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ اکن اڳ لکي ويو ويو هو ته ”Save Sind Save continent“ يعني ”سنڌ کي بچايو کنڊ کي بچايو“ جيڪڏهن هن مهل سنڌ جو وجود سان ننڍي کنڊ جو وجود مشروط ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ هن ملڪ جو وجود ته سنڌ جي وجود سان سلهاڙيل آهي؟ ان صورت ۾ سنڌ جي وجود کي بچائڻ جي سلسلي ۾ اهو ڇو نه ٿو سمجهيو وڃي ته سنڌ کي بچائڻ جو مطلب ملڪ کي بچائڻ آهي. جيڪڏهن ملڪ جو وجود خطرو ۾ هجي ته جا ملڪ جي لکن ماڻهن کي بک ۽ بيمارين ۾ ڇڏي حڪمران هڪ ڪاغذ کي تلاش ڪندا. اهو ڪاغذ جيڪو پنهنجي نوعيت ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي تڪراري آهي. جنهن تي عمران خان جو هڪ موقف ۽ مسلم ليگ ن توڙي پيپلز پارٽيءَ جو ٻيو موقف آهي. جڏهن ان ڪاغذ جي حيثيت تڪرار جي ور چڙهيل آهي ته پوءِ ان جي اهميت ڪيتري ۽ جيڪڏهن رڪارڊ جي حد تائين ان جي اهميت هجي به ته ڇا ان جي اهميت هڪ جيئري جاڳندي قوم کان وڌيڪ آهي؟ پاڪستان جي حڪمرانن جي اهڙن روين هن ملڪ کي نقصان پهچايو آهي. پاڪستان جن بحرانن جي ور چڙهيل آهي، انهن جا سبب اسان جي حڪمرانن جا اهي غلط رويا آهن. اسان جڏهن عوام کي اهميت نه ڏينداسين ته پوءِ عوام اسان کي اهميت ڏيندو؟ اهو ته سادو منطق آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو هن پاڪستان جو دانشور وزيراعظم هو. هن پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ”حب الوطني وڻ ۾ نه ڦٽندي آهي. اها عوام جي دلين ۾ تڏهن پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ملڪ عوام سان محبت جو ثبوت ڏيندي هن جي زندگين ۾ سک ۽ سهولتون آڻيندو آهي“ ان حساب سان هن دور جا حڪمران جواب ڏين ته هو سنڌ جي ماڻهن جي سينن ۾ ڇا پوکي رهيا آهن؟ اها بيحسي ۽ اها بيدردي!! جڏهن هيترو سارو وقت گذرڻ جي باوجود به سنڌ مان پاڻي نه نڪتو هجي. جڏهن متاثر ماڻهن کي ڪجهه به معلوم نه هجي ته انهن جو مستقبل ڪهڙو آهي؟ جڏهن انهن وٽ موٽ جو ڪو روڊميپ نه هجي. جڏهن بحاليءَ جو پلان مڪمل طور تي بحران جي حوالي هجي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ اوهان ڪهڙي قرب ۽ ڪهڙي پيار جي پوک پوکي ان کي فخر سان لڻڻ جي نيت رکو ٿا؟
هن مهل سنڌ ٻڏل آهي. هن وقت سنڌ ۾ هر هنڌ ۽ هر جاءِ تي پاڻي آهي. ماڻهن جي ڳوٺن، گهرن ۽ انهن کي ٻنين توڙي انهن کي اکين ۾ پاڻي ئي پاڻي آهي. هن موسم ۾ جيڪڏهن ماڻهن جي وجودن ۾ ملڪ جي محبت جو ٻج پوکيو ويندو ته ان جو فصل به ڀرپور ٿيندو. پر ان جي لاءِ محبت سان محنت ڪرڻي پوندي ۽ ان کان اڳ ۾ ان سلسلي ۾ اسان جي حڪمرانن کي پنهنجن ترجيحن کي تبديل ڪرڻ پوندو. جيستائين حڪمران اهو نه سمجهندا ته هڪ قوم ڪاغذ جي ٽڪري کان اهم آهي ته پوءِ هو ڪجهه نه ڪري سگهندا. سنڌ پنهنجي وجود جي تحفظ لاءِ پوري شدت سان پتوڙي رهي آهي. سنڌ کي پنهنجي تحفظ جي لاءِ پوري محنت ۽ مشقت سان ڀريل مدد گهرجي. اها حقيقت آهي ته هتي هر شيءَ لاءِ سڀ کان اڳ ۾ پئسو پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري ٿو پر پئسي کان وڌيڪ اهم اها مدد آهي، جيڪا گڏجي ڇپر کڻندي آهي. ملڪ جا ادارا سنڌ جي متاثر ماڻهن جي نئين سر بحاليءَ جي سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو نه ٿا سگهن؟ ڇا سنڌ ۾ ايتري آفت آهي جو ان جو ڪو حل ڪونهي؟ ڇا سنڌ هڪ لاعلاج حادثي جو شڪار ٿي چڪي آهي؟ ملڪن ۾ ان کان وڌيڪ تباهيون ۽ برباديون اينديون آهن ۽ انهن جو فوري طور تي ازالو به ٿي ويندو آهي ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ پتو ئي نه پوندو آهي ته هن شهر کي هيڏي وڏي طوفان هٽ ڪيو هو. سنڌ سان جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، ان جي بحالي مشڪل ناهي. جيڪڏهن هڪ رياست پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي ۽ جنگي بنيادن تي محنت ڪري ته پوري دنيا آڏو ثابت ٿي سگهي ٿو ته ٻڏيءَ جا ٻيڻا ڪيئن ٿيندا آهن؟ پر ان سلسلي ۾ حڪمرانن کي سمجهڻو پوندو ته سنڌ سائفر کان گهڻي اهم آهي.