ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا خطرو ٽري ويو آهي؟

Editorial-Article- Asar Imam

حڪومت ۽ تحريڪِ لبيڪ وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٺاهه ٿي ويو آهي. اسلام آباد ڏانهن تحريڪ جو مارچ روڪيو ويو آهي. گھڻي خون خرابي جي امڪانن کي ٻنجو ڏنو ويو آهي. جيڪو ٿيو سو ٿيو چئي اڳتي وڌڻ جي راه ڪڍي وئي آهي. جيتوڻيڪ تازي معاهدي جو مڪمل متن اڃان تائين راز ۾ رکيو ويو آهي پر معاهدي جون ڪجهه شقون سامهون آيون آهن. جن منجهان لڳي ٿو ته معاهدو وري به وقت وٺڻ ۽ معاملي جي عارضي حل ڏانهن وک وڌائڻ کان سواءِ ڪجهه ڪونهي. مثال طور معاهدي لاءِ ٽياڪڙي ڪندڙ مفتي منيب جو اهو بيان ته تحريڪ وارن هن ڀيري واري ڳالهه ٻولهه ۾ فرانس جي سفير جي بيدخليءَ جو مطالبو نه ڪيو آهي. يا وري حڪومتي ڌر پاران تحريڪ کي اڃان تائين ڪالعدم سڏڻ توڙي ميڊيا کي ائين ڪرڻ جو پابند بڻائڻ منجهان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته ملهه اڃان ٿيڻي آهي. خطرو حتمي طور تي نه ٽريو آهي.  

اها پاڪستان جي پراڻي تاريخ آهي ته جڏهن به غير جمهوري قوتن کي سويلين حڪومتن منجهان جان ڇڏائڻي هوندي آهي يا وري حڪومت تي دٻاءُ وجهي ڪو مطالبو مڃرائڻو هوندو اٿن ته اهڙا احتجاجي ملان ميدان ۾ اچي ويندا آهن. پر خاص ڪري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت دوران مولانا طاهر القادري ۽ نواز ليگ جي حڪومت دوران مولانا خادم رضويءَ کي ميدان ۾ لاهڻ کان پوءِ ٻئي سياسي حڪومتون ميدان کان ٻاهر ٿيندي ڏٺيون ويون.

پنجاب اندر نواز ليگ جو ووٽ ڪٽڻو هئو جيڪو ڪم تحريڪِ انصاف هٿان نه پئي ٿي سگهيو. ان ڪري مئي 2017 ۾ تحريڪِ لبيڪ جو وجود پيو ۽ دنيا ڏٺو ته مئي 2018 وارين عام چونڊن دوران تحريڪِ لبيڪ پنجاب جي ٽيون نمبر وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي. اها ٽيون نمبر وڏي پارٽي اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ جي عادي هئي ان ڪري نومبر 2020 ۽ اپريل 2021 کان پوءِ آڪٽوبر 2021 ۾ به احتجاجي مظاهرن سان شروعات ڪري اسلام آباد ڏانهن پنڌ پئي، جتي سندس ارادو فيض آباد جي تاريخي ڌرڻي جهڙو ڌرڻو هڻي ”ٻن وڏن“ وچ ۾ پيدا ٿيل تضاد کان پوءِ ”پنهنجي وڏي“ جي موقف جي تائيد ڪرڻ هئو. تحريڪِ لبيڪ جي اهڙي سرگرميءَ جي نتيجي ۾ حڪومتي پريشانيون به وڌي ويون ڇاڪاڻ ته حڪومت جنهن ”سيم پيج“ جي ساراه ۽ تبليغ بنا ڪنهن هٻڪ جي لڳاتار پئي ڪئي اهو ”سيم پيج“ هاڻي سيم پيج نه رهيو آهي. حڪومت لاءِ ضروري بڻجي پيو ته ڳورا ٻئي پار هوندي به اها ٻنهي وڏن منجهان ڪنهن هڪ سان بيهي. حڪومت اهو فيصلو ڪري ته ورتو پر کيس فيصلو ڪرڻ ۾ ڪافي دير ٿي وئي جنهن ڪري ”سيم پيج“ وارو نظريو بي رونق بڻجي ويو. اقتداري ايوانن ۾ ٻڏتر جو ماحول ايترو شديد هئو جو ٻين وزيرن جو ته ٺهيو پر شيخ رشيد احمد جهڙو گهاگهه سياستدان به پريشان حال نظر آيو، جيڪو عام طور تي ڏاڍو پرسڪون هوندو آهي. شايد ان ڪري جو ان جي نازڪ ڪلهن تي به هڪڙي پاسي گهرو وزير هئڻ جون ذميواريون آهن ته ٻئي پاسي وري ان لاءِ به اهو طئي ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو هئو ته پنهنجي وفاداري نيٺ ڪهڙي ”باس“ سان ثابت ڪرڻي آهي؟

آمريڪا ۽ ان جي اتحادين نائين اليون واري واقعي کان پوءِ القاعدا، بوڪو حرام، داعش ۽ اهڙين ٻين اسلامي شدت پسند تنظيمن کي پيدا ڪيو ۽ اڀاريو ته جيئن انهن جي ذريعي ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ جڏهن چاهين ڪاروائي ڪري سگهن، اهڙي نموني پراڻو آمريڪي اتحادي ۽ سٻاجهو شاگرد هئڻ جي ناتي سان پاڪستان به اهڙي حڪمت عملي اپنائي ۽ ڪوشش ڪئي ته مذهبي شدت پسند ڌريون رياستي ڪارندي وارو ڪردار ادا ڪن. انهن جي هٿان رياست مخالفن کي مذهب مخالف قرار ڏئي مارائجي. ماڻهن جي حقيقي مادي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ انهن کي عقيدن جي پنجوڙ ۾ ڦاسائي اها تبليغ ڪئي وڃي ته ايمان جي سلامتي ئي اصل سلامتي هوندي آهي جان ۽ زنده رهڻ لاءِ ضرورتن جي پورائي جو خير آهي. اهو ئي سبب آهي جو مذهبي اڳواڻ ۽ مبلغ رياست ۽ استحصالي حڪمرانن جي سڀ کان وڏي خدمت اها ڪندا آهن ته ماڻهن جي سياسي سمجهه کي مُڏو بڻائي کين دنيا ۽ ان جي شين کان لاتعلق بڻايو وڃي. نتيجي ۾ استحصالي حڪمران ۽ رياست کي جيئن وڻي ماڻهن جي کل لاهيندا رهن پر پيرن جا لکين مريد پنهنجي پنهنجي مرشد جو خطاب ٻڌي وجد ۾ ايندا رهن، ڪنڌ لوڏيندا رهن ۽ آخرت سنوارڻ لاءِ دنيا ۾ پنهنجي حقن تان دستبردار ٿيندا رهن.  

تحريڪِ لبيڪ سني بريلوي مسلڪ جي نوجوانن کي ائين ئي متاثر ڪري رهي آهي جهڙي نموني ديوبندي مسلڪ جي نوجوانن کي سپاهِ صحابه متاثر ڪندي هئي. پاڪستان ۾ جنهن رفتار سان غربت ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي ان ئي رفتار سان مسجدن ۽ مدرسن جو تعداد به وڌي رهيو آهي. خاص ڪري ڇوڪرين لاءِ ديني مدرسن جو تعداد به گذريل ڏهاڪو کن سالن دوران تمام گهڻو وڌيو آهي. ڇوڪرين جا مدرسا وڌائڻ جو مطلب آهي مذهبي ماڻهن پاران هڪ فرد نه پر پوري خاندان کي فتح ڪرڻ. تحريڪِ لبيڪ جهڙيون تنظيمون مذهب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو هٿيار هونديون آهن. اهي مذهب کي ڪردار سازي يا هاڪاري سماجي تبديليءَ جو ذريعو سمجهڻ بدران دٻاءُ پيدا ڪري پنهنجي سياسي مقصدن جي حاصلات جو ذريعو سمجهنديون آهن.    

چار سال اڳ اسان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جنهن تحريڪ جي ولادت سولي ڪرڻ لاءِ دائيءَ جو ڪردار ادا ڪيو اها هاڻي سندس مٿي جو سور بڻجي رهي آهي. 2017 ۾ جڏهن تحريڪِ لبيڪ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺي هئي تڏهن هاڻوڪو وزيرِ اعظم عمران خان پنهنجي پارٽي ڪارڪنن سميت ان ڌرڻي ۾ وڃي ويٺو هئو پر هن سال جڏهن فيبروري ۽ پوءِ اپريل ۾ احتجاجي ڌرڻن جي شروعات ڪئي وئي ته خان صاحب ڌرڻن ۾ شامل ٿيڻ ته ضروري نه سمجهيو پر ايترو پوءِ به چيائين ته تحريڪِ لبيڪ ۽ تحريڪِ انصاف جي ايجنڊا ساڳي ئي آهي بس ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ رستو ۽ طريقِ ڪار ٻنهي جو الڳ الڳ آهي. هاڻي جڏهن آڪٽوبر ۾ مظاهرا ٿيا ۽ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيو ويو ته خان صاحب جي ٽيم ان ساڳي تحريڪ کي هندوستاني ايجنٽ ثابت ڪيو. ملڪ جي اعلى عدالت جي فيصلي موجب فيض آباد واري ڌرڻي دوران ساڍا سورنهن ڪروڙن کان وڌيڪ ماليت جون ملڪيتون تباهه ڪيون ويون ۽ ان ڌرڻي جي ڪري ملڪ کي ڏهاڙيءَ جي بنياد تي 88 ارب روپين کان وڌيڪ تجارتي خسارو برداشت ڪرڻو ٿي پيو. پر ذميوارن کان ان سموري نقصان جو حساب ڪتاب نه ورتو ويو. جيڪي قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ماڻهو زخمي ٿيا اهي به ڪنهن ليکي ۾ نه آيا.

مذهبي هم آهنگيءَ جي معاملي تي وزيرِ اعظم جو خصوصي معاون مولانا طاهر اشرف اشرفي پنهنجي بيان چئي چڪو آهي ته ٽڪراءَ واري پاليسي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ نه هئي ان ڪري ڳالهه ٻولهه ذريعي معاملا نبيرڻ واري فيصلي کي بهتر سمجهيو ويو. مفتي منيب صاحب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ ڪنهن جي فتح يا شڪست نه پر انساني جانين جي حرمت بچائڻ جو معاملو آهي. سوال اهو آهي ته حڪمرانن جي نظر ۾ ملڪ ۽ قوم منجهان مراد ڇا آهي؟ ملڪ ۽ قوم جو مفاد ڇا ۾ آهي ۽ ڇا ۾ ڪونهي؟ اهو ڪير طئي ڪندو آهي؟ اهو طئي ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ماڻ ماپا استعمال ڪيا ويندا آهن؟ 

حڪومت اهو ٿي چوي ته تحريڪِ لبيڪ جي ڪارڪنن کي احتجاج ڪرڻ جو حق آهي. عجيب ڳالهه آهي ته تحريڪِ لبيڪ جي ڪارڪنن کي ماريو، ساڙيو وارو احتجاج ڪرڻ جو حق آهي پر ايم اين اي علي وزير کي اختلافي تقرير ڪرڻ جو حق به ڪونهي. لبيڪين کي روڊ رستا بند ڪري احتجاج ڪرڻ جو حق آهي پر استادن، نرسن، ڊاڪٽرن ۽ ٻين سرڪاري ملازمن توڙي عوام کي ڪنهن پارڪ ۾ گڏ ٿيڻ ۽ پرامن احتجاج ڪرڻ جو حق به ڪونهي. سنڌي، بلوچ يا پشتون قوم پرست جيڪڏهن چئن ڄڻن جي چوڪڙي ٺاهي ويهن ته سڀاڻي ڳوليا نه لڀندا پر لبيڪي تحريڪ جا ڪارڪن ٻئي ٽئين مهيني اسلام آباد فتح ڪرڻ لاءِ نڪري پون ته اسان جي رياست هر ڀيري ساڻن معاهدو ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي ٿي جهڙي نموني هن ڀيري ٿي آهي. رياستي تشدد استعمال ڪرڻ جي سموري تياريءَ باوجود حڪومت ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ اها ڳالهه سمجهي ورتي هئي ته جيڪڏهن تحريڪِ لبيڪ جي ڪارڪنن خلاف طاقت جو استعمال ڪيو ويو ته عارضي طور تي فتح ملندي پر ڊگهي مدي واري جنگ هارائي وينداسين. ڇاڪاڻ ته عقيدن جي بنياد تي وڙهي ويندڙ جنگ ۾ هارايل هميشه شهيد هوندو آهي جنهن سان ان جي پاسي بيهڻ وارا اڃان وڌيڪ سگهارا بڻجي سامهون ايندا آهن. ان ڪري انهن فيصلو ڪيو ته مولوين کي في الحال ٽاري ڇڏڻ گھرجي. ڳجهي معاهدي تي ڪيتري قدر عملدرآمد ٿي سگهندو اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر اهو ظاهر آهي ته نظر بند مولانا جو سافٽ ويئر اپڊيٽ نه ٿي سگهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس آزادي عمل ۾ نه پئي اچي. سندس والد پنهنجي وفات کان اڳ هڪڙي تقرير ۾ دڙڪو ڏنو هئو ته هُو دنيا کي ٻڌائي ڇڏيندو ته کيس فيض آباد ڏانهن ڪنهن موڪليو هئو. ان ڪري پُٽ جي آزادي ڪنهن دٻاءَ جي نتيجي ۾ عمل ۾ آئي ته پوءِ سندس معتقدن کي هن جي ڪورونا ۽ ڊينگي توڙي دل جي دوري جهڙين موذي بيمارين کان بچاءَ ۽ وڏي ڄمار لاءِ اجتماعي دعائون گھرڻيون پونديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button