ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٽي ايل پي ڌرڻو ۽ حڪومت جي بيوسي

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

   عمران خان وٽ وسيم اڪرم پلس آهي، جنهن کي پنجاب عثمان بوزدار جي نالي سان سڃاڻي ٿو ۽ هو پنجاب جو وڏو وزير آهي. ان کان سواءِ عمران خان وٽ هڪ اهڙو گهرو وزير به آهي، جنهن کي هو پنهنجو پٽيوالو رکڻ به ڪونه چاهيندو هو پر اڄ ڪلهه هو عمران خان جو سڀ کان وڌيڪ دفاع ڪندڙ وزير بڻيل آهي، جنهن کي ماڻهو شيخ رشيد جي نالي سان سڃاڻن ٿا. ان کان سواءِ هن وٽ هڪ معاشي ارسطو به آهي، جنهن کي ماڻهو عمر اسد چون ٿا ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا قابل ماڻهو موجود آهن پر تنهن هوندي به ملڪ جون حالتون پي ٽي آءِ کان ڪنٽرول ڪونه پيون ٿين.

فيص آباد ڌرڻي وارو تماشو سڄي ملڪ ڏٺو پر سڄي دنيا به ان تماشي مان مزو ورتو. حڪومت تحرڪ لبيڪ پاڪستان کي طاقت وسيلي چٿڻ جي ڳالهه ڪئي، ان لاءِ سڄو بندوبست به ڪري ڇڏيو پر اوچتو ٽي ايل پيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. حڪومت ۽ ٽي ايل پيءَ جي وچ ۾ جيڪو معاهدو ٿيو آهي، ان کي ڳُجهو به رکيو ويو رڳو ڪجهه نقطا ئي پڌرا ڪيا ويا آهن. جن مان ڪجهه هن ريت آهن:

ان جماعت کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو ويندو،

پابندي ختم ڪئي ويندي،

ڪارڪنن تان ڪيس ختم ڪيا ويندا

۽ ان کان سواءِ سعد رضويءَ کي آزاد ڪيو ويندو.

جڏهن ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيو ته ٽي ايل پي  ٽي ايل پي ڌرڻو ۽ حڪومت جي بيوسي جي وفد ۾ شامل ماڻهن حڪومت تي اعتبار ئي نه ڪيو ۽ حڪومتي وزيرن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو. پر سڄي هڻ وٺ ۾ اهو پڻ نظر آيو ته حڪومت پاڻ کي ڪيترو نا اهل ثابت ڪيو. ڪنهن وزير معاهدو ڪيو پئي ته اهو چئي رهيو هو ته ان معاهدي جي وزير اعظم کي خبر ناهي. ڪو وزير هڪ ڳالهه ڪري رهيو ته ڪو وري ڪا ٻي ڳالهه ڪري رهيو هو، جنهن جي ڪري اها ڳالهه واضح نه پئي ٿي ته حڪومت آخر ڪرڻ ڇا ٿي چاهي. نيٺ وري به ڳالهيون آرمي چيف قمر جاويد باوجوه جي زور ڀرڻ تي ڪيون ويون. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اصل معاملا ڪير هلائي رهيو آهي ۽ ڪير آهي، جيڪو هن ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪنهن به بحران کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته حڪومت جي حالت اها آهي جو جڏهن به اها ڪنهن بحران ۾ ڦاسي ٿي ته اها اسٽيبلشمينٽ ڏانهن نهارڻ لڳي ٿي. جيڪا اڳيان وڌي حڪومت کي بحران مان ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندي پر ڇا هر ڀيري اسٽيبلشمينٽ ائين ئي مدد ڪندي رهندي؟ ان جو مطلب اهو ئي آهي ته هي  ٽي ايل پي ڌرڻو ۽ حڪومت جي بيوسي حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي بي ساکين کانسواءِ ڪجهه به ڪرڻ جي قابل ناهي.

وفاقي وزير فواد چوڌري ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي ڀارت جي ايجنٽ جماعت ڪوٺيو ۽ ايترو به چيائين ته اها جماعت ڀارت کان فنڊنگ وٺي رهي آهي، جيڪڏهن حڪومتي نمائندن کي اها خبر هئي ته اها جماعت، جيڪا هاڻ هٿياربند ٿي چڪي آهي ۽ اها ڀارت کان فنڊنگ وٺي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري رهي آهي ته پوءِ ان جماعت سان ڳالهيون ڇو ڪيون ويون ۽ ان جي مطالبن کي ڇو قبول ڪيو ويو. جڏهن ته حڪومت پاڻ چوندي رهي آهي ته جيڪي به ماڻهو ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندا انهن سان ڳالهيون نه ٿينديون ۽ اهي ملڪ دشمن قوتون آهن، تنهنڪري انهن خلاف رياست سختيءَ سان پيش ايندي، ته پوءِ هاڻ اهڙي ڪهڙي ضرورت پيش آئي جو نه رڳو پي ٽي ايل تان سمورا ڪيس ختم ڪيا ويا آهن پر ان کي وڏو رليف به ڏنو ويو آهي. ٽي ايل پيءَ جي وجود جو پسمنظر ڪو پراڻو ناهي بلڪه اها پارٽي اڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي، جنهن کي نواز ليگ جي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ لاٿو ويو هو ۽ پوءِ اها جماعت نه رڳو چونڊون کٽي آئي پر پنجاب ۾ پنهنجو اثر رسوخ به وڌائي وئي آهي. پر ڇا ڪنهن به انتهاپسند جماعت کي ايتري ڇوٽ ڏيڻ کانپوءِ پاڪستان دنيا کي اهو يقين ڏيارڻ ڪامياب ويندو ته هو انتهاپسندي خلاف ويڙهه ڪري رهيو آهي ۽ انتهاپسنديءَ کي چٿڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪري رهيو آهي، اهي ساراهه جوڳيون آهن.

اڄ به پاڪستان ايف اي ٽي ايف پاران گري لسٽ ۾ موجود آهي. جيڪڏهن پاڪستان ٽي ايل پيءَ کي اهڙيون رعايتون ڏيندو رهندو ته پاڪستان بليڪ لسٽ ۾ ته وڃي سگهي ٿو پر گري لسٽ مان نڪري نٿو سگهي. ٽي ايل پي ڪيترن ئي ڏينهن تائين ملڪ کي يرغمال ڪري ڇڏيو هو، سندس ڪارڪنن عوام جي زندگيءَ کي سخت متاثر ڪيو پر حڪومت نه رڳو ان معاملي کي بهتر نموني حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي پر ان اهو پڻ ثابت ڪيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ اهڙو ڪو بحران اچي وڃي، جنهن ۾ سياسي طور سڄو ملڪ يرغمال لڳو پيو هجي ته اها ان معاملي کي منهن نٿي ڏئي سگهي. هاڻ حڪومت جا چونڊيل نمائندا ۽ مشير ٽي ايل پي جي احتجاج تي وضاحتون ڏئي رهيا آهن ۽ مبارڪون به پاڻ پيا وصول ڪن. ان کان سواءِ معاهدو ظاهر نه ڪرڻ جي حوالي سان اهو پيو چيو وڃي ته ملڪي مفادن خاطر ان کي ڳجهو رکيو ويو آهي پر حقيقت ۾ اهو معاهدو حڪومتي مفادن خاطر ڳجهو رکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اها حڪومت جي شڪست آهي. هڪ اهڙي شڪست جيڪا پي ٽي آءِ جو سدائين پيڇو ڪندي رهندي. تنهنڪري اهو چوڻ ته حڪومت کي ڪاميابي ملي آهي ته اها حڪومت جي نه رڳو غلط فهمي آهي پر غلط بياني پڻ آهي. حڪومت هڪ اهڙي انتهاپسند جماعت جي آڏو گوڏا کوڙيا آهن، جنهن پنهنجو بيانيو پهرين ڏينهن کان ساڳيو رکيو. پر ان سان گهٽ ۾ گهٽ عمران خان کي اهو اندازو ضرور ٿيو ته جڏهن ملڪ ۾ ڌرڻا لڳندا آهن ته حڪومت کي ڪيتري پريشاني ٿيندي آهي ۽ عوام جو ڪيترو نقصان ٿيندو آهي. اڄ هو ڀلي پنهنجي ڪنٽينر کي وساري ويٺو هجي، پر عوام کي ياد آهي ته ڪهڙي ريت هن اسلام آباد ۾ ڪنٽينر رکي عوام کي پريشان ڪيو هو. جنهن کان پوءِ ملڪ کي معاشي طور اربين روپين جو نقصان ٿيو هو.

پي ٽي آءِ کي ته اپوزيشن پارٽين جو ٿورائتو هجڻ گهرجي جو اهي ٽي ايل پيءَ جي ڌرڻي جون اهڙي ريت حمايتي ڪونه ٿيون ۽ نه ئي اهي ٽي ايل پيءَ جي ڌرڻي ۾ وڃي شامل ٿيون. جهڙي ريت پي ٽي آءِ نواز ليگ جي حڪومت خلاف ڪيو هو. عمران خان ته پنهنجن جلسن ۾ پارليامينٽ تي لعنتون پيو وجهندو هو ۽ شيخ رشيد ماڻهن کي هُشيون پيو ڏيندو هو ته ٻاهر نڪرو باهه لڳايو ۽ حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو پر پي ٽي آءِ هر قسم جي مدد هوندي به ان وقت حڪومت نه ڪرائي سگهي هئي.

 سڀاڻي ٽي ايل پي کي چونڊن ۾ بيهڻ جو موقعو ملي ويندو ۽ اها ججهيون سيٽون کٽي پارليامينٽ جو حصو ٿي ويندي ته ملڪي معاملا هلائڻ جي نوعيت ڪهڙي هوندي. ڇاڪاڻ ته اڄ به ملڪ ۾ مذهب جو ڪارڊ ڪنهن وقت به استعمال ٿي سگهي ٿو ۽ ان کانسواءِ سڄي دنيا جي مسلم ملڪن کي ڇڏي سدائين پاڪستان ۾ ئي اسلام کي خطرو هوندو آهي. ٽي ايل پي جهڙا پريشر گروپ جڏهن ههڙيون عاليشان رعايتون حڪومت کان ماڻين ٿا ته انهن جو من اڃا به وڌي ٿو وڃي. اهي ملڪي سياست تي بهتر نموني اثرانداز پڻ ٿي سگهن ٿيون. هونئن ته پي ٽي آءِ به اهڙي ئي ڪٽر جماعت آهي، جهڙي ٽي ايل پي آهي پر فرق رڳو اهو آهي ته پي ٽي هن وقت اقتدار ۾ آهي ۽ ٽي ايل پي گهڻو وقت روڊن تي رهي آهي.

عمران خان هن وقت ڀلي پنهنجن وزيرن کي ڪاوڙ ڪندو هجي پر کيس سياسي ساڃاهه ناهي، جنهن وسيلي هو ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهي ۽ ڪنهن به مقامي بحران کي اسٽيبلشمينٽ جي سهاري کان سواءِ حل ڪري ڏيکاري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button