ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڏهاڪي جا بيسٽ سيلر پرلطف جنسي تشدد تي لکيل ناول

Editorial-Article- Syed Zafar

2010ع جي ڏهاڪي جي بيسٽ سيلر ڪتابن تي عورتون ڇانيل آهن ۽ انهن ۾ اهڙن عورتاڻن ڪردارن کي اجاگر ڪيو ويو آهي، جيڪي مضبوط ۽ خودمختيار هجن.

گذريل ڏهاڪي جي لاڙن جو جائزو ورتو وڃي ته ڪافي چٽا آهن ته سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ڏهن مان اٺ ڪتاب عورتن لکيا.

گذريل ڏهاڪي (جنوري 2010ع کان ڊسمبر 2019ع) تائين سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ برطانوي ليکڪه اي ايل جيمز جي ففٽي شيڊز سيريز ڇانيل رهيو. ان سلسلي ۾ پهريون ڪتاب “ففٽي شيڊز آف گري” 2011ع ۾ آيو هو. جنهن جون هيلتائين هڪ ڪروڙ 52 لک ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن.

ان کانپوءِ ان ئي سيريز جو ٻيو ڪتاب “ففٽي شيڊز ڊارڪر” هڪ ڪروڙ چار لک ڪاپين سان ٻئي نمبر تي، جڏهن “ففٽي شيڊز فرير” 93 لک ڪاپين سان ٽين نمبر تي رهيو. “ففٽي شيڊز” ڪاليج جي شاگردياڻي اينسٽيزيا اسٽيل جي هڪ طاقتور واپاري سان رومان جي ڪهاڻي آهي، جنهن جا ڪئين حصا پورنوگرافي جي حدن کي ڇهن ٿا.

ساڍن ٽن ڪروڙ ڪتابن جو وڪرو هڪ پاسي، پر ان سيريز جي ادبي معيار تي ادبين ۽ نقادن منهن خراب ڪيو ۽ ان جي ٻولي ۽ اسلوب ٻنهي تي سخت حملا ڪيا آهن. ٽائيم ميگزين ۾ هڪ تبصري نگار لکيو ته هڪ ٻي بيسٽ سيلر برطانوي اديبه جين آسٽن جيئري ٿي اچي ۽ اها ڪتاب پڙهي ته ترت آپگهات کي ترجيح ڏيندي.

اي ايل جيمز قلمي نالو آهي، جڏهن ته ليکڪه جو اصل نالو ايريڪا لينرڊ آهي. هن جي ان سيريز جي ڪاميابي جو وڏو سبب اهو آهي ته هن جا ڪتاب عورتن ۾ هٿو هٿ وڪامي ويا. ڪهاڻي ته اها پراڻي آهي ته هڪ عام ڇوڪريءَ تي هڪ گهڻو امير ماڻهو عاشق ٿي پوندو آهي ۽ ان جي خاطر هر حد پار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. اسان جي ٻوليءَ ۾ ان کي خوابن جو شهزادو ملي ويندو آهي، ائين کي سمجهو. يا اولهه جي اصطلاح ۾ “بيوٽي ائنڊ دا بيسٽ”. ڇاڪاڻ ته انهن ڪتابن ۾ بي ڊي ايس ايم جي ڀرمار آهي. سادن لفظن ۾ ائين سمجهو ته بي ڊي ايم ايس تحت پنهنجي جنسي پارٽنر کي زنجيرن يا چمڙي جي پٽن سان ٻڌي مجبور ڪيو ويندو آهي ته هو ان جي اکين تي پٽي ٻڌي ۽ ٻين طريقن سان ان جي تذليل ڪئي ويندي آهي، جنهن سان ٻئي ڄڻا لذت وٺندا آهن.

فقط ڪتاب ئي نه، ان تي ٺهندڙ فلم به نوٽ ڇاپڻ جي مشين ثابت ٿي، جيڪا چار ڪروڙ ڊالرن جي لاڳت سان ٺهي ۽ ان 57 ڪروڙ ڪمايا.

سوزين ڪولنز جو ناول “دي هنگر گيمز” هونئن ته گذريل ڏهاڪي 2008ع ۾ ڇپيو هو پر هن ڏهاڪي ۾ به ڇانيل رهيو ۽ نه فقط ان جون 87 لک ڪاپيون وڪرو ٿيو بلڪه تي آڌاريل فلمن به باڪس آفيس جو دريون ڀڃي ڇڏيون.

ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته هنگر گيمز ۾ به مرڪزي ڪردار نوجوان عورت جو آهي ۽ ان کي به بيسٽ سيلر ٺاهڻ لاءِ عورتن وڌي چڙهي حصو ورتو. اهو سوزين ڪولنز جي سيريز دي هنگر گميز آهي جنهن جي  هيروئن ڪيٽنس ايورڊين ۾ اهي سموريون خوبيون آهن، جيڪي ڪنهن عورت ۾ ٿي سگهن ٿيون. خودمختيار، باصلاحيت ۽ اعتماد سان ڀريل. فلم ۾ جينيفر لارنس ڪيٽنس جو ڪردار ادا ڪيو آهي. 

وڪري جي لحاظ کان ڏهاڪي جو هڪ ٻيو ڪامياب ڪتاب “دي هيلپ” آهي، جنهن ۾ ليکڪه هڪ ٻي عورت ڪيٿرين اسٽاڪٽ آهي. ڏهاڪي ۾ ان ناول جون 87 لک ڪاپيون وڪرو ٿيون آهن. ۽ ڄاڻايل ناولن جي ابتڙ ان ڪتاب جي ادبي معيار کي ساراهيو ويو آهي.

عجيب ڳالهه آهي ته ناول ڇپجڻ کان اڳ 60 پبلشرن ان کي رد ڪيو هو، پر ڪيٿرين اسٽاڪٽ همت نه هاري ۽ نيٺ ان کي شايع ڪرائڻ ڪامياب ٿي وئي.

ڪامياب ناول نگار عورت جو سلسلو اڃا به جاري آهي. ڏهاڪي جي پنجين بيسٽ سيلر ڪتابن جو سهرو به هڪ عورت پاولا هاڪنز ڏانهن آهي، جن جو ڪتاب “دي گرل ان دا ٽرين” جون 82 لک ڪاپيون وڪرو ٿيون آهن، ناول جڏهن هٽ ٿي وڃي ته ان تي فلم ڇو نه ٺهي، سو اها ٺهي ۽ اها ڪامياب به وئي.

ڏهاڪي جي بيسٽ سيلر لسٽ تي ڇهين نمبر تي به هڪ عورت ئي آهي.”دي گرل ان دا ٽرين” ڪتاب جي مرڪزي ڪردار جو اندازو ان جي نالي مان ئي لڳائي سگهجي ٿو.

اهو ئي نه بلڪه ستين نمبر تي به عورت ئي آهي، 2012ع ۾ ايندڙ ڪتاب گلين فلن جو ڪتاب “گان گرل” جون 81 لک ڪاپيو وڪرو ٿيون آهن.  2012ع ۾ شايع ٿيندڙ ڪتاب “دي فالٽ ان آر اسٽارز” جون   80 لک ڪاپيون وڪرو ٿيون ۽ اهڙي ريت اهو ڪتاب اٺين نمبر تي رهيو.

“دي گرل ود دي ڊريگن ٽيٽو” 79 لک ڪاپين سان وڪرو ٿي نائين نمبر ۽ “ويرونيڪا روٿ جو ناول” ڊائيورجنٽ”  66 لکن جي ان ۾ وڪرو ٿيو.

**

انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button