ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ويسٽ ٽو انرجي پاليسي: هڪ بهتر اپاءُ

Editorial- Editorial

  پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ توانائي بحران گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان جاري آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو عوام کي پريشانين کي منهن پوي ٿو پر ملڪي معيشت به سخت متاثر ٿئي ٿي ۽ جيڪي به توانائي جا وسيلا عوام کي ميسر آهن، انهن جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي. جڏهن به ڪا حڪومت ايندي آهي ته اها توانائي بحران کي حل ڪرڻ جي دعوى ڪندي آهي پر اهو هڪ اهڙو مسئلو ٿي چڪو آهي، جيڪو ڪابه حڪومت اڃا تائين حل نه ڪري سگهي ٿي. پي ٽي آءِ حڪومت توانائي بحران اڃا به سنگين ڪري ڇڏيو آهي. جنهن هڪ پاسي بجلي جون قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن ته ٻئي پاسي گئس جون قيمتون به آسمان تي پهچائي ڇڏيون آهن. جڏهن ته دنيا ۾ گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان توانائي جا نوان ۽ متبادل ذريعا استعمال ٿي رهيا آهن. سنڌ حڪومت ان حوالي سان هڪ بهتر فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان اڳيان هلي توانائي بحران گهٽ ٿي سگهي ٿو.

 توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جي صدارت ۾ توانائي کاتي جي آفيس ۾ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ويسٽ ٽو انرجي پاليسي 2021 جا حتمي نڪتا طئي ڪيا ويا. اجلاس ۾ سيڪريٽري مڪاني سنڌ نجم شاهه، سيڪريٽري توانائي سنڌ ابوبڪر احمد، مينيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ زبير چنا ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ روزانو 10 هزار ٽن کان وڌيڪ ڪچرو پيدا ٿيندو آهي ۽ ان ڪچري مان تقريبن 200 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي ڪچري کي نيڪال ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ ٻه لينڊ فل سائٽس آهن، هڪ 500 ايڪڙ تي مشتمل جام چاڪرو ۽ ٻي 450 ايڪڙ تي مشتمل گوند پاس آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته في الحال ڪراچي جو ڪچرو جام چاڪرو ۾ اڇلايو ويندو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جام چاڪرو ۾ ڪچري مان بجلي ٺاهڻ ۽ ڪچري مان گيس ٺاهڻ لاءِ ڪجهه معتبر ڪمپنين رابطو ڪيو آهي ۽ شروعات ۾ ئي ڪچري مان 150 ميگا واٽ بجلي ٺاهڻ لاءِ ڪمپنين گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ان موقعي تي وزير توانائي سنڌ امتياز احمد شيخ چيو ته حڪومت جو بنيادي مقصد ڪراچي جي ڪچري کي صاف ڪرڻ آهي ۽ ان ڪچري کي توانائي جي حصول لاءِ استعمال ۾ آڻڻ انتهائي معقول طرز عمل آهي. هن چيو ته ڪچري مان بجلي ٺاهي هڪ طرف اسان شهر جي بجلي جي ضرورتن ۾ اضافو ڪري سگهون ٿا، ٻئي طرف ڪچري کي شفاف توانائي ۾ تبديل ڪري ماحوليات کي بهتر ٺاهڻ ۾ مدد ملندي. وزير توانائي سنڌ امتياز احمد شيخ چيو ته حتمي ويسٽ ٽو انرجي پاليسي 2021ع سنڌ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.

اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ بهتر فيصلو هوندو، جنهن سان ايندڙ وقت ۾ ڪراچي کي ته بجلي ملي سگهندي پر ڪراچي ۾ صفائي به ٿي ويندي ۽ ڪراچي شهر ڪچري کان پاڪ ٿي ويندو. ان منصوبي کي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ شروع ڪيو وڃي ته جيئن اتي به توانائي بحران جو خاتمو ٿي سگهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان رٿا کي جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي ته جيئن عوام جي توانائي بحران مان جان ڇٽي ۽ ڪوشش اها ڪئي وڃي ته ان رٿا ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوتاهي نه ڪئي وڃي.

 پيٽرول اگهه وڌڻ جا امڪان

ڪالهه ملڪ جي وزير اعظم عمران خان قوم کي خطاب ڪيو، جنهن ۾ هن پنهنجون ڪاميابيون ڳڻايون ۽ عوام کي اهو ٻڌايو ته ملڪ ۾ مهانگائي ڇو وڌي وئي آهي. ان کانسواءِ هن اهي وضاحتون پڻ ڏنيون ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي ڪهڙي ريت گهٽ آهي ۽ ڪيئن ملڪ کي سندس حڪومت ترقي ڏياري رهي آهي. هن نه رڳو ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ پيٽرول جي قيمتن جي پاڪستان سان ڀيٽ ڪئي پر اها به دعوا ڪئي ته پاڪستان اڃا به هڪ سستو ترين ملڪ آهي ۽ عوام تي وڌيڪ بار ناهي وڌو ويو بلڪه عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. عمران خان جيڪي انگ اکر پنهنجي خطاب ۾ پيش ڪيا، انهن ۾ هن اهو ذڪر ڪٿي به نه ڪيو ته ٻين ملڪن ۾ عوام جي مالي حالت پاڪستان کان بهتر آهي ۽ اتان جي، جي ڊي پي به ڪافي سٺي حالت ۾ آهي. ان کانسواءِ اتان جي ڪرنسي پاڪستان جي ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط پڻ آهي.

عمران خان پنهنجي خطاب ۾ اهو پڻ چيو ته عوام وڌيڪ مهانگي پيٽرول لاءِ تيار رهي. يعني پي ٽي آءِ حڪومت هڪ ڀيرو وري پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جيڪو گهڻو ڪري ڪجهه ڏينهن ۾لاڳو پڻ ڪيو ويندو. عوام جي مالي حالت هن وقت بنهه گهڻي ڏتڙيل آهي پر حڪومت رڳو وضاحتون ڏيڻ ۾ پوري آهي. عمران خان اها گهر ٿو ڪري ته ملڪ مان لٽيل پئسو واپس آندو وڃي ته ملڪي معيشت بهتر ٿي ويندي. پر کيس به خبر آهي ته اهو ممڪن ڪونهي. ان ڪري هو ڪيترا به زور لڳائي پر اهو پئسو واپس نه اچي سگهندو.

اسين سمجهون ٿا ته عوام وڌيڪ مهانگائي جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي، ان ڪري ان تي رحم ڪيو وڃي ۽ ان کانسواءِ جنهن رليف جي ڳالهه عمران خان ڪري رهيو آهي. اهو حقيقي طور نظر به اچڻ گهرجي. هن وقت ته عوام جي حالت اها آهي جو هو اٽي جو سير به وٺي نٿو سگهي ۽ کنڊ به هاڻ ساشي پيڪ ۾ خريد ڪري رهيو آهي. حڪومت کي جيڪڏهن عوام جي اهنجن جو احساس هجي ها ته اها ماڻهو مار فيصلا نه ڪري ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button