رانديون

ٽي 20 ورلڊ: آسٽريليا ستن اوورن ۾ هدف ماڻي بنگلاديش کي شڪست ڏئي ڇڏي

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ جي اهم مقابلي ۾ بنگلاديش جي ٽيم پهرين کيڏندي 15 اوورن ۾ 73 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. جڏهن تھ بنگلاديش جا شميم حسين 19 ۽ محمد نعيم 17 رنسن سان نمايان رهيا، سندن 7 بيٽسمين تھ ڊبل فگر ۾ بھ نھ اچي سگهيا. آسٽريليا جي زمپا ايڊم 5 وڪيٽون وٺي بنگلاديشي بيٽنگ لائن تباهه ڪري ڇڏي، مچل اسٽارڪ ۽ جوش هيزل ووڊ 2،2 رانديگر آئوٽ ڪيا ۽ گلين ميڪسويل بھ هڪ وڪيٽ ورتي. بنگلاديش خلاف 74 رنسن جو هدف آسٽريليا جي ٽيم ستين اوور ۾ حاصل ڪيو ۽ سندن رڳو بيٽسمين آئوٽ ٿيا. ايرون فنچ 40 رنسن سان نمايان رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button