پاڪستانسنڌ

وزيراعظم جو 30 سيڪڙو سبسڊي وارو اعلان قوم سان دوکو آهي: اسماعيل راهو

ڪراچي: سنڌ حڪومت وزيراعظم جي قوم سان ڪيل خطاب کي مايوس ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو، يونيورسٽيز ۽ بورڊ واري صوبائي وزير اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو دال، گيهه ۽ اٽي لا اعلان ڪيل سبسڊي پيڪيج جعلي هو، سليڪٽڊ جو پيڪيج به سليڪٽڊ هو، پيڪيج ۾ سنڌ ۽ بلوچستان شامل ئي ناهن، عمران خان کي خبر آهي ته هاڻ عوام کيس برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هاڻي رليف پيڪيج جو لولي پاپ نه هلندو.

اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته هڪ طرف قوم کي جعلي سبسڊي پيڪيج جي خوشخبري ٻڌائي وئي ته ٻئي پاسي پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو جهٽڪو ڏنو ويو، وزيراعظم جي قوم سان ڪيل خطاب کان فورن بعد يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿي ويون، وزيراعظم جو گيهه، اٽي ۽ دال تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ وارو اعلان قوم سان دوکو آهي.

صوبائي وزير چيو ته عمران خان اهو نه ٻڌايو ته عوام دال، گيهه ۽ اٽو سبسڊي تي ڪهڙي دڪان تان خريد ڪندو؟، وزيراعظم قوم کي خطاب ۾ ڪوڙو اعلان ته ڪري ويو پر ان اهو نه ٻڌايو ته اها سبسڊي عوام کي ڪڏهن ملندي؟.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button