پاڪستانسنڌ

پ پ قيادت تي الزامن جي نوعيت تبديل ٿيندي رهي آهي: شازيا مري

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت تي وقت بوقت الزامن جي نوعيت تبديل ٿيندي رهي آهي، پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف ڪڏهن ڪفر جي فتويٰ ته وري ڪڏهن ملڪ ٽوڙڻ جي تھمت لڳائي وئي.

اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن ڪالهه پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي، شازيا مري چيو ته پيپلزپارٽي خلاف ڪفر جي فتوى ۽ غداري جي الزامن کانپو ڪرپشن جا الزام مڙھيا ويا آهن، جڏهن ته عام چونڊن ۾ پ پ جو رستو روڪي قوم جو مستقبل اونداهو ڪيو ويو آهي.

ھن چيو ته پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين منصوبو بند ڪرڻ سبب بجلي ۽ گيس مهانگي ٿي آهي، شازيه مري حڪومت کان سوال ڪندي چيو ته اوهان جي دشمني صدر آصف علي زرداري سان هئي يا ملڪ سان ھئي، جنهن ڪارڻ پاڪستان ۽ ايران گيس پائٔيپ لائٔن منصوبو بند ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button