سنڌ

فريدآباد ۾ احساس ڪفالت سيٽر تي ٿيندڙ ڪٽوتي خلاف احتجاجي مظاهرو

فريدآباد: احساس ڪفالت سيٽر فريدآباد جي ايجنٽ مافيا ۽ ڊوائيس ھولڊرن پاران ڌاڙو بند نه ٿي سگهيو، في ڪارڊ تي 1500 کان 2000 هزار رپيا ڪٽوتي برقرار آهي.

ايجنٽ مافيا جي ان عمل خلاف عنايت چانڊيو، علي عباس چنه، بھادر تيوڻو، علي حسن چانڊيو، غلام حيدر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فريدآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته احساس ڪفالت سينٽر بي احساس ايجنٽن ۽ ڊوائيس ھولڊرن حوالي ٿيل آهي، جيڪي سرعام پوليس سرپرستي ۾ عورتن جي حقن تي ڌاڙو ھڻي رھيا آھن، هنن گهر ڪئي ته فريدآباد احساس ڪفالت سينٽر ۾ عورتن جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙي جو نوٽيس وٺي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button