سنڌ

دادو ۾ بااثر ڏيرن خلاف عورت جو اولاد سميت احتجاج

دادو: دادو جي ڳوٺ دائم خان برهماڻي جي رهواسڻ راڻي برهماڻي ٻن پٽن اسلم، سليم ۽ ڌي سيما سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. عورت دانهيو ته ڏيرن غلام قادر ۽ بشير برهماڻي گهر ۽ هڪ ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته گهر خالي ڪري وڃو ٻي صورت ۾ اولاد کي جاني نقصان پهچائينداسين.

هن چيو ته ڏيرن خلاف خداآباد ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، پوليس بااثر ڏيرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري، هن مطالبو ڪيو ته ڏيرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button