پاڪستانپنجاب

ٽي ايل پي مان ڪالعدم جو لفظ هٽائڻ جي سمري منظور

لاهور: پنجاب ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان مان ڪالعدم جو لفظ هٽائڻ جي سمري منظور ڪري ورتي. ذريعن موجب پنجاب جي گهرو کاتي وڏي وزير عثمان بوزدار جي منظوري کانپوءِ سمري ڪابينا ميمبرن کي سرڪلر ذريعي موڪلي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت سمري جي منظوري کانپوءِ هاڻ وفاق کي ٽي ايل پي تان پابندي هٽائڻ جي سفارش ڪندي. ذريعن موجب سمري جي حق ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 وزيرن جي حمايت گهربل هئي، وزيرن جي گهربل انگ سرڪوليشن سمري تي پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏني. پنجاب ڪابينا جون تحريري سفارشون ملڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت ايندڙ قدم کڻندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button