پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل، کنڊ 150 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي

اسلام آباد: سمورن حڪومتي قدمن باوجود ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت لڳاتار وڌي رهي آهي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ في ڪلو کنڊ 150 رپين تائين پهچي وئي آهي. پشاور جي هول سيل مارڪيٽ ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت ۾ 8 رپيا واڌ ٿي وئي آهي. شگر ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر موجب هول سيل ۾ کنڊ 140 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته کنڊ جي ريٽيل قيمت 145 کان 150 رپيا في ڪلو تائين ٿي وئي آهي.ڪراچي ۾ کنڊ جي ايڪس مل قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي اچي وئي ۽ کنڊ جي ايڪس مل قيمت 136 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي. گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ کنڊ جي ايڪس مل قيمت 130 رپيا ڪلو هئي، ٻن هفتن ۾ کنڊ جي ايڪس مل قيمت 38 رپيا في ڪلو وڌي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button