پاڪستانغير درجه بندي

اپوزيشن ليڊر سان هٿ ملائڻ جو مطلب ڪرپشن قبول ڪرڻ آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي ٻن خاندانن سان ذاتي ويڙهه ناهي، انهن سان دوستي هوندي هئي. هڪ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سڀ چون ٿا ته توهان ٻن وڏن خاندانن جي پويان پيل آهيو، ٻن خاندانن سان ذاتي ويڙهه ناهي، انهن سان دوستي هوندي هئي. هن چيو ته ٻه چئلينج آهن، هڪ چئلينج آهي ته اسان ڪرپشن کي قبول ڪريون، مون کي چوندا آهن ته اپوزيشن ليڊر سان هٿ نه ملايو، ان تي اربين رپين جي ڪرپشن جا الزام آهن، اپوزيشن ليڊر سان هٿ ملائڻ جو مطلب ڪرپشن کي قبول ڪرڻ آهي.هن چيو ته موبائل فون جي چئلينج سان معاشري ۾ وڏي تبديلي اچي رهي آهي، ٻارن سان زيادتيون وڌيون، زينب ڪيس سامهون آيو، عورتن سان زيادتين جا ڪيس آهن پر انهن تي هاڻ ڳالهه ناهي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button