پاڪستانسنڌ

ٻن خاندانن بدران نيازي پنهنجن جڳاڙين کان پيسا وصول ڪري: سعيد غني

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وزيراعظم جي خطاب کي گھرو وزير ۽ باقي وفاقي وزيرن ٽي ايل پي سان ٿيل معاهدي سان جوڙيو هو ۽ چيو هو ته ان حوالي سان وزيراعظم قوم سان خطاب ڪندو ۽ ان معاهدي بابت ٻڌائيندو پر وزيراعظم جنهن کي اسان هميشه نالائق، نااهل ۽ سليڪٽيڊ چوندا آهيون ان معاهدي جي ته نه پر پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيڻ ۽ گيس جي بحران جي خوشخبري عوام کي ڏني.

هن چيو ته في ڪس 5 روپيا سبسڊي جو لالي پاپ ڏئي وڌيڪ مهانگائي جي نويد به ٻڌائي. هن چيو ته ٻن خاندانن بدران عمران نيازي پنهنجي بين الاقوامي جڳاڙين کان جيڪي سندس ٻنهي پاسن ۾ موجود آهن ۽ جن 3 سالن جي دوران عوام جي کيسن مان اربين روپيا ڪڍيا آهن انهن کان پيسا وصول ڪري.

هن چيو ته عمران نيازي ۽ ان جا نااهل وزير ٻين ملڪن جي نسبت پيٽرول جا اگھه گھٽ هجڻ جي ڳالھه ڪندا آهن ته هو انهن ملڪن جي معيشت ۽ حالتن کي به ڏسن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button