سنڌ

دادو لڳ پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي

دادو: دادو ڀرسان ڳوٺ ڪنڊو خان لنڊ ۾ ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ ڏنڊا ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻه عورتون ۽ ٻه مرد زخمي ٿي پيا.

زخمين غلام محمد لنڊ، منٺار لنڊ، مسمات مومل لنڊ، مسمات عظيمان لنڊ کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو، متاثر ڌر دانهيو ته با اثر جوابدارن ڌڻي بخش، علي گل، لعل بخش لنڊ ۽ ٻيا پلاٽ تي قبضو ڪرڻ ٿا چاهين ٿا، جن حملو ڪري زخمي ڪيو آهي.

حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button