پاڪستان

ريلوي ايراضي تان غيرقانوني اڏاوتون ڊاٺيون پيون وڃن:قائمه ڪميٽي

قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي ريلوي کوکرا پار ۽ زيرو پوائنٽ جو دورو ڪري واپس حيدرآباد ريلوي اسٽيشن پهتي، جتي قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي ريلوي جي چيئرمين معين وٽو ۽ ميمبرز ميڊيا بريفنگ بعد ڪراچي روانا ٿي ويا. ريلوي اسٽيشن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيئرمين منظور وٽو چيو ته ڪميٽي جي ڪوشش آهي ته کوکرا پار تائين ٻنهي پاسي جي ريلوي ٽريڪن جو تفصيلي جائزو ورتو آهي. سي پيڪ ۾ به ريلوي کي متعارف ڪرايو آهي. جلد سي پيڪ تحت ايم ايل ون منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو. ڄاڻايل منصوبو ساڍا 8 سالن جي عرصي ۾ مڪمل ٿيندو. ايم ايل ون ٻن ملڪن جو منصوبو آهي، جنهن جي آغاز لاءِ سمورا مرحلا مڪمل ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ڄاڻايل منصوبي جي لاڳت فڪس ٿيل آهي. هاڻي ان ۾ ڪو اضافو نه ٿيندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ريلوي ايراضي تان غيرقانوني اڏاوتون ڊاٺيون پيون وڃن. ڪميٽي به چاهي ٿي ته ريلوي ايراضي تي قائم غيرقانوني حددخليون ڊاهڻ لاءِ اثرائتو آپريشن ڪيو وڃي. ان موقعي تي ايم اين اي صابر قائمخاني، ايم پي اي نديم صديقي، ايم پي اي راشد خلجي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button