سنڌ

بلڙي شاهه ڪريم ۾ ايس ٽي پي جي مهانگائي ۽ ٻين مسئلن خلاف ريلي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر اقبال حاجاڻو، سارنگ شاهه، سليم ميمڻ، جمن سمون، نواز سمون، بچل سٺيو، حڪيم کوڏيو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن بلڙي شاهه ڪريم شھر ۾ ريلي ڪڍي شھيد بلو پنھور چوڪ تي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ مھانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني وڌي وئي آهي، جنھن ڪري عوام سخت پريشان آهي، ان جا ذّميوار پ پ حڪومت جا چونڊيل نمائيندا آھن، جيڪي 15 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪن پيا ۽ وري عوام کي بيوقوف بنائي مظاھرا ڪري رهيا آهن. اڳواڻن چيو تـه پنجاب ۾ اٽو پنجاهه رپيا في ڪلو وڪرو ٿئي پيو، ھتي سنڌ گورنمينٽ ھٿرادو مھانگائي ڪري سنڌ جي ماڻھن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي. هنن چيو تـ ناظم جوکيو جي قتل مان سنڌ حڪومت ۽ پ پ قيادت جي پت وائکي ٿي وئي آھي. بلڙي شاهه ڪريم تعلقو پڻ انيڪ مسئلن جي ور چڙھي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button