سنڌ

ڪراچي ۽ ڀرپاسي جي ضلعن ۾ زلزلي جا جهٽڪا،ماڻهن ۾ خوف

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 4 ڏهائي شدت جو زلزلو آيو، جنهن سبب شهري گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. تفصيل موجب ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ٺٽو، بدين، سجاول، چوهڙ جمالي، ميرپوربٺورو، جاتي ۽ ٻين سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا آيا. زلزلي جي شدت 4 ڏهائي 8 ۽ اونهائي 17 ڪلوميٽر هئي، زلزلي جو مرڪز بدين کان 50 ڪلوميٽر پري ڏکڻ اولهه هو، جنهنڪري خوف کان ماڻهو دڪانن ۽ گهرن مان نڪري آيا. موسميات کاتي مطابق ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن ۾ نيوچالي، پاڪستان چوڪ سميت لاڳاپيل علائقا شامل هئا. ياد رهي ته آگسٽ ۾ ڪراچي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا. زلزلي جو زور 3 ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪيو ويو هو. جڏهن ته مرڪز ڪراچي کان 72 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ هو، 3 ڏهائي هڪ شدت جو زلزلو معمولي نوعيت جو هوندو آهي، جنهن سان ڪنهن به قسم جي نقصان جو خطرو ناهيئ جڏهن ته زلزلي سان ڪنهن قسم جي جاني ۽ مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button