سنڌ

نوجوان ناظم جوکيو جو قتل درندگي ۽ دھشتگردي آھي:اياز لطيف پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي سنڌي وڏيرن ۽ سردارن سان مخاطب ٿيندي چيو آھي ته عزت پيسن، پڳن، دٻدٻن، لقبن ۾ نه، ڪردار، دليري ۽ قومي غيرت ۾ آھي. ڌارين شڪارين جا دلال بڻجي پنھنجا ڳڀرو نوجوان مارائي اوھان جعفر، صادق، نائون مل ۽ چنيسر جا ساٿاري بڻيا آھيو. اياز لطيف پليجي چيو ته نوجوان ناظم جوکيو جو قتل درندگي ۽ دھشتگردي آھي، نوجوان ناظم معصوم پکين جي شڪار خلاف ھو. ھن عرب شڪارين کي پکين کي قتل ڪرڻ کان روڪيو، ان ڏوهه ۾ درندن کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. نوجوان جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. ھن چيو ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ناھي. آئين ۽ قانون کي طاقت جي زور تي لتاڙيو پيو وڃي. جرڳائي نظام کي مضبوط ڪري لاقانونيت ۽ دھشتگردي جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪو به قانون کان مٿانھون ناھي. مقتول نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪا نئين يونيورسٽي قائم ناھي ٿي. ميريٽ کي لتاڙي سفارش ۽ رشوت جي بازار گرم ڪئي وئي آھي. بيروزگاري، بک ۽ بدحالي سبب خودڪشين جا واقعا وڌي ويا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button