پاڪستانسنڌ

ايندڙ چونڊن ۾ صوبائي حڪومت به پ پ وٽ نه هوندي:شاهه محمود قريشي

پرڏيهي وزير شاهھ محمود قريشي چيو آھي ته هتي ھر ماڻھو کي مذھبي آزادي حاصل آھي، هر ماڻھو بنا روڪ ٽوڪ جي پنهنجا مذھبي ڏينهن ۽ عقيدا ملهائي سگهي ٿو. اسان مٺي ۾ ھندو ڀائرن سان ديوالي جو ڏينهن گڏجي ملهائي رهيا آھيون. پر پاڙيسري ملڪ ۾ مسلمان عيدون، ميلاتا ۽ محرم جا ڏينهن آزادي سان نٿا ملهائي سگهن. ٿر ۾ ديوالي ملهائڻ ان ڪري آيو آھيان ته پاڙيسري ملڪ کي پيغام ڏئي سگهان ته اسان جي ملڪ ۾ اقليتن کي ملڪ جي قانون ۽ آئين مطابق سمورا حق مليل آھن. آئون هندو برادري کي هر ممڪن ساٿ ۽ سندن حقن جي مڪمل تحفظ جو يقين ڏيارڻ به آيو آھيان.

مٺي جي هائي اسڪول گرائونڊ تي ڏياري جي ڏڻ تي وڪيل لجپت سوراڻي جي دعوت تي ڪوٺايل تحريڪ انصاف جي جلسي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ اندر وڏي تبديلي نظر اچي رهي آھي، ايندڙ چونڊن ۾ صوبائي حڪومت به پ پ وٽ نه هوندي. هن چيو ته اسان ڪڏهن به انتقام جي سياست نه ڪئي آھي نه وري اهڙي سياست تي يقين رکون ٿا پر پ پ جي سنڌ سرڪار سمورا وسيلا سياسي مخالفن کي هيسائڻ تي استعمال ڪري رهي آھي. هن چيو ته سنڌ مان پ پ جي تڏا ويڙھه به ڪو مشڪل ڪم ناهي، اهو به ممڪن بنائي ڏيکارينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button