پاڪستانسنڌ

پي آءِ اي 9 مهينن ۾ 42 ارب رپين کان وڌيڪ خساري جو شڪار

ڪراچي: ڪرونا وائرس سبب هلندڙ سال پي آءِ اي کي وڏو ڌڪ لڳو آهي، قومي ايئر لائن کي اربين رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي. ايڪسپريس نيوز موجب پي آءِ اي جي سال 2021 جي ٽئين ٽه ماهي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ادارو پهرين 9 مهينن ۾ 42 ارب رپين کان وڌيڪ خساري جو شڪار ٿيو، سيپٽمبر جي ٽن مهينن ۾ 10 ڏهائي 59 ارب رپين جو خسارو رهيو.

رپورٽ موجب ٽئين ٽه ماهي ۾ پي آءِ اي جو آپريٽنگ خسارو 17 ڏهائي 56 ارب روپيا رهيو، ٻئين اپريل کان جون تائين خسارو معمول تي اچڻ وارو اندازو غلط ثابت ٿي، رپورٽ موجب ڪرونا جي چوٿين لهر سبب ڪيترن ئي ملڪن اڏامون بند ڪري ڇڏيون آهن، حج ۽ عمره سيزن شروع نه ٿيڻ سبب پي آءِ اي کي نقصان ٿيو، ڪرونا پابندي سان به نقصان ٿيو، حڪومت طرفان گهريلو سطح تي ويڪسينيشن کانسواءِ سفر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي.

جنهن ڪري گهربل تعداد کان گهٽ مسافرن هوائي سفر کي ترجيح ڏني. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪرونا سبب پي آءِ اي کي هلائڻ اڃا به مشڪل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button