سنڌ

هر ضلعي ۾ ايس آئي يو ٽي جي سهولت فراهم ڪنداسين:بلاول ڀٽو

چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۾ ايس آ يو ٽي جي نئين بلڊنگ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو سان گڏ وڏو وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذره پيچوهو، سهيل انور سيال، اعجاز جکراڻي سميت ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي ڊاڪٽر اديب رضوي جو پيغام پڙهي ٻڌايو ويو، جنهن ۾ هن چيو ته منهنجي دل ۽ دعائون توهان سان گڏ آهن، ائين سمهجو ته مان اتي توهان وٽ ئي موجود آهيان. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ گردن جي مريضن لا علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جو سٺو سنوڻ آهي. ايس آ يو ٽي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته مان ايس آ يو ٽي ٽيم جو شڪر گذار آهيان ۽ مان بحيثيت لاڙڪاڻي واسي گهڻو خوش ٿيو آهيان ته لاڙڪاڻي ۾ ايس آ يو ٽي ۾ گردن جي مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون مليون آهن، بلاول چيو ته ڊاڪٽر اديب جي زندگي جي محنت جي نتيجي ۾ ايس آ يو ٽي جون سهولتون ملڻ هڪ تحفو آهي. ايماندار ۽ سٺن ماڻهن سان حڪومت جو تعاون رکڻ سٺي روايت آهي جنهن سان عوام کي وڌيڪ سهولتون ملنديون، جنهن جو ثبوت ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ ايس آ يو ٽي اسپتال آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ 10 سينٽر، سکر کانپو لاڙڪاڻي ۾ علاج جون سهولتون مليون آهن ۽ ان شا الله سنڌ جي هر ضلعي ۾ ايس آ يو ٽي جي مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته هن دجالي دور ۾ ڪرائي ۽ خرچ کي برداشت ڪرڻ به تمام ڏکيو آهي، اتي علاج جون مفت سهولت هڪ نعمت آهي، غريب شهرين لا پيپلزپارٽي اها واحد پارٽي آهي جنهن صحت جون مفت سهولتون فراهم ڪيون آهن. جڏهن ته مهانگو ترين دل جي علاج لا پڻ لاڙڪاڻي ۾ سهولتون مليل آهن ۽ مفت هارٽ سرجري جون لاڙڪاڻي ۾ سهولتون مليل آهن جيڪي هر ضلعي ۾ پهچائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button