سنڌ

بلاول ڀٽو هندو برادري سان ڏياري ملهائي

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جو هندو ڌرم شالا لاڙڪاڻو پهچڻ تي ڊاڪٽر ڌرمپال پوهنواني، نول راکٽيار، هريش ڪمار، ڊاڪٽر صدام چند، اجيت ڪمار، نانڪ رام بجاج، ڊاڪٽر ولي رام، جئه گل سميت ٻين آڌر ڀاءُ ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو هندو برادري کي ڏياري جون مبارڪون ڏنيون. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته اسان سڀ هڪ آهيون تنهن ڪري اسان کي هڪٻئي جو خيال رکڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جو مالڪ هڪ آهي ۽ هر شهري کي برابري جو درجو ۽ برابري جو موقعو ملڻ گهرجي، اهو معاشي سطح تي هجي يا سياسي سطح تي هجي. هن چيو ته هندو برادري سان گڏ ڏياري جي خوشين ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي لا وڏو اعزاز آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button