سنڌ

وارهه ۾ عورت جو والدين سان گڏ بااثر ماڻهن خلاف احتجاج

وارهه ۾ لطيف ڪالوني جي رهواسڻ صنم گاڏهي پنهنجي ما ۽ پي سان گڏ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. صنم گاڏهي دانهيندي چيو ته ڪافي سال اڳ لالو رائنڪ واسي دربان چانڊيو اسان جي ڀيڻ جو رشتو گهريو هو، اسان رشتي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، هن وقت هو ۽ سندس ويجها مائٽ اسان کي ڌمڪائي رهيا آھن، جنهن ڪري منهنجا والدين، منهنجي ڀيڻ ۽ گهرڀاتي سخت پريشان آھن. اهڙي صورتحال بعد اسان ميڊيا کي پنهنجو سهارو سمجهي قانون ۽ عدالتن کان انصاف جي گهر ٿا ڪريون ته اسان جي جان آجي ڪرائي وڃي. هن چيو ته اسان علائقي جي نيڪ مردن کي به دانهون ڏئي چڪا آھيون پر ڪنهن به تدارڪ نه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button