ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪامريڊ جوزف اسٽالن: سياسي پروفائيل-III

Editorial-Article- Yameen Jatoi

لينن جي لاڏاڻي کان پوءِ اسٽالن پنهنجي نظرياتي جدوجهد جو آغاز ٽراٽسڪي ۽ ان جي پوئلڳن خلاف نظرياتي ۽ عملي ويڙهه جي شڪل ۾ ڪيو، جيڪي پهرئين دائري ۾ سوويت ڪميونسٽ پارٽيءَ اندر پيٽي بورجوا انقلابيت جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. ٽراٽسڪائيٽن اهو نٿي مڃيو ته، هڪ ملڪ ۾ سوشلزم جي تعمير ممڪن آهي. يعني جيستائين عالمي سطح تي خاص طور اولهه ۾ سوشلسٽ انقلاب نٿو اچي، سوويت يونين ۾ سوشلزم جي تعمير ممڪن نه آهي ۽ هنن هڪ ملڪ ۾ سوشلزم واري ٿيوريءَ کي اسٽالن جي ذهن جي پيداوار قرار ڏيندي اها پروپيگنڊا شروع ڪئي ۽ ڪندا ٿا رهن ته، لينن سوويت يونين ۾ سوشلزم جي اڏاوت يعني هڪ ملڪ ۾ سوشلزم جي ڳالهه ناهي ڪئي. جڏهن ته لينن هڪ ملڪ ۾ سوشلزم جي امڪان جي وضاحت هيئن ڪري ٿو: “غير متوازن معاشي ۽ سياسي اوسر سرمائيداريءَ جو مطلق قانون آهي، تنهنڪري هاڻي سوشلزم جي فحتيابي ڪيترن ئي ملڪن، ايتريقدر جو واحد هڪ ملڪ ۾ به ممڪن آهي.” (لينن: چونڊ لکڻيون، جلد پنجون، صفحو 144)
هڪ ٻي اهم ڳالهه به ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي ته، آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ يورپ اندر انقلابن جا جيڪي امڪان سگهارا ٿيڻ لڳا، 1923ع تائين اها لهر رد-انقلاب ۾ تبديل ٿي وئي، يعني لينن جي حياتي ۾ ئي اهي انقلاب ناڪام ٿيا. تنهنڪري، تاريخ سوويت قيادت آڏو هڪ ملڪ ۾ سوشلزم کانسواءِ ٻي ڪا به چونڊ نه ڇڏي. اهو ئي سبب هو جو سوويت رياست جو سڄو توجهه سوويت يونين ۾ سوشلزم جي تعمير تي ئي رهيو. ٿلهي ليکي، هڪ ملڪ ۾ سوشلزم اسٽالن نه پر لينن جو خيال هو ۽ اسٽالن لينن جي سچي شاگرد جي حيثيت ۾ پنهنجي استاد جي ان خيال کي هڪ طاقتور تاريخي حقيقت ۾ تبديل ڪيو.
ٽراٽسڪي مارڪس جي مستقل انقلاب جي نظريي کي مسخ ڪيو، جيڪو قول ۾ مها انقلابي ۽ عمل ۾ سرمائيداريءَ آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي ٻڌل هو.
اسٽالن سوال اٿاري ٿو: “ٽراٽسڪي ازم جو جوهر ڇا آهي؟” ان جو جواب ڏيندي چئي ٿو: “ٽراٽسڪي ازم جو جوهر سڀ کان پهرين پورهيت ۽ هاري طبقي جي ڪوشش سان سوويت يونين ۾ سوشلزم جي مڪمل تعمير جي امڪان جي نفي آهي. ان جو مطلب ڇا آهي؟ ان جو مطلب اهو آهي ته، جيڪڏهن ويجهي مستقبل ۾ اسان جي سهائتا سان عالمي سطح تي انقلاب سوڀارو نٿو ٿئي، اسان کي بورجوازيءَ اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن ۽ بورجوا ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ لاءِ رستو صاف ڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ ريت اسان وٽ هتي عالمي انقلاب جي فتح بابت انقلابي لفاظيءَ جي لبادي ۾ هڪ ملڪ ۾ سوشلزم جي مڪمل اڏاوت جي امڪان جي بورجوا نفي موجود آهي.” (ڪل لکڻيون، جلد 12)
اسٽالن وڌيڪ لکي ٿو: “ٽراٽسڪي ازم جو جوهر عوام الناس جي اهم حصي هاري طبقي جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ سوشلسٽ تعمير جي ڪردار جي امڪان جي نفي آهي. ان جو مطلب ڇا آهي؟ ان جو مطلب اهو آهي ته پورهيت طبقو ان جي اهل ئي ناهي ته، هاري طبقي جي انفرادي زرعي فارمن مان اجتماعي زرعي فارمن ۾ منتقليءَ جي سلسلي ۾ رهنمائي ڪري سگهي، جيستائين ويجهي مستقبل ۾ پورهيت طبقي جي سهائتا سان عالمي انقلاب فتحياب نٿو ٿئي، هاري طبقو پراڻي بورجوا نظام کي بحال ڪري ڇڏيندو.” (ساڳو)
بعد وارن ڏهاڙن ٽراٽسڪيءَ جي ان پوزيشن کي غلط ثابت ڪيو.
ٽراٽسڪائيٽن، جنهن وقت پهرين عالمي جنگ ۽ 1917ع ۾ آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس وغيره جي اڳواڻيءَ ۾ عالمي سامراج جي سڌي فوجي مداخلت ۽ انقلاب مخالف قوتن پاران شروع ڪيل رجعتي رد انقلابي گهرو ويڙهه کان پوءِ تباهه ٿيل روسي سماج جي نئين سر اڏاوت جو سلسلو جاري هو، ان نقطه نظر تي ٻڌل انڌاڌنڌ ۽ مهم جو پاليسين جي ڀرمار لائي ڏني. ايتري تائين جو هنن هاري طبقي کي داءَ تي لڳائي نام نهاد Super Industrialization جي پاليسي به پيش ڪئي، جنهن عمل سان يقينن هاري طبقي جي تباهي ۽ هاري-پورهيت طبقن جي اتحاد ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿيڻ اڻٽر هو! ساڳي وقت ٽراٽسڪي اهو به دليل ڏنو ته، ماليات ۽ صنعتڪاريءَ بابت ٽيڪنالاجيءَ جي حصول لاءِ پرڏيهي سرمائي کي رعايتون ڏنيون وڃن. بعد ۾ هن رائيٽ موقعي پرستن ۾ شامل ٿي، زراعت جي اجتماعيت ڪاري ۽ سوشلسٽ صنعتڪاريءَ تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي.
فيڪشنلسٽ ٽراٽسڪي صرف پارٽي قيادت جي حملن، گروهن کي هٿي ڏيڻ ۽ پارٽيءَ اندر گروهن جي واڌ ويجهه لاءِ جواز پيدا ڪرڻ وارين ٿيورين کي اڳتي وڌائڻ جي سلسلي ۾ سمورين مخالف قوتن سان گڏجي ڪيترائي بي اصول ۽ رد انقلابي بلاڪ جوائن ڪيا. ٽراٽسڪيءَ جي ان فرقيواراڻي ۽ ڌڙي بند ذهنيت بابت اسٽالن چوي ٿو: “ٽراٽسڪي ازم جو جوهر پارٽيءَ اندر سخت نظم ضبط جي نفي ڪرڻ، پارٽيءَ اندر ڌڙي بنديءَ جي تسليميءَ جي آزاديءَ ۽ ٽراٽسڪيئسٽ پارٽيءَ جي جوڙجڪ جي قبوليت جي ضرورت آهي. ٽراٽسڪي ازم موجب ڪميونسٽ پارٽي آف سوويت يونين (بالشيوڪ) هڪ واحد متحد ويڙهاڪ پارٽي نه هئڻ گهرجي. پر گروهن ۽ ٽولن جو اهڙو ميڙ هئڻ گهرجي، جنهن مان هر گروهه ۽ ٽولي کي بذات خود پنهنجو مرڪز، نظم ۽ ضبط ۽ پنهنجي پريس وغيره هئڻ گهرجي. ان جو مطلب ڇا آهي؟ ان جو مطلب پارٽيءَ اندر سياسي گروهن جي آزاديءَ جو اعلان ڪرڻ آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته، پارٽيءَ اندر سياسي گروپ بنديءَ جي آزاديءَ کي ملڪ اندر سياسي پارٽين جي آزاديءَ تحت هلڻ گهرجي. يعني سرمائيدار طبقي جي جمهوريت (Bourgeois Democracy) تحت. دانشورن جي گروپن جي گروهي بڪواس ۽ فضول جهيڙو پارٽيءَ اندر جمهوريت ناهي، پر اها پارٽي ۽ پارٽي ميمبرشپ جي اهتمام هيٺ عظيم الشان عوامي سرگرمي ئي حقيقي ۽ اصل پارٽيءَ اندر جمهوريت آهي، جنهن کي ٽراٽسڪي ازم سمجهي نٿو سگهي.” (ساڳو)
ٽراٽسڪي ازم جي جوهر جون اهي ٽي خاصيتون بيان ڪرڻ کان پوءِ اسٽالن سوال اٿاري ٿو: “پارٽيءَ بابت اهڙو رايو رکندي پارٽي اندر لوهي نظم ضبط ۽ پارٽيءَ جي مضبوط اتحاد، جيڪو طبقاتي دشمنن خلاف ڪامياب جدوجهد لاءِ ضروري آهي، جي ضمانت ڏيڻ ممڪن آهي؟ ظاهر آهي ته نه.” (ساڳو)
هو وڌيڪ لکي ٿو: “تنهنڪري نتيجو هيءُ ٿو نڪري ته: پارٽي جي مضبوط اتحاد ۽ ان ۾ پرولتاري نظم ضبط جي ضمانت ڏيڻ لاءِ اهو ضروري هو ته سڀ کان پهرين تنظيم جي ٽراٽسڪيئسٽ نظرئي کي دفن ڪري ڇڏجي.” (ساڳو)
اسٽالن ٽراٽسڪي ازم جي جوهر جي ٻٽي فطرت بيان ڪندي چيو ته اهو مواد ۾ شڪست يا هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ شڪل ۾ “کاٻي ڌر” جي لفاظي ۽ “انقلابي” مهم جو رويي تي ٻڌل آهي. ٽراٽسڪي ازم جي اهڙي ٻيائي (Duality) جو پاڙون دراصل شهري پيٽي بورجوازيءَ جي ٻيائيءَ ۾ کتل هيون. جيئن اسٽالن چئي ٿو: “ٽراٽسڪي ازم جي ٻيائي شهري پيٽي بورجوازيءَ جي پوزيشن جي ٻيائيءَ جو اولڙو آهي، جيڪا برباد ڪئي پئي وڃي، پرولتاري آمريت جي “طرز سرڪار” کي برداشت نه پئي ڪري سگهي، ۽ برباد ٿيڻ کان بچڻ لاءِ يا ته “هڪ ڌڪ سان” سوشلزم ۾ ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي (تنهنڪري ئي مهم جوئي ۽ پاڳل پڻي واري پاليسي اٿس) يا، جيڪڏهن هيءُ ناممڪن آهي، ته سرمائيداريءَ کي هر قابل فهم رعايت ڏيئي ٿي. (تنهنڪري ئي هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري پاليسي اٿس.) (ساڳو)
ٽراٽسڪي ازم جي شڪست سوشلزم جي تعمير جي سلسلي ۾ فيصلاڪن هئي، جيئن اسٽالن چيو ته، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته، اسان جي پارٽيءَ اندر ليفٽ انحراف جي سوڀ پورهيت طبقي کي سندس هاري بنياد، پورهيت طبقي جي وينگارڊ کي محنت ڪش عوام کان ڌار ۽ اهڙيءَ طرح پورهيت طبقي جي شڪست ۽ سرمائيداريءَ جي بحاليءَ لاءِ آسان حالتون پيدا ڪري ڇڏي ها.
سوويت ڪميونسٽ پارٽيءَ اندر پنهنجي شڪست کان پوءِ ٽراٽسڪائيٽ سوويت يونين ۾ سوشلزم کي سبوتاز ڪرڻ ۽ ان تي الزام تراشيون ڪرڻ لاءِ عالمي سرمائيدار سامراجي قوتن سان گڏجي ويا ۽ اڄ تائين اهو ساڳو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پر لينن ۽ اسٽالن جو جيڪو نظرياتي ۽ انقلابي ورثو آهي، اهو سندن اڄ تائين پيڇو ڪندو رهي ٿو.
بهرحال، اسٽالن جي قيادت ۾ سوويت يونين جي مزدورن ۽ هارين سوشلسٽ سماج اڏيو. ٻي عالمي جنگ ۾ فاشزم کي شڪست ڏئي دنيا کي نازي بگهڙن جي قبضي کان بچايو. 5 مارچ 1953ع تي پنهنجي لاڏاڻي وقت اسٽالن جيڪا سوويت يونين ڇڏي ويو، ان بعد ۾ پهريون انسان خلا ۾ موڪلي انسانذات جا خلا جي دنيا جي رازن کي پروڙڻ جا بنياد وجهي ڇڏيا.
)پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button