ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊسمبر جا گلاب: هڪ آتم ڪٿا-II

Editorial-Article- Rauf Nizamani

ٻيو ڀيرو 1965 جي پاڪ ڀارت جنگ دوران اهي ٻيئي هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيا. سندس چوڻ آهي ته بي بي سي پاران اتي ڀٽو جي تقرير کي گڏيل قومن جي تاريخ ۾ ڪيل بهترين تقرير قرار ڏنو ويو پر هن ان سان اتفاق نه ٿي ڪيو. سندس ليکي اها رڳو لفاظي ۽ جذباتيت هئي ۽ ان ۾ ڪا عقل ۽ دانش جي ڳالهه نه هئي. ليکڪ ڀٽو متعلق لوڪ سڀا ۾ ٿيل هڪ ٻحث جو به حوالو ڏئي ٿو جنهن ۾ ڀٽو ڀارتي حڪومت کي چيو هو ته ڀارت ۾ سندس جن ملڪيتن کي متروڪه قرار ڏيئي ضبط ڪيو ويو هو انهن کي واپس ڪيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته ڀٽو هڪ ته ان لحاظ کان ڀارت ۾ پنهنجي ملڪيت واپس وٺڻ ۽ پاڪستان ۾ به انهن جي عيوض معاوضو حاصل ڪرڻ پئي چاهيو.
کيس اڍائي سال کن لا آمريڪا ۾ ڀارت جو سفير مقرر ڪيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ کيس ميڪسيڪو ۽ ڪيوبا جي معاملن جي چارج به ڏني ويئي. اهو دور سرد جنگ جي عروج جو دور هو. ڀارت آمريڪا جي سيٽو، سينٽو وغيره جهڙن ڪنهن به ٺاهه جو حصو نه هو ۽ هڪ اڻ ڌري پاليسي اختيار ڪئي هئي. ڀارت جي ان پاليسي کي ان وقت جي آمريڪي صدر آئزن آور جي پرڏيهي وزير جان فاسٽر ڊلس، جيڪو سرد جنگ ۽ فوجي ٺاهن جو وڏو وڪيل هو، پاران ناپسند ڪيو ويندو هو. ڇاگلا جو چوڻ آهي ته صدر آئزن آور گھڻو ڪري پنهنجي پرڏيهي وزير جي چوڻ تي هلندو هو. ان کانپو صدر جان ايف ڪينيڊي سان به سندس واسطو پيو. هو خاص طور ڀارت متعلق پاليسي جي حوالي سان سندس تعريف ڪري ٿو. اهو ريپبليڪن ۽ ڊيموڪريٽ جي روايتي پاليسين جو فرق آهي جنهن ۾ هڪ جو لاڙو پاڪستان ڏانهن وڌيڪ هوندو هو ۽ ٻئي جو ڀارت ڏانهن. ميڪسيڪو ۽ ڪيوبا ۾ هو بس رسمي طور ئي ڪجهھ ڀيرا ويو. ميڪسيڪو وارن اسپين سان وڙهي آزادي حاصل ڪئي هئي. هن وقت اتي ريڊ انڊين، اسپيني ۽ گڏيل نسل جا ماڻهو رهن ٿا. ليکڪ جو چوڻ آهي ته جيستائين اسپين کان آزادي حاصل ڪرڻ وارن ڏينهن کي ملهائڻ وغيره جو واسطو آهي ته ان حوالي سان انهن ۾ ڪو اختلاف ناهي. ساڳي ريت هو ڪيوبا جي دوري دوران فيدل ڪاسترو سان مليو. سندس چوڻ آهي ته اهي سوشلسٽ نه پر قوم پرست هئا ۽ حالتن جي ڪري ٻئي پاسي ڌڪجي ويا.
ان کانپو کيس برطابيا ۾ ڀارت جو هائي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ان دور جي اهم ڳالهه چين ڀارت جنگ هئي. ڀارت آمريڪا ۽ برطانيا سان ڪنهن فوجي ٺاهه ۾ شامل نه هو پر چين جي خلاف هن انهن ٻنهي ملڪن کان فوجي ۽ هٿيارن جي مدد جي گھر ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن پاران ان جي مدد ڪئي ويئي.
پو نهرو پاران کيس ڪابينا ۾ کڻڻ جي آڇ ڪئي ويئي ۽ کيس چيو ويو ته هو ان حلقي مان چونڊن ۾ بيهي جتي مسلم ووٽرن جي گھڻائي هئي. پر هن اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته هو مذهبي بنيادن تي چونڊ نه وڙهندو. بهرحال کيس راجيه سڀا ۾ آڻي تعليم جي وزير طور ڪابينا ۾ کنيو ويو.
ان وزارت دوران کيس خاص طور ڀارت ۾ ٻولي جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پيو. ان جو ڪارڻ اهو هو ته هو ملڪ جي عوامي سياست جو ڪڏهين حصو نه رهيو هو. کيس اها خبر ته هئي ته ڏکڻ هندوستان وارا نه رڳو هندي نه ٿا ڄاڻن پر اهي پنهنجي ٻولي ڇڏي ان کي اختيار ڪرڻ لا تيار نه هئا. پر هن جو اهو اصرار هو ته في الحال انگريزي کي اختيار ڪيو وڃي ۽ پو ان جي جا تي هندي کي رائج ڪيو وڃي. سندس خيال ۾ هڪ ٻولي جي هجڻ سان ملڪ جو اتحاد ۽ يڪجهتي مضبوط ٿيندي. کيس اهو اندازو نه هو ته ماڻهن کي پنهنجي مادري ٻولي سان ڪيتري جذباتي وابستگي آهي. ساڳي ريت علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي متعلق آرڊيننس کيس اتان جي شاگردن جي آڏو آڻي بيهاريو ۽ اهي سندس دشمن ٿي پيا.
ان کانپو کيس پرڏيهي معاملن جو وزير ڪيو ويو. پر هن جلد ئي اتان استعيفا ڏيئي ڇڏي. چيو ويو ته اهو پاڪستان ۽ چين ڏانهن سندس سخت روئي جي ڪري هو جڏهين ته ڀارت سرڪار انهن ٻنهي ملڪن سان ناتن کي بهتر ڪرڻ چاهيو ٿي پر سندس پنهنجو اهو موقف آهي ته اهو هن ان ڪري ڪيو هو ته کانئس پو جيڪو تعليم جو وزير آيو هو ان خاص طور ٻولي جي حوالي سان سندس پاليسي ۾ بنيادي تبديلي ڪئي هئي ۽ مقامي ٻولين کي وڌيڪ اهميت ڏني هئي. هن سمجھيو ٿي ته ڪابينا جي رڪن طور ان جي ذميواري مٿس به آئي ٿي ۽ هن پاڻ کي جوابدار سمجھندي ڪابينا تان استعيفا ڏيئي ڇڏي ۽ اهڙي ريت سندس سياسي ۽ سفارتي ڪيريئر پڄاڻي تي پهتو.
سندس چوڻ آهي ته هو جڏهين واپس بمبئي پئي ويو ته ايئر پورٽ تي کيس الوداع ڪرڻ لا سندس نائب وزير کانسوا ٻيو ڪير نه هو جڏهين ته ڪرشنا مينن جڏهين استعيفا ڏني هئي ته کيس ايئرپورٽ تي ڇڏڻ لا وزيراعظم نهرو ۽ ٻيا وزير موجود هئا.
هو فرقيواريت جي خلاف ۽ هڪ سخت قوم پرست هو. باقي اها ڳالهه پنهنجي جا تي آهي ته هو بنيادي طور هڪ سياستدان نه پر هڪ ڪيريئر سفارتڪار ۽ قانوندان هو ۽ ڪانگريس ۾ به ان وقت شامل ٿيو هو جڏهين کيس نهرو ڪابينا ۾ کنيو هو. اهڙي ريت سندس ڪا سياسي بنياد ۽ ناتا نه هئا ۽ وزارت تان استعيفا کانپو ڄڻ سندس سفر پورو ٿي ويو.
پنهنجي زال ِ۽ ٻارن سان سندس گھڻو قرب هو. هو جتي به ويندو هو زال ساڻس گڏ هوندي هئي. زال جي گذاري وڃڻ کانپو سندس زندگي ۾ هڪ خال پيدا ٿي پيو هو ۽ هو ڄڻ اڪيلو ٿي ويو هو. سندس چوڻ آهي ته سندس زال ته ٻارن کي مار ڏيندي هئي پر هن ڪڏهين ٻارن تي هٿ نه کنيو جنهن جي ڪري سندس زال کانئس ناراض به ٿيندي هئي. پر سندس ان روئي ۽ تربيت جو نتيجو هو ته سندس سڀ ٻار پڙهي لکي سٺين جاين تي پهتا.
(پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button