ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تھ پوءِ حُڪمراني آخر ڪنھن جي آھي!؟

Editorial-Article- Irshad Leghari

پاڪستان جي اقتداري تاريخ ۾ ھيستائين جيڪي دور آيا ۽ ويا آھن، تن ۾ آمريتن جا دور ڇڏي باقي نالي ماتر چونڊيل حڪومتن جا جيڪي بھ انڌا منڊا دور ڳڻجن ٿا تھ اھڙين حڪومتن جي اڪثر وقت کان اڳ خاتمي يا قسمت سان پوري ڪيل مُدي کان پوءِ ھر اڳواڻ اھو راڳ آلاپيو آھي تھ ظاھر ۾ حڪومت ڀل کڻي سندن ھئي پر اصل ۾ حڪمران ڪي ٻيا ھئا، جن کين آزادي سان ڪم ڪرڻ نھ ڏنو. اھڙيون دانھون پاڪستان پيپلز پارٽي بھ ڪندي رھي آھي تھ نواز ليگ پڻ. پر ھاڻ تھ عمران خان بھ صبح شام اھو چوندو پيو وتي تھ کيس رڳو خوار ڪيو ويو، جڏھن تھ حڪمراني ڪنھن ٻئي ھنڌان پئي ٿي. اھڙو اظھار ھيستائين عمران خان مختلف جلسن ۾ ڪري چڪو آھي ۽ ڪراچي واري تازي جلسي ۾ پاڻ سڌو سنئون چيائين تھ سندس حڪومت جا آخري چار مھينا اڪيلائي جا ھئا، جو اسٽبليشمينٽ ساڻس ساٿ ۾ نھ ھئي.
جيتوڻيڪ اھو ڪو لڪل راز ڪونھي تھ پاڪستان جھڙي ملڪ جا اصل حاڪم ڪير آھن پر ھر ڳالهھ جي جيئن تھ ھڪ حد ھوندي آھي، سو پاڪستان ۾ اصل حڪمراني واري لڪل حڪمت بھ پنھنجا پنجھتر سال پڄائي پنھنجو مُدو ھاڻ پورو ڪري چڪي آھي ۽ ان مدي جو پنھنجي نظر ۾ آخري مھرو عمران خان ئي ھو، جنھن پنھنجي تاريخي نااھلي ۽ آرام پسندي جو مڪمل مظاھرو ڪندي نھ فقط پاڻ کي خوار ڪيو پر کيس آڻيندڙن جي خواري بھ جيڪا عمران خان ڪئي آھي، سا شايد ئي ڪنھن ٻئي ڪئي ھجي. واضح ڪندا ھلون تھ عمران خان ھونئن تھ عوام لاءِ ھر ميدان ۾ ھڪ ڏچو ئي ثابت ٿيو پر ھن ھڪڙو ٿورو پاڻ تي ضرور ڪيو آھي جو عوام کي اھو پيغام پھچائي ڇڏيائين تھ جڏھن عمران خان جھڙن دادلن کي بھ ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي تھ باقي ٻيو ڪنھن کي ڇڏيو ھوندِن؟ حالانڪ عمران خان مان پاڻ کي ڪي گھڻيون اميدون ھيون بھ ڪونھ، جو سندس ڀيڄو پھرئين ڏينھن کان خالي ئي ھو پر تنھن ھوندي بھ ھڪ امڪان ھو تھ متان ڪجھه ٿي پوي سو عمران خان اھڙي امڪان مان بھ عوام جي جان ڇڏائي ٿيو روانو. ھاڻ ڳالهھ سموري پڌري پٽ اچي پئي آھي تھ ھن ملڪ ۾ ھي جمھوريت ٻمھوريت مڙئي اسان توھان کي خوش ڪرڻ جون ڪھاڻيون آھن، جڏھن تھ معاملا مقامي توڙي عالمي سطح تي ڪنھن ٻئي ھنڌان ئي نبيريا وڃن ٿا.
ھاڻ جڏھن اھا ڳالهھ چِٽي ٿي آئي آھي تھ پوءِ ڪنھن ۾ آسرو ڪجي؟ ان لاءِ اچو تھ سڀ کان پھرين عوامي جمھوري سياست جي انھن بنيادي اصولن کي ڏسون، جن کي سمجھڻ کان سواءِ پاڻ کي اھو بحران سمجھه ۾ نھ اچي سگھندو، جنھن بحران کي ختم ڪرڻ جي دعوا سان ھيستائين جيڪو بھ پاڻ وٽ حڪمراني ڪرڻ آيو آھي، سو وڌيڪ بحران پيدا ڪري ويو آھي.
جيتوڻيڪ پاڻ وٽ تھ اڃان اھڙي ڪا حقيقي عوامي انقلابي ڌر آئي ئي ڪانھي، جيڪا حقيقي طور تاريخ جو رخ موڙي ڇڏي پر ھن ملڪ اندر ٿوري يا گھڻي جيڪا عوامي جمھوري روپ ۾ ڳالهھ ٿي، سا انھي پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي ۾ ٿي ھئي، جيڪا پنھنجي مرحليوار تباھين مان گذرندي، عوام بدران مڪمل طور جاگيردارن جي ھٿ وس اچي وئي پر پوءِ بھ ان پارٽي جا جيڪي پھريان ڏينھن ھئا، سي گھٽ ۾ گھٽ ان کان اڳوڻين اقتداري ڌرين کان ايترا مختلف ضرور ھئا، جو سموري ملڪ جي عوام پيپلز پارٽي جي آجيان ڪئي ۽ ڏسندي ڏسندي اھا پارٽي سڄي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي وئي. تھ پوءِ آخر اھڙو ڇا ٿيو جو اھا پارٽي پنھنجي شھيد قائد ذوالفقار علي ڀُٽي کي تھ نھ بچائي سگھي پر وقت سان گڏ ڳڙھي جا سمورا گُلاب قتل ٿيندا ويا ۽ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ سج ئي لھي ويو. اچو تھ ٿورو ان ڳالهھ کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون.
دراصل ڪنھن بھ عوامي ڌر مٿان سڀ کان گھڻو ڏکيو وقت تڏھن ايندو آھي، جڏھن اھا ھڪ اھڙي دور ۾ اقتدار سنڀالي جڏھن سندس اھو حمايتي طبقو، جنھن طبقي جي حقن جي بحالي لاءِ اھا ڌر اقتدار سنڀالي ٿي، سو طبقو ان اقتدار جي گھربل دفاع لاءِ پوري نموني اڃان تيار نھ ٿيو ھجي ۽ نھ اھي عوامي رٿائون، جيڪي اھا عوامي ڌر نظام ۾ لاڳو ڪرڻ ٿي چاھي، سي ٻاھرين امداد بدران پنھنجي ٻل واريون نھ ھجن. ۽ جڏھن ايئن نھ ھوندو آھي تڏھن اقتدار ۾ آيل اھا ڌر ھر فيصلي ڪرڻ مھل پاڻ کي ڪنھن ويڙھُو ڏاند جي سڱن تي محسوس ڪندي آھي ۽ ان ڌر کان نھ چاھيندي بھ اقتدار بچائڻ واري ويڙھه ۾ اھڙا فيصلا ٿيندا ويندا آھن، جيڪي طاقتور طبقن جي مفادن جا ئي اڳي پوءِ وڃي پوئيوار ٿين ٿا. ان تناظر ۾ پاڪستان جي اقتداري تاريخ ۾ پاڻ جيڪڏھن اھڙا فيصلا ڏسنداسين تھ اھي اسان کي پيپلز پارٽي جي دور ۾ بھ نظر ايندا تھ ساڳي ريت نواز ليگ بھ اھڙن فيصلن ۾ اڳيان اڳيان رھي، جڏھن تھ عمران خان تھ عوامي جمھوري قدرن جو پاسدار ھوئي ڪونھ، سو ان جي ڳالهھ ھتي ھونئن ئي ڪونھ ٿي ٺھڪي. بس اھو ئي سبب آھي جو جڏھن جڏھن بھ جمھوريت گھر ڀيڙي ٿي آھي، ۽ عوامي ڌريون ٻيھر عوام وٽ ويون آھن، تڏھن انھن جي اھا ئي دانھن رھندي پئي آئي آھي تھ کين ڪم ڪرڻ نھ ڏنو ويو.
ھاڻ ھتي سوال اھو آھي تھ پوءِ آخر ڪم ٿيندو ڪيئن؟ اھڙي ڪھڙي سياسي رِيت لاڳو ٿئي ھن ملڪ ۾ جو عوام جو ڀلو ٿئي؟ تھ پوءِ ان لاءِ سڌي راھه پئي آھي. اھا راھه جيڪا عوام منجھان نڪري عوام ۾ ئي ختم ٿئي ٿي. اھا راھه جيڪا عالمي انقلابي راھهِ عمل جي مڃيل قائدن مان ڦُٽي ٿي. ياد رکو جيڪا بھ ڌر ان حقيقي عالمي انقلابي راھهِ عمل جي قائدن تي بيٺل نھ ھوندي، سا ڀل ڪيتريون بھ ڳالھيون ڪري سي بس ڳالھيون ئي رھنديون.
مثال طور اسين رڳو سنڌ جو ئي مثال کڻي وٺون تھ جيڪي بھ ڌريون پاڪستان پيپلز پارٽي جون مخالف آھن ۽ پاڻ کي قوم دوست سڏائين ٿيون، سي آخر ڪامياب ڇو نٿيون ٿين؟ حالانڪ سندن چواڻي پيپلز پارٽي ھيلوڪن پندرنھن سالن واري حڪومتي دور ۾ بدعنواني جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. اھو ان ڪري جو پاڪستان پيپلز پارٽي جون مخالف ڌريون بھ پنھنجي ڪنھن واري جي ممڪنات جو رخ بھ اوڏانھين ڪري ھلن ٿيون، جتي اقتدار جي اصل پاٿاري آھي. ۽ عوام اھو سڀ ڏسي پوءِ وري بھ ساڳين ئي وڏيرن سان وڃي بيھي ٿو. ان جو ھڪڙو ننڍڙو مثال پاڻ ڏيندا ھلون تھ توھين سنڌ ايڪشن ڪميٽي جھڙن اتحادن جا احتجاج ئي کڻي ڏسو. اھو اتحاد جيڪو پاڻ کي نج قوم دوست نمائنده اتحاد سمجھي ٿو، تنھن جي ڪنھن بھ احتجاج ۾ توھان ھن ملڪ جي تباھي جي اصل ذميوارن جو ڪڏھن اشاري ۾ بھ نالو ٻڌو آھي؟ جيڪي بھ مَندا ڪڍڻا ھوندا سي پيپلز پارٽي لاءِ تھ ھوندا پر ان ۾ ڪٿي بھ رياست جي ان رھزني جو ذڪر نھ ملندو جيڪا رياست ئي اھا اصل قوت آھي، جيڪا سڀني کي آڻي ۽ لاھي ٿي. ۽ ٻيو تھ سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل سمورين ڌرين جا پيرا کڻو تھ اھي عوام سان رابطي ۾ ڪيتريون آھن يا انھن پارٽين جي قيادتن جي زندگي گذارڻ جو ڍنگ جاگيردارن کان ڪيترو مختلف آھي؟ توھان کي اھو ڄاڻي تمام گھڻي مايوسي ٿيندي تھ ان اتحاد ۾ شامل ڌرين جو بھ ڪم لٿو پيو آھي. پاڻ ھتي ھاڻ ڪنھن جو نالو کڻون؟ توھين انھن پارٽين جي قيادتن سان ڪنھن بھ ذاتي وھنوار ۾ رھندڙ ڪنھن پورھيت يا ملازم کان ئي وڃي احوال وٺندئو تھ اوھان کي سموري خبر پئجي ويندي تھ انھن پارٽين جي اندر ڪيتري عوام دوستي يا ڪنھن پورھيت جو خيال آھي. بس اھو ئي بنيادي سبب آھي جو پاڻ ڪالھه جيان اڄ بھ سُورن ۾ آھيون. دل چوي ٿي تھ اڄوڪي ڳالهھ کي لطيف سائين جي ان آفاقي سچ تي کُٽائجي، جنھن ۾ پاڻ کي انھن ماڻھن جي باري ۾ ٻڌايو ويو آھي، جيڪي ظاھر ۾ تھ ھنج ٿي ھلن ٿا پر اصل ۾ انھن جي اندر ڪارو ڪانءُ موجود ھوندو آھي.
اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاھر ٻولي ھنج جي
اھڙو ٺلھو ٿانءُ، ڀڃي ڇو نھ ڀورا ڪرين

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button