ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايندڙ چونڊون: ڪهڙيون پارٽيون هارائينديون؟

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

سنڌ ايڪسپريس جي ڇنڇر واري سڀ کان مٿانهين سرخي سنڌ ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي تقرير مان لڳايل آهي جيڪا جج صاحب جمعي تي حيدرآباد بار ڪائونسل جي وڪيلن واري ميڙاڪي ۾ ڪئي. چيف جسٽس سنڌ ۾ ھلندڙ خراب حڪمرانيءَ جو ذڪر ڪندي ان کي Bad governance سڏيو ۽ چيائين ته خراب حاڪميت سان گڏ قدرتي آفت به سنڌ جي تباهي ڪئي آهي.
سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرن کي خطاب ڪندي ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيف جسٽس چيو ته سنڌ جا ووٽر جيڪڏهن ھر پنجن سالن کان پوءِ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پنھنجي پنھنجي تڪ جي نمائندن جو احتساب ڪن ته سنڌ ايڏي وڏي بربادي کان بچي سگهي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن وراڻيو ته سنڌ ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اھڙي صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار ڪونهي. اهو اختيار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وٽ آهي.
چيف جسٽس جي مٿين ڳالهين جو ذڪر مون ان لاءِ ڪيو آهي ته سنڌ جا وزير توڙي چيف منسٽر سدائين قدرتي آفت جو بھانو گهڙي پنهنجي بدترين حڪمرانيءَ کي ڍڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا رهندا آهن. چيف جسٽس اهو به چيو ته سنڌ جو انفرااسٽرڪچر جيڪڏهن خراب نه ھجي ھا ته ھوند ايتري گهڻي بربادي نه ٿئي ھا. جڏهن سنڌ جو سڀني کان وڏو جج خراب انفرااسٽرڪچر ۽ بيڊگورننس جي نشاندهي ڪري ٿو ته پوءِ سنڌ جي حاڪمن تي لازم ٿيو پوي ته ھو پنھنجن گهرن، تڙن، ٻنين، ڳوٺن ۽ شهرن مان دربدر ٿيل اڍائي ڪروڙ سنڌين کان معافي وٺن پوءِ اھا ڏتڙيل انسانن جي مرضي آهي ته کين معاف ٿا ڪن يا ايندڙ سال رٿيل عام چونڊن ۾ پنھنجن نمائندن جو احتساب ڪن.
عجيب اتفاق آهي ته سنڌ ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ بابت اختيارن جي ڳالهھ ڪرڻ کان ھڪ ڏينھن اڳ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس عمر عطا بنديال پاڻ سنڌ سرڪار کي نوٽيس اماڻي ڇڏيو ته عدالت کي اطمينان اچي ڏياريو ته اوهان ڏتڙيل ماڻهن جي ٻيھر آباد ڪرڻ واسطي ھيڏي ساري ڏيھي ۽ پرڏيهي امداد کي انصاف سان حقدارن تائين رسايو يا نه! متاثر ٿيل انسانن جون دانهون ۽ آهون سڄي ملڪ ۾ پڙاڏو ڪري رهيون آهن. سنڌ سرڪار جي وڪيل کي سمورا تفصيل پيش ڪري عدالت کي مطمئن ڪرڻو پوندو ته برابر حقدار ماڻھن جي واھر ڪئي اٿئو. ان تي سنڌ ايڊووڪيٽ جنرل عرض ڪيو ته کيس ھڪ ھفتي جي مھلت ڏني وڃي. ٻوڏ ستايل ماڻهن پاران فيصل صديقي ايڊووڪيٽ ايڏي ڊگهي مھلت تي حيرت ظاهر ڪندي جج صاحب کي چيو ته سنڌ ۾ ماڻهو مرن پيا ۽ سنڌ جو وڪيل اڃا به ھفتو مھلت گهري پيو! ان تي جسٽس عمر عطا بنديال سختي سان چيو ته هي عوام جي ساندھه تڪليفن جو مسئلو آهي ۽ اسان ھتي عوامي مفادن کي ئي اوليت ڏيندا آهيون. اسان امدادي ڪمن ۾ ڄنگھه ڪونه ٿا اڙائڻ چاهيون. پر ويھين آڪٽوبر تي مڪمل پابندي سان رپورٽ پيش ڪجو.
ھاڻي اچون ٿا مھينن کان خالي پيل سنڌ جي گورنر ھائوس ۾ ويهاريل ھڪڙي تڪراري شخص ڪامران ٽيسوري جي متحده قومي موومينٽ سان بنھه بگڙيل لاڳاپن تي جنهن ڪري ايم ڪيو ايم لنڊن وانگر ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ وڌيڪ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي آهي. اسٽيبلشمينٽ پاران ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد کان ھي سيٽ 8 سال اڳ خالي ڪرائي ويئي هئي. ايم ڪيو ايم جيتوڻيڪ 2013 ۾ پيپلز پارٽي سان اتحاد ٽوڙي تڏهوڪي وزير اعظم نواز شريف جي مسلم ليگ سان اتحاد ڪيو پر نواز شريف پنهنجي پراڻي ليگي ساٿي ممنون حسين کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو ۽ ايم ڪيو ايم جي بليڪ ميلنگ کي نه ليکيائين. وچ وچ ۾ ايم ڪيو ايم وارن ڊاڪٽر عشرت العباد کي ٻيھر گورنر هائوس ڪراچي تي قابض ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسٽيبلشمينٽ وارن کيس ڪونه قبوليو.
جيئن سنڌي ماڻهو پاڻ لاوارث ٿي ويا آهن تيئن سنڌ جو گورنر ھائوس به لاوارث ئي رهندو آيو آهي. هتي جيڪڏهن ڪو سنڌي گورنر به مقرر ڪيو ويو آهي تڏهن به سنڌ جي ماڻهن لاءِ بي فيض ثابت ٿيو آهي. ان جو تازو مثال سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني هو. آغا صاحب وٽ زرداري جي مھرباني سان عارضي چارج ھئي سا به هن افغاني پناهگيرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ لاءِ ئي استعمال ڪئي.
بھرحال ايم ڪيو ايم جي نئين گورنر ڪامران ٽيسوري جي پس منظر تي لکڻ کان اڳ اھو ٻڌائي ڇڏيان ته 2016 ۾ ملڪ جي سگهاري ڌر جڏهن ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين جي ٽيليويزن چئنلز تي ڳالهائڻ وارو سلسلو بند ڪيو تڏهن کان وٺي ھي تنظيم ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ پنھنجي مقبوليت وڃائي ويٺي آهي. ھي تنظيم به جيئي سنڌ تحريڪ وانگر ٽڪرن ۾ ورھائجي ويئي آهي. نتيجو اهو نڪتو (يا ڪڍيو ويو) ته ڪراچيءَ مان 20 کان مٿي قومي اسيمبلي جون سيٽون کڻندڙ هي جماعت 2018 وارين چونڊن ۾ فقط 8 سيٽون کڻي سگهي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ عمران خان جي تحريڪ انصاف کي ايم ڪيو ايم وارن علائقن مان وڌيڪ سيٽون ملي ويون.
ھاڻي ھنن جيڪو سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو آهي تنھن سان ته مھاجرن جي پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ هنن کان نفرت وڌي ويئي آهي. مھاجرن جي نئين ٽھي کي 1985 ۾ ايم ڪيو ايم ٺاهڻ شرط الطاف حسين جيڪو حڪم ڏنو ته ڪتاب، ٽي وي، فرج، وي سي آر ۽ ٻيا ٽپڙ کپائي جديد آٽوميٽڪ ھٿيار وٺو، تنھن سبب جيترو اخلاقي، تعليمي ۽ سماجي نقصان ڀوڳڻو پيو آهي ان سان تمام گهڻي مايوسي پيدا ٿي آهي. وري جو اوچتو ئي اوچتو ڪامران ٽيسوري نازل ٿيو ته سندس روپ ڏسي ھو ششدر ٿي ويا آهن. آئون پاڻ حيران آهيان ته جنهن شخص کي پنهنجي فل پاور واري دور ۾ صدر آصف علي زرداري سنڌ جي تڏهوڪي وزير داخلا ذوالفقار مرزا ھٿان موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ٽنڊو باگو ٿاڻي جي لاڪپ ۾ بند ڪرايو، اڄ ساڳئي شخص کي گورنر سنڌ ٺاهڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏيائين! ظاهر آهي ته ان زماني ۾ ٽيسوري ارباب غلام رحيم کي ويجهو هو ۽ هاڻي ھي سون جو واپاري واڳ ڌڻين ۽ زرداري جي گڏيل حڪمت عملي مطابق ئي گورنر هائوس تي راڄ ڪرڻ لاءِ آندو ويو ھوندو. ظاهر آهي ته ايم ڪيو ايم جي ھاڻوڪن چڱن مڙسن کي به سون ۾ توري آيو هوندو. لکڻ مان مقصد اهو آهي ته سڀني ھمراهن کي راضي ڪري ھي شخص گورنر بڻيو آهي سواءِ الطاف حسين جي، جنھن کي مھاجرن به وساري ڇڏيو آهي ۽ عمران خان کي پنھنجين اميدن جو محور ۽ مرڪز بڻائي ڇڏيو اٿن.
ايم ڪيو ايم جي بڇڙي حالت ٽي چار مهينا اڳ ڪراچيءَ ۾ قومي اسيمبلي جي خالي ٿيل سيٽ تي ضمني چونڊن ۾ دنيا ڏسي ورتي هئي. اھا سيٽ ايم ڪيو ايم جي ميمبر محمد علي مرزا جي فوت ٿيڻ سبب خالي ٿي هئي. پولنگ واري ڏينهن انھي تڪ جا مھاجر ووٽر پنهنجن گهرن کان ٻاهر ئي ڪونه نڪتا. ڄڻ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هجين! نتيجي طور وزير اعظم نه ھوندي به ڪراچيءَ جي هڪ وڌيڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ عمران خان کٽي ويو. ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جا اڳواڻ آخر ڇو پيا چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان کي بار بار خط لکي منٿون ڪن ته مڪاني ادارن جون چونڊون ملتوي ڪريو. ڇاڪاڻ ته هنن ٻنهي پارٽين جي قيادت گذريل ٽيهن سالن جي حاڪميت ۾ عوام لاءِ رڳو ڏک ۽ سور پيدا ڪيا آهن. ڪامران ٽيسوري به ايم ڪيو ايم جي ھاڻوڪي ڪرتا ڌرتا فيصل سبزواري کي ٽن ڪروڙن جي شاندار گاڏي خريد ڪري ڏني تڏهن سندس نالو بطور گورنر سنڌ منظور ڪري ورتائون. ٽيسوري اهو ئي پراڻو وارداتي ڪردار آهي جنهن سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم کي ايڏو ته خوش ڪيو جو کيس لانڍي واري چُوڪنڊي قبرستان ۾ ھڪ سئو ايڪڙ قيمتي سرڪاري زمين الاٽ ڪري ڇڏيائين جنهن جي ڏاڍي مزاحمت ڪري، اھا الاٽمينٽ رد ڪرائي ويئي. مزاحمت ڪراچيءَ جي سول سوسائٽي ڪئي جنهن سنڌ جو تاريخي ورثو بچائڻ خاطر سالن کان جدوجهد پئي ڪئي. ان مزاحمتي ھلچل جا ٻه مکيه ڪردار ڪراچيءَ ڄاوا جناب اردشيرڪاوسجي ۽ حميد ھارون ھئا.
آئون دعويٰ سان لکي سگهان ٿو ته ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ھيل ايم ڪيو ايم توڙي پيپلز پارٽي کي وڏي شڪست ملندي. هن ڀيري به تحريڪ انصاف ۽ هڪ مذهبي تنظيم گھڻن ئي هنڌن تان سوڀ ماڻي سگهن ٿيون. ان جو سبب عمران خان پاران عوامي خدمت ڪرڻ ناهي بلڪه آزمايل سياسي پارٽين کان ڪاوڙيل ووٽرن پاران پلاند وٺڻ آهي. ساڳي ريت پنجاب جي قومي ۽ صوبائي تڪن تي آچر ڏينهن رٿيل ضمني چونڊن ۾ پڻ حڪمران جماعتن کي عوام جي ڪاوڙ سبب سوڀ حاصل ٿي نه سگهندي.
عمران خان جي پويان خدا جي خلق رڳو مھانگائي، بيروزگاري، بکن، بيمارين جي ڪري نه بيٺي آهي. سندس اھو جملو ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويو آهي ته مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي جنرل ضيا جي فوت ٿيڻ کان وٺي جيڪا ٽيھه سال حڪومت ڪئي آهي ان ۾ عوام کي ڪجهه ڏنو اٿن يا پنهنجا محل ماڙيون ۽ سوين ڪارخانا ٺاهي، ڪروڙين وطن واسين کي قرضن ۾ ڪارو ڪري ايندڙ نسلن کي به عالمي ادارن وٽ گروي رکي ڇڏيو اٿن!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button