ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

چونڊ سڌارا وقت جي اهم ضرورت

Editorial

ٻه ڏينهن اڳ سڄي ملڪ ۾ ننڍي چونڊ ٿي گذري آهي. جنهن ۾ پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ 6 سيٽيون کٽيون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي 2 سيٽون کٽي ورتيون آهن. پي ٽي آءِ جيڪي 6 سيٽون کٽيون آهن، اهي سڀ عمران خان کٽيون آهن. جڏهن ننڍي چونڊ جو اعلان ٿيو هو ته عمران خان سمورن تڪن تي اڪيلي سر بيهڻ جو فيصلو ڪيو هو پر هن ڀيري هو ستن تڪن تي بيٺو ۽ پنهنجن مخالفن کي هارائي ويو. ان سلسلي ۾ کيس هڪ سيٽ رکڻي آهي ۽ باقي سڀ سيٽون ڇڏُڻيون آهن، جنهن کان پوءِ انهن تي وري چونڊون ٿينديون.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب ضمني چونڊون مڪمل ٿيڻ بعد قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 31 پشاور جي سمورين 265 پولنگ اسٽيشنن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا سامهون اچي ويا، جتي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اي اين پي اميدوار غلام احمد بلور کي 25 هزار ووٽن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي. عمران خان 57 هزار 818 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته غلام احمد بلور 32 هزار 252 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. اين اي 22 مردان جي سمورين 330 پولنگ اسٽيشنن جي سامهون آيل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق عمران خان هٿان جي يو آ اڳواڻ محمد قاسم کي ساڍا 8 هزار ووٽن تان شڪست ملي آهي. عمران خان 76 هزار 681 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته محمد قاسم 68 هزار 181 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. اين اي 24 تي به تحريڪ انصاف ڪامياب ٿي، تڪ جي سمورين 384 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب عمران خان 78 هزار 589 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي، جڏهن ته ايمل ولي 68 هزار 356 ووٽن سان ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. هوڏانهن ٻن قومي تڪن تي پيپلز پارٽي جا اميدوار ميدان ماري ويا. اين اي 157 ملتان جي سمورين 264 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پيپلز پارٽي جي اميدوار سيد علي موسيٰ گيلاني 79 هزار 743 ووٽ کڻي تحريڪ انصاف جي اميدوار مهربانو قريشي کي مات ڏئي ڇڏي، جنهن 59 هزار 993 ووٽ حاصل ڪيا. ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 237 ملير تي به پيپلز پارٽي جو اميدوار عبدالحڪيم بلوچ سوڀارو ٿيو. اين اي 237 جي 194 مان 193 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن مطابق عبدالحڪيم بلوچ 32 هزار 491 ووٽن سان واضح برتري حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته سندس مخالف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان 22 هزار 426 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. پنجاب جي ٻن رهيل قومي تڪن اين اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪانا صاحب ۽ ڪراچي جي اين اي 239 تي تحريڪ انصاف اميدوار عمران خان واضح برتري سان اڳتي آهي. ٻئي طرف پنجاب جي صوبائي تڪن پي پي 241 بهاولنگر تي تحريڪ انصاف اميدوار ملڪ مظفر خان 59 هزار 957 ووٽ حاصل ڪري مخالف اميدوارن کي هارائي ڇڏيو. نواز ليگ جو امان الله ستار باجوا 48 هزار 147 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. پي پي 209 خانيوال تي تحريڪ انصاف جو اميدوار فيصل نيازي ڪامياب ٿيو، جنهن 71 هزار 156 ووٽ حاصل ڪيا ۽ سندس مخالف نواز ليگ اميدوار چوڌري ضيا الرحمان 57 هزار 603 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. نواز ليگ کي صوبائي تڪن تي ضمني چونڊن ۾ فقط هڪ هنڌ تي ڪاميابي نصيب ٿي. پي پي 139 شيخوپورا تي ن ليگ اميدوار افتخار احمد ڀنگو 40 هزار 829 ووٽن سان ميدان ماري ورتو، جڏهن ته سندس مخالف پي ٽي آ اميدوار محمد ابوبڪر کي 37 هزار 712 ووٽ مليا.
هاڻوڪي چونڊن مان اها خبر پوي ٿي ته ڪوبه اميدوار جيترن تڪن تي بيهڻ چاهي بيهي سگهي ٿو. جيئن عمران خان ڪيو آهي. ڇا ان حوالي سان حڪومت ڪا قانون سازي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. چونڊ سڌارن تي ڌيان ڇو ڪونه پيو ڏنو وڃي. جيڪڏهن سڀاڻي ڪنهن به پارٽيءَ جو ڪوبه اميدوار قومي اسيمبليءَ جي سڀني تڪن تي بيهي رهي ته قانوني حوالي سان ان کي روڪڻ جي ڪا گنجائش موجود آهي؟ ائين ايوان ۾ رڳو هڪ ئي ماڻهو ويٺو هوندو ۽ باقي ايوان خالي لڳو پيو هوندو. عمران خان ته پنهنجو پاڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ سمورن تڪن تي بيهي رهيو پر اهو عمل ڪنهن مشڪري کان گهٽ ناهي. ڇاڪاڻ ته ان بابت ڪابه قانون سازي ناهي ٿيل ۽ نه ئي ڪو ڌيان ڏنو ويو آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي جو جنهن اميدوار جو اباڻو تڪ آهي، ان کي اتان ئي بيهڻ گهرجي ۽ جتان ڪٿان بيهڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. عمران خان کي هڪ سيٽ رکڻي آهي، ڇا هو وري سڀني تڪن تي بيهي ته ان کي روڪڻ لاءِ ڪو قانون آهي. يا اهو سلسلو ائين جو ائين هلندو رهندو. حڪومت کي گهرجي ته چونڊ سڌارن کي حتمي شڪل ڏئي ۽ هر اميدوار جو سڀني تڪن تي بيهڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button