پاڪستان

آرمي چيف کي نشانو بڻائڻ بليڪ ميلنگ آهي، چونڊن جو فيصلو اسان گڏجي ڪنداسين: حڪومتي اتحاد

حڪومتي اتحاد (پي ڊي ايم) جي جماعتن پنهنجي گڏيل بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته آرمي چيف، حساس ادارن جي قيادت، آفيسرن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي نشاني تي رکڻ جو مقصد بليڪ ميلنگ آهي، جيڪو قطعي طور سياسي رويو ناهي پر سازش جو حصو آهي، جنهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي قانون مطابق آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ڪندو، اها مقرري پرڏيهي فنڊ حاصل ڪندڙ فتني جي دٻڙ ڌونس، ڌمڪي ۽ ڊڪٽيشن تي نه ٿيندي، آئين ۽ قانون ۾ واضح ٿيل آهي ته آرمي چيف سميت ٻين عهدن تي مقرري وزيراعظم جو دستوري اختيار آهي. حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين عمران خان طرفان جلد اليڪشن ڪرائڻ واري مطالبي کي يڪرا طور رد ڪندي چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊون ڪڏهن ٿينديون، ان جو فيصلو حڪومت جون اتحادي پارٽيون ڪنديون، ڪنهن به جٿي کي طاقت جي بنياد تي فيصلو مڙهڻ جي اجازت نه ڏينداسين، قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي آئين ۽ قانون مطابق منهن ڏينداسين. گڏيل بيان ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ سربراهه نواز شريف خلاف بيان ۽ الزامن جي مذمت ڪئي وئي آهي. حڪومتي اتحاد جو چوڻ آهي ته اقتدار کان محروم شخص قومي ادارن کي هڪ سوچيل سمجهيل ايجنڊي تحت نشانو بڻائي رهيو آهي، پاڪ فوج جي شهيدن خلاف غليظ مهم، فوج ۾ بغاوت جا بيان ۽ حوصلا افزائي جهڙا قدم ملڪ دشمني برابر آهن، جن کي آئين ۽ قانون مطابق منهن ڏنو ويندو، غنڊا گردي ۽ دٻڙ ڌونس جي بنياد تي آئين، جمهوريت ۽ نظام کي غلام بڻجڻ نه ڏينداسين. بيان ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته ملڪ جي معيشت ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي هن وقت سڀ کان پهرين قومي ترجيح آهي، جنهن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، حڪومت، ادارن ۽ عوام ۾ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته معيشت کي پٽڙي تي چاڙهڻ ۽ ٻوڏ متاثرن تائين وسيلا پهچائڻ واري عمل کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر ٿيڻ نه ڏنو ويندو. اتحادي جماعتن جي اڳواڻن چيو ته فتني جي تڪبر سبب قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جون 8 سيٽون گهٽجي ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button