پاڪستان

نواز شريف ضمني چونڊن ۾ بدترين شڪست تي ڪاوڙجي پيو، پارٽي قيادت کان رپورٽ طلب

ضمني اليڪشن ۾ ن ليگ کي مليل بدترين شڪست پارٽي جي سربراهه نواز شريف کي ڪاوڙائي وڌو آهي، جنهن پارٽي جي اعليٰ قيادت کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف ضمني چونڊن ۾ آيل شڪست تي پارٽي قيادت مٿان سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي سمورن لاڳاپيل وزيرن ۽ عهديدارن کي سخت تنبيهه ڪئي آهي. نواز شريف پنهنجي پارٽي جي اعليٰ قيادت کان ضمني چونڊن ۾ ناڪامي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته اڳواڻن ۽ اميدوارن ضمني چونڊن ۾ شڪست جو ذميوار مريم نواز، حمزا شهباز ۽ پارٽي جي قيادت کي قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب ۾ موسيٰ گيلاني وڏي برتري سان کٽي سگهي ٿو ته نواز ليگ به ڪامياب ٿي پئي سگهي. ليگي اڳواڻن ۽ اميدوارن جو چوڻ هو ته عمران خان 50 کان وڌيڪ جلسا ڪيا پر اسان جي پارٽي قيادت چونڊ مهم ۾ حصو ئي نه ورتو، خاص طور تي مريم نواز چونڊ مهم هلائڻ بدران لنڊن رواني ٿي وئي ۽ حمزا شهباز گهر مان ئي نه نڪتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button