اسلام آباد

وزيراعظم ٻوڏ وارن علائقن مان بيٺل پاڻي جلد نيڪال ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي جلد ڪڍڻ لا لاڳاپيل ادارن کي تڪڙا اپا وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته بيٺل پاڻي وڏو چئلينج آهي، جنهن مان وبائي بيماريون پکڙجي سگهن ٿيون. وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقي صحبت پور ۾ متاثرن لاءِ قائم رليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جيڪب آباد پڻ پهتو، جتي اڏام دوران سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي جائزو ورتو. ان موقعي تي صحبت پور ۾ قائم ڪيل خيما اسڪول ۾ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم کين ٻڌايو ته علائقي ۾ ٻن مهينن اندر ماڊل اسڪول قائم ڪيو ويندو، ٻن مهينن بعد اختر مينگل ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان گڏ نئين اسڪول ۾ ايندس. وزيراعظم ٻوڏ متاثرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کان مسئلا پڇيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي وڏو چئلينج آهي، جنهن مان بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي گڏجي ان بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ماڊل اسڪول جي پي سي ون ٺاهي وئي آهي، اسڪول کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته اهو اسڪول قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻن مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بجلي جا بل متاثرن کان نه ورتا ويا، 25 هزار رپين جي روڪ رقم جي لاءِ 3 هزار 900 کان وڌيڪ خاندانن جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي، اهو عمل ٿورو سست آهي جنهن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذميوارن کي به هتي گهرايو ويو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثر 5 ضلعن ۾ مشينري ڪم ڪري رهي آهي، وبائي مرضن کي روڪڻ لاءِ ڦوهارو ڪيو ويو آهي، 11 هزار 126 خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا ويا آهن. وزيراعظم ان موقعي تي آبادگارن کي ٻج جي فراهمي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ته ان حوالي سان 16 ارب رپين جو پلان ٺاهي موڪليو ويو آهي، جڏهن ته 25 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ اجلاس پڻ رکيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ صحبت پور جو علائقو ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيو آهي، هتي هر طرف پاڻي بيٺل آهي، پاڻي جي سطح گهٽ ٿي آهي پر اهو اڃا تائين موجود آهي. متاثرن ۾ 25 هزار رپين جي ورڇ جو ڪم 86 سيڪڙو تائين مڪمل ٿي چڪو آهي، 5 ارب رپيا ورهايا ويا آهن، اهڙي طرح انهن علائقن جي متاثرن کان 300 يونٽ تائين آگسٽ ۽ سيپٽمبر جا بجلي جا بل نه پيا ورتا وڃن. وزيراعظم چيو ته ٻجن جي ورڇ جو ڪم صوبن سان گڏجي شروع ڪيو ويندو. متاثر علائقن ۾ پاڻي بيهڻ تي ڳڻتي آهي، ڇو ته ان سان بيماريون پکڙجي سگهن ٿيون جنهن سان وڏي پئماني تي نقصان جو خطرو آهي، اهو پاڻي ڪڍڻ لاءِ انتظام ڪيو وڃي، ان تي ماهر ويهي طئي ڪن، جيڪڏهن اهڙي طرح پاڻي بيٺل رهيو ته ان سان تمام وڏو نقصان ٿيندو. اين ڊي ايم اي سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سان رابطو ڪري پاڻي کي ڪڍڻ لاءِ پنهنجون توانايون استعمال ڪري. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٻوڏ متاثرن کي رليف ۽ خيمن جي ورڇ جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايت نه اچڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button