پاڪستان

نواز ليگ ڪا به قومي سيٽ کٽڻ ۾ ناڪام، ضمني چونڊون ڀوائتو خواب ثابت

مسلم ليگ (ن) لا ضمني چونڊون ڀوائتو خواب ثابت ٿيون آهن، ملڪ جي ڪيترن ئي تڪن تي ٿيل ضمني چونڊن ۾ هڪ پاسي تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي 8 سيٽن مان 6 واپس کٽي ورتيون آهن ته ٻئي طرف نواز ليگ جي مقبوليت ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي آئي آهي. ذريعن موجب نواز ليگ ضمني چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي ڪا به سيٽ کٽي نه سگهي آهي، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي 3 سيٽن مان ٻن تي تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان ميدان ماري ورتو ۽ نواز ليگ کي فقط پي پي 139 شيخوپورا تي ڪاميابي نصيب ٿي، جتي سندن اميدوار افتخار احمد سوڀارو ٿيو آهي. پي پي 209 خانيوال ۽ پي پي 241 بهاولنگر تي پڻ تحريڪ انصاف جا اميدوار فيصل خان نيازي ۽ ملڪ مظفر فتح ياب ڪامياب ٿيا ۽ نواز ليگ کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button