سنڌ

عمران خان رياست جي ھر اھم معاملي کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي:شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي ننڍين چونڊن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي کين شاباش ڏيون ٿا. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ملير ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين ۽ ملتان ۾ وائيس چيئرمين کي عبرتناڪ شڪست ڏني. لياري مان پي ٽي آءِ ڀڄي وئي، 100 سيڪڙو نبيل گبول لياري مان کٽي وڃي ها. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو احترام پر عين وقت تي اسٽي آرڊرز جاري ڪرڻ سمجهه کان مٿي آهي. لياري جي عوام کي پنهنجو حقيقي نمائندو چونڊڻ جي حق کان محروم ڪيو ويو. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي گذارش آهي ته لياري ۾ ننڍي چونڊ تي اسٽي آرڊر ختم ڪيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اسيمبلي ته وڃڻو ناهي، تنھن ڪري اين اي 239 ڪورنگي، مردان، پشاور، چارسده، فيصل آباد ۽ ننڪانه صاحب جو عوام ٻن ٽن مهينن بعد هڪ ٻي ننڍي چونڊ لاءِ تيار ٿي وڃي. ھن چيو ته عمران خان رياست جي ھر اھم معاملي کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي. عمران خان قوم جي پيسن، ملڪي سالميت ۽ قومي ادارن سان کيڏندو رھي ٿو. هوڏانهن اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 51735 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. امدادي سرگرمين بابت جاري ڪيل پريس بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته بدين ۾ 1300 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا، اهڙي طرح دادو ۾ 4500، ڄامشورو ۾ 8400، سکر ۾ 2000، نوشهروفيروز ۾ 19300، شهيد بينظير آباد ۾ 6785، شهيد بينظير آباد ۾ 6785 ,ميرپورخاص ۾ 3900، جيڪب آباد ۾ 1000 خاندانن، لاڙڪاڻي ۾ 1000، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 1000، خيرپور ميرس ۾ 500 ۽ سجاول ۾ 2000 خاندانن کي راشن جا بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1724399 خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن. هن چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن جي رپورٽ موجب متاثرن ۾ 9000 وڌيڪ خيما ۽ 9000 مڇر دانيون پڻ ورهايون ويون آهن. امدادي سرگرمين جي شروعات کان وٺي ھينئر تائين 626597 خيما، 539922 پلاسٽڪ ترپال، 3272837 مڇر دانيون، 803496 ليٽر منرل واٽر، 162323 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته گذريل 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 35100 متاثر رليف ڪيمپن مان پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. هن وقت رليف ڪيمپن ۾ 207458 ٻوڏ متاثر ترسيل آهن، جن ۾ 47220 ٻار ۽ 41455 عورتون شامل آهن، رليف ڪيمپن ۾ متاثرن کي ٻن وقتن جو پڪل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جي واقعن ۾ 780 ڄڻا فوت ۽ 8422 زخمي ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button