سنڌ

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو صفايو، عوام ضمني چونڊن ۾ رد ڪري ڇڏيو

ضمني چونڊن دوران سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ نمائندا جماعت هجڻ جي دعويدار ايم ڪيو ايم کي عوام ٻنهي قومي تڪن تي رد ڪري ڇڏيو، اين اي 237 ۽ اين اي 239 تي متحدا جا اميدوار ناڪامي ملڻ تي منهن ڀر ڪري پيا. ڪراچي ۾ ضمني چونڊن دوران ايم ڪيو ايم جي مقبوليت ۾ وڏي گهٽتائي اچڻ جو ثبوت سامهون اچي ويو، متحدا جا اميدوار قومي اسيمبلي جي تڪن اين اي 237 ملير ۽ اين اي 239 ڪورنگي جي سيٽن تي عوامي موٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. ڪورنگي واري سيٽ تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان 50 هزار کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اميدوار نيئر رضا 18 هزار 116 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. ٻئي طرف ملير واري قومي تڪ تي پيپلز پارٽي جي اميدوار عبدالحڪيم بلوچ کي ڪاميابي نصيب ٿي، جڏهن ته عمران خان ٻئي نمبر تي رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button