سنڌ

ملتان وارن سياسي خانا بدوش جو حساب برابر ڪري ڇڏيو:آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملتان ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ڏيڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. اڳوڻي صدر آصف زررداري پنهنجي پيغام ۾ علي موسيٰ گيلاني ۽ حڪيم بلوچ کي ننڍي چونڊ کٽڻ تي واڌايون ڏيندي چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ٻن جيالن جو اضافو اطمينان جوڳو آهي، ملتان وارن سياسي خانه بدوش سان حساب برابر ڪري ڇڏيو، ملتان ۽ ملير ۾ ڪاميابي جيالن جي ناءُ ڪريان ٿو. آصف زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته تير جو نشان فتح جو نشان آهي، شاباش جيالو شاباش، ملتان ۽ ملير جي عوام جي مهرباني. آصف زرداري جو چوڻ ھو تھ ڏکڻ پنجاب صوبو ضرور ٺهندو، اهو منهنجو واعدو ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو منشور آهي، جيالن جو ڪير به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ملڪ جي مختلف شهرن ۾ قومي اسيمبلي جي اٺ ۽ پنجاب اسيمبلي جي ٽن تڪن تي ٿيندڙ چونڊ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڇهن سيٽن تي ڪاميابي ماڻي هئي، جڏهن ته ملتان ۽ ڪراچي جي ٻن سيٽن تي پيپلز پارٽي فاتح رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button