پاڪستان

عوام جو فيصلو اکين تي، ن ليگ اميدوار عابد شير علي شڪست مڃي ورتي

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 108 فيصل آباد ۾ نواز ليگ جي هارايل اميدوار عابد شير علي پنهنجي شڪست کي عوام جو فيصلو قرار ڏيندي جيئن جو تيئن قبول ڪري ورتو آهي. ن ليگ جي اميدوار مهانگائي ۽ بجلي جي اضافي بلن کي شڪست جو سبب قرار ڏيندي چيو ته آئون ڄاڻان ٿو ته ناڪامي ملڻ بعد دل تي ڇا گذرندي آهي پر الله تعاليٰ کي اسان جي شڪست منظور هئي، تنهن ڪري رب جو فيصلو اسان کي قبول ڪرڻ گهرجي، ضمني چونڊن کي عام چونڊن لا ريهرسل سمجهو، هي شڪست عوام جو فيصلو آهي. ياد رهي ته اين اي 108 تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان 99 هزار 841 ووٽ حاصل ڪري سوڀارو ٿيو، جڏهن ته نواز ليگ جي عابد شير علي کي 75 هزار 266 ووٽ مليا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button