پاڪستان

شيخ رشيد لال حويلي خالي ڪرائڻ وارو حڪم چئلينج ڪري ڇڏيو

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد لال حويلي خالي ڪرائڻ واري حڪم کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته لال حويلي ڪو “نائين زيرو” ناهي، هن عمارت جي هڪ تاريخ آهي، جنهن کي ڪير ختم نٿو ڪري سگهي. شيخ رشيد طرفان سيشن ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته لال حويلي اڳوڻي وفاقي وزير جي ملڪيت آهي ۽ سندس خلاف سياسي انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، ڪيس جي تاريخ 24 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي ان باوجود غير قانوني طور نوٽيس موڪليو ويو آهي. شيخ رشيد جي درخواست تي ايڊيشنل سيشن جج خورشيد عالم اويڪيو ٽرسٽ جي ڊائريڪٽر کي نوٽيس جاري ڪندي اڄ مڪمل رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ڪو به غيرقانوني قدم نه کڻڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف شيخ رشيد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 16 وزارتن جي جاچ ۽ پڇاڳاڇا ۾ ادارن کي منهنجي خلاف ڪجهه به نه مليو، هاڻي لال حويلي جي پويان پيا آهن، لال حويلي ڪو نائين زيرو ناهي، نااهل حڪمران پنهنجي خواري ڪرائي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button