پاڪستانسنڌ

ڏهرڪي ويجهو ڪار نه بيهارڻ تان مستري گولي هڻي زخمي، نوجوان مبينا اغوا

ڏهرڪي: ڏهرڪي ويجهو ڪار نه بيهارڻ تي بااثر وڏيرو مڇرجي پيو، ڊرائيور کي گولي هڻي زخمي ڪري وڌو، نوجوان مبينا اغوا، ايس ايس پي نوٽيس ورتو،ڪيس داخل خبر موجب ڏھرڪي ويجهو کينجھو جي وارياسي پٽي واري علائقي نور پير ۾ گاڏي نـه بيھارڻ تان علائقي جي بااثر وڏيري حاجي مھر مڇرجي پنهنجي ساٿين سان گڏجي گاڏي جو پيڇو ڪندي رستي ۾ گاڏي روڪي ڪار مڪينڪ پورهيت نوجوان عبدالحق تي وحشياڻو تشدد ڪري ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪري وڌو، جڏهن ته نوجوان گوھر رحمان کي مبينا طور اغوا ڪري ويو. ٻي طرف ڪار مڪينڪ زخمي حالت ۾ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ تڙپندو رهيو. اھڙي اطلاع تي زخمي جا وارث واقعي واري ھنڌ پھچي زخمي مستري کي کڻائي کينجھو ٿاڻي تي پھتا، جنهن کان پو پوليس زخمي نوجوان کي ميڊيڪل جو ليٽر ڏئي ڏھرڪي اسپتال موڪلي ڇڏيو. هوڏانهن زخمي نوجوان کي نازڪ حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان موقعي تي زخمي مستري عبدالحق لغاري ميڊيا کي ٻڌايو ته نور پير واري علائقي مان گاڏي جي مرمت ڪري واپس اچي رهيا هئاسين ته بااثر وڏيري حاجي خان مھر اسان جي ڪار کي پويان کان ٽڪر ھنيو ۽ تشدد بعد گولي هڻي زخمي ڪيو آهي. زخمي پورهيت جي پي عبيدالله لغاري ٻڌايو ته بااثر وڏيري اسان سان ظلم ڪيو آهي. جڏهن ته ايس ايس پي گهوٽڪي واقعي جو نوٽيس ورتو، جنهن کان پو کينجهو پوليس حاجي خان مهر ۽ سندس 4 ساٿين مٿان ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا. ٻي طرف ثناءَ الله مھر چيو ته حاجي مھر اسان کي مارڻ جي نيت سان گاڏي کي ٽڪر ھنيو ۽ بعد ۾ ھن مون کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان فائرنگ ڪئي، پر گولي مستري جي ڄنگھه ۾ لڳي وئي. ھن الزام هڻندي چيو ته حاجي خان مھر فرار ٿيڻ وقت منھنجي ڀاءَ گوھر رحمان کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو آهي. ھن وڌيڪ چيو ته کينجھو پوليس مستري عبدالحق کي ته گولي ھڻڻ جو ڪيس حاجي مھر خلاف داخل ڪيو آھي پر منھنجي مغوي ڀاءَ جو ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آھي. کينجھو پوليس جو چوڻ آھي ته حاجي مھر خلاف مستري عبدالحق کي گولي ھڻي زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته گوھر رحمان جي مبينا اغوا جي جاچ ھلي رھي آھي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد حاجي مھر گھران فرار ٿي ويو آھي. ان سلسلي ۾ حاجي مھر جو چوڻ آھي ته منھنجي نوڪرن شڪي گاڏي جو پتو لڳائڻ لاءِ گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شڪي گاڏي جي ڊرائيور گاڏي نه روڪي جنھن تان منھنجي نوڪرن جو جھيڙو ٿيو آھي، اھڙي جھيڙي ۾ مون کي ناحق ڦاسايو پيو وڃي. ھوڏانھن حاجي مھر خلاف ڪيس داخل ٿيڻ بعد علائقي جا بااثر زخمي مستري جي وارثن ۽ ثناءُالله مھر جي ڌر سان راڄوڻو ڪري مامرو حل ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button