سنڌ

باهو کوسي ۾ پوليو جي قومي مهم جي سلسلي ۾ ريلي

باهو کوسي ۾ پوليو جي قومي مهم جي سلسلي ۾ ها اسڪول کان يوسي پي او محمد بخش يوسي ميڊيڪل آفيسر راجا خان جکراڻي، ايريا انچارج نياز احمد، استاد رياض احمد ڊول، استاد قاري محمد عيسى کوسو جي اڳواڻي ۾ واڪ ڪڍي وئي، جنهن ۾ خالق زمان جکراڻي، راحب جکراڻي، عبدالقادر بلوچ سميت مختلف کاتن جي عملدارن، ڊاڪٽرن، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واڪ شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي يوسي پي او محمد خان خطاب ڪندي چيو ته پوليو موضي مرض آهي، ٻارن کي ان کان بچائڻ لاءِ پوليو جا ڦڙا ضرور پياريو. هن عوام کي اپيل ڪئي ته گهر گهر ايندڙ پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button