سنڌ

وارهه ۾قومي عوامي تحريڪ جو اسسٽنٽ ڪمشنر خلاف احتجاج

وارهه ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن اي سي سميع لله وڳڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ڪامريڊ عنايت الله لاشاري، ڪامريڊ اڪبر خاصخيلي، معشوق مرکنڊ، ايڊوڪيٽ اياز کهاوڙ، زاهد لاشاري ۽ مجيب لاشاري ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته برسات کان وٺي هٿرادو ٻوڏ تائين غريب، بي پهچ ۽ بي سهارا بڻجي ويا آھن. ٻوڏ سبب لکين روپين جا فصل تباهه، مال مري ويا ۽ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آھن. ڪرپٽ اي سي سميع الله وٽ اھڙن ماڻهن سان ملڻ جو ٽائيم ئي ناهي، سندس آفيس وڏيرن جي اوطاق بڻيل آھي. هنن چيف جسٽس ۽ وس وارن کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button