سنڌ

قمبر ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاج

قمبر ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي عبدالوهاب گوپانگ، سميع الله تنيو، نجيب الله، جمال ناصر لاکو، مقصود احمد ۽ خادم تنيو چيو اسان کان آئي بي اي ذريعي ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن ۾ پاس ٿياسين، جڏهن ته اسان کي ايجوڪيشن جا آفيسر خالي پيل جاين بابت ٻڌائين نٿا سکڻا آسرا ڏين ٿا جيڪو سراسر ظلم آهي. هنن وزير اعلى سنڌ، وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جلد آفر آرڊر ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button