سنڌ

قمبر ۾ مقتول نعيم عباس جي قاتلن جي گرفتاري لا احتجاج

قمبر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان نعيم عباس قريشي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعيم عباس جدوجھد ڪميٽي پاران ڀٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مجاهد شاهه، اخلاق حسين شاهه، نويد عباس قريشي، محمد علي هڪڙو، محمد جان بروهي، ڪامريڊ اياز ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته بيگناهه قتل ٿيل نوجوان نعيم عباس جا قاتل آزاد گهمي رهيا آهن، جيڪو مظلوم جي وارثن سان سراسر ظلم آهي. شھیيد جي خون سان انصاف ڪرائڻ تائين جدوجھد جاري رکڻ جو وچن ڪريون ٿا، جيستائين قاتل گرفتار نه ٿيندا تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو. ان دوران ڊي ايس پي قمبر، پي ايس او ۽ ايس ايڇ او سٽي ڳالھیين لا پھتا پر اڳواڻن انھن سان ڳالھيون ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته اسان سان ايس ايس پي اچي پاڻ ڳالهيون ڪري ان بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، آخر وچن ڪيو ويو ته جدوجھد بااثر قاتلن جي گرفتاري تائين جاري رکي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button