ناصحاڻو ادب didactic literature جو قديم ترين مثال ايسوپ جي آکاڻين منجهان ملي ٿو. ايسوپ جي آکاڻين مان نصيحتن، هدايتن ۽ ڏاهپ جا ڏس ملن ٿا. سندس ڪهاڻيون اڄ تائين ٻارن توڙي ٻڍڙن ۾ هڪجهڙيون مقبول آهن. مولانا روميءَ جي مثنوي به نصيحتن، هدايتن ۽ سبق آموز حڪايتن سان ڀريل آهي. زمانا بدلجندا رهيا پر نصيحتن ۽ هدايتن کي انداز ۽ اسلوب مٽائي پيش ڪرڻ جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. سنڌ جي لوڪ ادب جون آکاڻيون ۽ قصا به نصيحتي ادب سان ڀريل آهن. هي آکاڻيون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون اهي جن ۾ انساني ڪردارن وسيلي درس، نصيحت ۽ هدايت ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل آهي اهڙين ڪهاڻين کي نقل/پهاڪو/ٽوٽڪو Parable چئبو آهي. ٻئي قسم ۾ وري جانورن، پکين، ٻوٽن، وڻن، جيت جڻن ۽ بيجان شين کي انسانن جيان ڪردار بڻائي پيش ڪيو ويندو آهي، اهڙين ڪهاڻين کي آکاڻي/قصو Fable چئبو آهي. هن قسم جي ڪهاڻين ۾ جانورن، پکين، جيتن ۽ بيجان شين کي انسان جيان احساس، زبان ۽ سمجھه عطا ڪئي ويندي آهي، ان قسم جي حرفت کي Personification چئبو آهي. هي حرفت Parable جو اهم اوزار tool آهي. جڏهن ته استعارو، علامت نگاري ۽ تمثيل Metaphor, Allegory and Symbolism آکاڻي ۽ ٽوٽڪو Parable and Fable جا اهم اوزار آهن. اهو ذهن ۾ هجي ته آکاڻي ۽ ٽوٽڪو جون هي حرفتون نثر توڙي شاعري ٻنهي ۾ استعمال ٿينديون آهن.
عباس ڪوريجو جو تازو آيل ناويلا “وڻ” به نصيحتي (ناصحاڻي) ادب جو مثال آهي. هن ۾ آکاڻين ۽ قصن کي سموئي هڪ لڙيءَ ۾ پوئي ناويلا جي رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هر آکاڻيءَ ۾ مختلف ڪردار سامهون اچن ٿا. ڪٿي انساني شڪل ۾ ته ڪٿي پکي، پٿر ۽ وڻ جي شڪل ۾. سڀني آکاڻين منجهان ڪو درس يا نصيحت ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل آهي.
هي ناويلا ٽوٽل نو 9 حڪايتن جو مجموعو آهي. هر حڪايت کانپوءِ ان تي سمجهاڻيءَ طور ٽيڪاٽپڻي پڻ ٿيل آهي، ان سان گڏ ايندڙ حڪايت واري باب لاءِ به ميدان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. حڪايتي آکاڻين جي پهرئين قصي ۾ هڪ اهڙي شخص جي وارتا بيان ڪيل آهي جنهن جي زال ڪنهن ٻئي مرد سان تعلقات جوڙي ورتا ۽ ان جي نتيجي ۾ مرد سخت ڀوڳنا ۾ آهي. اهو مرد عورت کي بيوفا ۽ ڌوڪيباز قررا ڏيندي هڪ اهڙي پٿر جي ڳولا ۾ آهي جنهن کي هو دل تي رکي پنهنجي دل جو بار ۽ غم ختم ڪري سگهي. اهو به ڏسجي ٿو ته هي مرد جو هڪ طرفو بيان آهي جڏهن ته عورت کي پنهنجي وارتا پيش ڪرڻ جو ڪو موقعو ناهي ڏنو ويو. هن قصي ۾ عورت کي بيوفا ۽ ڌوڪيباز قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته انساني نفسيات موجب هڪ ئي فرد سان سموري عمر محبت نه ڪري سگهڻ ۽ رشتي ۾ هوندي به ڪنهن ٻئي سان محبت ۾ اٽڪڻ جي وارتا به واضح آهي. ليکڪ مرد جي قصي بيان ڪرڻ کانپوءِ دردن ۽ سورن جي وارتائن کي بيان ڪندي سماج ۾ موجود طبقاتي اڻبرابريءَ کي آڻي ٿو. ان جو سبب ايندڙ باب ۾ صرافه بازار ۾ موجود هڪ موچيءَ جي ڪٿا بيان ڪرڻ آهي. جنهن ۾ امير سونارن جي بازار ۾ هڪ غريب موچيءَ جو دوڪان جي موجودگي سونارن کي ٺپ نه ٿي وڻي ۽ اهي ان موچيءَ کي اتان اٿارڻ لاءِ کائنس مهانگي اگھه تي دوڪان وٺڻ جي آڇ ڪن ٿا. پر موچي سندن آڇ نه ٿو قبولي. سونارا کيس ڌمڪيون پڻ ڏين ٿا پر هو اهڙين ڌمڪين کي به نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو. نيٺ سندس انت هڪ حادثاتي موت وسيلي ٿئي ٿو جنهن ۾ صرافه بازار جي مڪار صدر جو هٿ هجي ٿو. موچي ۽ سونارن جو ٽڪراءُ اصل ۾ ڪارپوريٽ دنيا ۾ واپاري مفادن جي تحفظ جي جنگ جو مثال آهي. هتي واپاري پنهنجن مفادن جي بچاءَ لاءِ ڪنهن کي مارڻ تائين به وڃي سگهن ٿا وارو مثال بيان ڪيل آهي. ٻئي پاسي موچي پنهنجي اصولن تي ثابت قدم بيهي پنهنجي حق ۽ ملڪيت جي تحفظ لاءِ جان جوکي ۾ وجهي ٿو ۽ ان ريت مارجي ته وڃي ٿو پر آخر تائين وڪامجي هارجي نه ٿو. موچيءَ جي ڪردار کي ٻن رخن سان وٺي سگهجي ٿو. هڪ ته اصولن تي بيهڻ ۽ نه وڪامجڻ، يعني ڌمڪيون سهي ڪري به مقصد تان نه هٽڻ ۽ موت کي ڀاڪر پائڻ. ٻيو وري اهو ته انسان پنهنجي سوچ کان ٿڙڪي نه ٿو. جيڪڏهن موچي ٻيڻو ٽيڻو اگھه وٺي دوڪان کپائي ٻئي هنڌ سستو دوڪان وٺي ها ته کيس وڌيڪ رقم به ملي پوي ها ۽ ڌنڌو به جاري رکي ها ۽ ان ريت موت جي ور به نه چڙهي ها. هيءَ نواڻ ۽ پنهنجي سهولت واري سوچ جي ابتڙ آڇ کي قبول نه ڪرڻ واري سادگي يا ضديت آهي جيڪا کيس موت جي ور چاڙهي ٿي. ان ريت هو ڪو به فائدو وٺي سگهڻ کانسواءِ مري به وڃي ٿو ۽ سونارن جو ڪم به ٿي وڃي ٿو. هاڻي سوال اهو به اٿي ٿو ته جيڪڏهن هو جيئرو رهي ڪري فائدا وٺي دوڪان وڪرو ڪري ها ته ڇا اهو بهتر نه هو؟ موچيءَ جو دوڪان وڪرو نه ڪرڻ ۽ نئين جاءِ تي نه وڃڻ انسان جو پنهنجي comfort zone مان نه نڪرڻ واري ڊڄ جي عڪاسي آهي ته اگر مان هتان نڪتس ته تباھه ٿي ويندس.
ائين ليکڪ ڳوٺاڻن ۽ غريبن جي سادگي ۽ اميرن جي مڪاريءَ کي بيان ڪندي هڪ اهڙي امير ٺيڪيدار جي وارتا بيان ڪري ٿو جيڪو ٺيڪن ۾ ڪرپشن ڪندي انتهائي شاهوڪار بڻجي ويو آهي پر سندس ان بي ايماني ۽ ڏوهن جي سزا طور هن جي جسم منجهان ڌپ نڪرڻ شروع ڪري ٿي جنهن سبب سندس زال توڙي آفيس جو عملو پريشان ٿي وڃن ٿا. هو مهانگا پرفيوم استعمال ڪرڻ لڳي ٿو پر تنهن هوندي به اها ڌپ ختم نه ٿي ٿئيس. هتي ليکڪ آخر ۾ اهو درس ڏنو آهي ته بدڪرداريءَ جي ڌپ ظاهري صاف سٿرائي ۽ دنياوي خوشبوئن سان ختم ناهي ٿيڻي. دولت ڀلي ڪيڏي به هجي پر اها دولت بدڪرداري ۽ بي ايمانيءَ سبب ملندڙ سزا ختم ٿيڻ ۾ ڪنهن به قسم جي مدد نه ٿي ڏئي سگهي. ٻيو اهو به درس ملي ٿو ته گناهن ۽ بي ايمانيءَ جي سزا رڳو قبر ۽ آخرت ۾ نه پر هن دنيا ۾ به مختلف طريقن سان ملي وڃي ٿي پر انسان ان طرف سوچي نه ٿو.
ايندڙ ڪٿا ۾ هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي وارتا بيان ڪيل آهي جنهن جي معصوميت جي انعام ۾ کيس هر شخص پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن سبب ان قسم جو جانور نظر اچي ٿو. کيس ڪا عورت ٻلي نظر ٿي اچي ته ڪو مرد گڏهھ. ڪير بگهڙ ته ڪو رڇ ته ڪو وري سوئر. يعني جنهن انسان ۾ جهڙيون حيواني جبلتون گهڻيون آهن ڇوڪريءَ کي اهو شخص انسان بدران انهن جبلتن وارو جانور نظر اچي ٿو. ائين ئي کيس پنهنجو پيءُ به انسان بدران گڏھه نظر اچي ٿو. اهو گڏھه سخت پورهيو ڪندڙ ۽ بيوقوف هجڻ جي علامت آهي. وري کيس هڪ مائٽ ڇوڪرو ڪتو نظر اچي ٿو. اهو ڪتو وحشت ۽ بدڪرداريءَ جي علامت آهي. پر هن وارتا ۾ ڇوڪريءَ کي ان ڇوڪر پاران ڪنهن به قسم جي جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻائيندي يا ان قسم جي ڪوشش ڪندي ناهي ڏيکاريو ويو.
(هلندڙ)