ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ننڍي چونڊ

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

ننڍي چونڊ ۾گهڻو ڪري اپوزيشن پارٽيون ملهه مارينديون آيون آهن. جڏهن پي ٽي آءِ اقتدار ۾ هئي ته جيڪا به ننڍي چونڊ ٿي هئي، ان ۾ نواز ليگ ڪاميابي ماڻي هئي. ان وقت نواز ليگ جي سوڀ تي پي ٽي آءِ جا عجيب دليل هوندا هئا. ڊسڪا واري چونڊ ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، ان کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ نتيجي ۾ پي ٽي آءِ صفا وائکي ٿي پئي. اهڙي ريت هاڻ جڏهن عمران خان نيازي اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيي سان ميدان ۾ لٿو آهي ۽ هو ايتري قدر اسٽيبلشمينٽ مخالف ٿي ويو آهي جو چوي ٿو جيڪي به نواز ليگ کي اين آر او ڏئي رهيا آهن، اهي ملڪ جا غدار آهن. اهڙي قسم جي بيانن جا نتيجا امڪاني طور کيس ايندڙ وقت ۾ ضرور بوڳڻا پوندا. پي ٽي آءِ جي قيادت به عمران خان نيازيءَ واري ساڳي ٻولي ڳالهائي ٿي. آرمي چيف قمر جاويد باجوه خلاف ٽوئيٽ ڪرڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جيل جون هوائون کائي رهيو آهي.
ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي کٽڻ جا امڪان بنهه گهٽ هئا، پر ان به ملتان ۽ ڪراچيءَ مان سوڀ ماڻي ورتي آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي وٽ ڪو اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيو به ڪونهي. اها ته ان جي وڏي تابعدار آهي ۽ ان وٽ هاڻ مزاحمتي سياست جو ڪو عنصر ڪونه رهيو آهي. تنهن هوندي به اها جيڪڏهن ٻه سيٽون ٻهاري وئي آهي ته ان تي پيپلز پارٽيءَ کي ڪجهه حيرت ضرور ٿي هوندي. عمران خان نيازي جهڙي ريت سڀني تڪ تي بيهي مقابلو ڪيو ۽ مخالف اميدوارن کي شڪست ڏني آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ووٽ بينڪ اڄ به عمران خان نيازيءَ وٽ موجود آهي. پر سندس اها ڪاميابي گهڻي فرق سان نه ٿي آهي. مقابلو سخت ٿيو آهي، ان کان پوءِ عمران خان نيازي اها چونڊ کٽي آهي.
نواز ليگ پنجاب ۾ مقابلو ته ڪيو پر اها ڪاميابي نه ماڻي سگهي. اها ان جي شڪست آهي ته هو پنجاب مان سيٽون نه کٽي سگهي. جڏهن ته عمران خان نيازي لاڳيتو پنهنجن جلسن ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪندو آيو آهي، جن کي عوام ڪنهن به ريت دل سان قبول نٿو ڪري سگهي. جڏهن ته عدالتن مان کيس لاڳيتو رليف ملي رهيو آهي. هن جي ضمانتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ هو جيڪي ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿو، سو ڳالهائي ٿو. ان سان ڀلي ملڪ جي سلامتي داءُ تي لڳي وڃي. شايد هو سمجهي ٿو ته ملڪ ۾ هو ئي واحد ليڊر آهي ۽ هو سپريم ليڊر ٿي ويو آهي. تنهنڪري هن کي ڪو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. جهڙي ريت هو مذهبي ڪارڊ استعمال ڪري رهيو آهي. ان ڪارڊ سبب به عوام هن کي ووٽ ڏئي ٿو. ان کان سواءِ سندس حڪومت ختم ڪرڻ جو جيڪو سازشي ناٽڪ هن گهڙيو آهي، ان کي به عوام جي ذهنن ۾ ڀرڻ ۾ هو ڪامياب ٿي ويو آهي. تنهنڪري عوام کي اهو ئي لڳو ٿو ته واقعي به ڪا اهڙي سازش ٿي آهي. ڀلي سندس جلسي ۾ ايندڙ نوجوان لڏي کي اها خبر به نه هجي ته اصل ڪهاڻي ڇا آهي پر هو تڏهن به عمران خان نيازيءِ جي پويان آهين، ڇاڪاڻ ته سندن ماءُ پيءُ کين ٻڌائين ٿا ته عمران خان هڪ سچو ليڊر آهي. انهن جو اولاد اهو ئي چوي ٿو ته اسان جي امان ٻڌايو آهي ته هيءَ عمران خان آهي ۽ هيءَ هڪ سچو ليڊر آهي ٻيا سڀ چور آهن.
ان بيانيي سان جيڪڏهن عوامي سطح تي عمران خان نيازيءَ کي پذيرائي ملي ٿي ته ڀلي ملي ۽ هو ووٽ به ٻهاري ويندو پر اصل ڳالهه اها آهي ته ڇا ايترو ڪجهه ٿيڻ کان پوءِ هن کي وري اقتدار ملي سگهي ٿو. هو جيڪي ارادا رکي ٿو، انهن جي هوندي هن تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو آهي.
نئين سياسي صف بنديءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ گنجائش نظر اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته پنجاب ۽ سنڌ جي اهم ترين شهر ڪراچيءَ ۾ عمران خان نيازيءَ کي شڪست ڏيڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي. تنهنڪري پيپلز پارٽي جهڙي ريت اسٽيبشلمينٽ سان ٺاهي هلندي رهي آهي ۽ ان جي هر ڳالهه سٺي ٻار وانگر مڃيندي رهي آهي، ان ڪري اها نواز ليگ کان وڌيڪ قابل قبول ٿي سگهي ٿي. پيپلز پارٽيءَ کي خبر آهي ته اها اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيي وسيلي ڪنهن به ريت ووٽ حاصل نٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي اها اهڙو ڪو بيانيو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار به آهي. تنهنڪري هن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو اقتدار واري سياست لاءِ اهڙو ئي بيانيو اختيار ڪندي اڳيان وڌي جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ راضي آهي.
نواز ليگ وٽ هن وقت پنجاب ناهي. جيڪڏهن اها پنجاب حڪومت ختم ڪري اتي پنهنجي حڪومت قائم ڪري ٿي وڃي ته ان سان ايندڙ چونڊن ۾ وڏو فرق پئجي سگهي ٿو. نواز شريف جي واپسيءَ کان پوءِ ته ماحول ۾ جيڪا تبديلي ايندي، اها ڏسڻ وٽان هوندي. هو پنجاب کي وڌيڪ متحرڪ ڪري سگهي ٿو ۽ ان کان سواءِ نواز ليگ لاءِ بهتر ماحول جوڙي سگهي ٿو. تنهنڪري نواز شريف جي واپسيءَ جون تاريخون به ڏنيون پيون وڃن. نواز ليگ وٽ پنجاب نه هجڻ جو مطلب اهو آهي ته اها حڪومت ۾ هوندي به حڪومت ۾ ناهي. ان کان سواءِ ڪالهه جيڪي ڳالهيون گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ڪيون آهن، اهي به اهم آهن. هن ننڍي چونڊ ۾ شڪست کي قبول ڪيو آهي ۽ اهو پڻ چيو آهي ته عوام کي جيڪي اميدون هيون، اهي ان تي پورا نه لٿا آهن.
عوام جون اميدون ڪهڙيون آهن. عوام جون اميدون اهي آهي ته هاڻوڪي حڪومت اهي سڀ عذاب عوام مٿان ٽاري جيڪي عمران خان جي حڪومت ۾ ان تي لٿا هئا. مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام جا ٻه اهم مسئلا آهن. انهن مسئلن کي نواز ليگ ۽ پ پ حڪومت حل نه پيون ڪري سگهن. ملڪ ۾ پيٽرول جون قميتون تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهن. عوام کي اٽو وٺڻ لاءِ اڄ به لائين ۾ لڳڻو ٿو پوي ۽ ان کان سواءِ مهانگائيءَ جي شرح ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. عوام لاءِ پنهنجي گهر جو رڌڻو هلائڻ ئي ڏکيو ٿي پيو آهي. جيڪڏهن هيءَ حڪومت اهو به مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته عوام کان جنهن موٽ جي اميد هاڻوڪي حڪومت رکي ٿي ته ان تي عوام به پورو نه لهندو ۽ نه ئي هو هن حڪومت مان خوش آهي.
هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ جڏهن تيل جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن ته پاڪستان ۾ تيل مهانگو ترين اسم لڳو پيو آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ عوام مهانگائي سبب رڙيون ڪري نواز شريف جي حڪومت کي ياد ڪندا هئا، هاڻ جڏهن نواز ليگ جي حڪومت آهي ته ان ۾ مهانگائي ايڏي وڏي سطح تي وڃي پهتي آهي جو عوام پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ياد ڪري ٿو ۽ ان کي هاڻوڪي حڪومت کان بهتر حڪومت سمجهي ٿو. جڏهن ته ان حڪومت ۾ عمران خان نيازي رڳو پنهنجو پاڻ کي پروموٽ پيو ڪندو هو، جنهن جو چوڻ هو ته هو پٽاٽن ۽ ٽماٽن جو اگهه مقرر ڪرڻ ڪونه آيو آهي. هو ڪنهن به عوامي مسئلي کي حل ڪرڻ يا ان ۾ دلچسپي وٺڻ لاءِ تيار نه هو. هن رڳو نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ سان سياسي دشمني نڀائيندي پنهنجو وقت ڪٽيو.
ننڍي چونڊ کان پوءِ جيڪي نتيجا آيا آهن، اهي ايندڙ عام چونڊن تي به اثرانداز ٿيندا. جيڪڏهن نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي چاهين ٿيون ته اهي عوام جو ووٽ وري حاصل ڪري سگهن ته انهن کي عوام جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button