ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مسئلو فاقي جو نه لالچ جو آهي

Editorial-Article-Wussat Allah Khan

هاڻي ته اسان کي سياسي عدم استحڪام ۽ دهشتگرديءَ جو وري اڀرڻ ئي ٻه وڏا خطرا محسوس ٿي رهيا آهن، پر ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ انهن ٻنهي کان هڪ وڏو خطرو مٿي تي لامارا ڏئي رهيو آهي. يعني بک جو خطرو.
جيڪڏهن هاڻوڪين برساتن جي ڪري لڳ ڀڳ ساڍا ٽي ڪروڙ پاڪستاني بي گهر نه ٿيا هجن ها، تڏهن به خوراڪ جون آسمان ڇهندڙ قيمتون ستر سيڪڙو پاڪستاني گهراڻن جي پنهنجي ماهوار ڪمائيءَ جو پنجاهه سيڪڙو فقط خوراڪ تي خرچ ڪرڻ تي مجبور هيون. ان جو هڪ بنيادي سبب گذريل هڪ سال کان ٿيندڙ لاڳيتي مهانگائي آهي. خاص طور تي خوراڪ جي قيمت هاڻ ڇهه ماهي ۽ ماهوار جي پائيدان تان ترڪي روزاني جي مرحلي تائين اچي پهتي آهي.
عام ماڻهوءَ کي ڪهڙي ريت سمجهايون ته ادا اهو فقط سرڪاري نا اهلي جو نتيجو ڪونهي پر ڪووڊ جي وبا، عالمي معيشت جي زبون حالي، يوڪرين – روس جنگ، ڊالر جي وڌندڙ لاڳيتي طاقت، تيل ۽ گيس جي قيمتن ۾ موسمياتي پاڳلپڻي جي نتيجي ۾ گذريل هڪ سال ۾ عالمي سطح تي ئي خوراڪ جون قميتون سراسري 34 سيڪڙو وڌي ويون آهن.
عام ماڻهو ته رڳو اهو ڄاڻي ته اڄ جيڪڏهن گجر اڍائي سو رپيا في ڪلو خريد ڪري رهيو آهي، ايندڙ ڏينهن اهو ئي گجر ٽي سو رپيا في ڪلو ڇو ملي رهيو آهي. گجر ڀلا ڪهڙو ڊالر ۾ خريد ڪيو ويندو آهي يا يوڪرين مان ايندو آهي ۽ ڪهڙو سبب آهي جو خوراڪ جي قيمتن ۾ ماهوار 28 سيڪڙو واڌ ٿي رهي آهي ۽ سو رپين جي قوت خريد چاليهه رپين جيتري ٿي وئي آهي.
هاڻي اچو مٿي تي لامارا ڏيندڙ خطري ڏانهن. هن سال جيڪڏهن ٻوڏ نه اچي ها ته زرعي خرچ ۾ واڌ، هاري جي منافعي ۾ کوٽ ۽ ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ ساڍا ٽي سو رپيا مڻ (ساڍا ارڙهن سئو کان ٻاويهه سو) واڌ جي باوجود ڪڻڪ جي پوک جي ايراضيءَ ۾ ٻه سيڪڙو کان وڌيڪ کوٽ ٿي آهي. پر ٻوڏ کان پوءِ صورتحال اهڙي آهي جو سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ چانورن جي پوک جي روايتي علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي.
امونيا فاسفيٽ جي ٿيلهي جي قيمت هڪ سال دوران ڇهه هزار کان اڏي پندرهن هزار جي ٽاريءَ تي وڃي ويٺي آهي. ان جو هڪ سبب جيڪڏهن يوڪرين – روس تڪرار ۽ گيس جي قيمت ۾ واڌ ٻڌائي پئي وڃي ته هڪ سبب لڪايو به وڃي پيو، يعني افغانستان کي ڀاڻ جي اسمگلنگ جو ريڪٽ.
جيڪڏهن ڪڻڪ جي ايندڙ فصل لاءِ امدادي قيمت سو رپيا في مڻ جي واڌ جي ترغيباتي تجويز تي به عمل ٿي وڃي، تڏهن به ڪڻڪ پوکڻ هاري کي واري ۾ ناهي.
ڇو واري ۾ ڪونهي. ان لاءِ فقط ٻنيءَ کان گهر تائين سپلاءِ چين ڏسڻ ڪافي آهي. پنجن مهينن کان ڪڻڪ پيدا ڪندڙ هارين سان هن سال تي ڪڻڪ 1900 کان 2200 رپين ۾ ايجنٽ وٺندو. ان کي پنج سئو رپيا في مڻ منافعي تي 2700 رپيا فلور مل کي وڪڻي ڇڏيو ۽ فلور مل واري ان کي اٽو ڪري 1300 رپيا ٻيا شامل ڪري 4000 رپيا في مڻ تي دڪاندار حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اهو دڪاندار في مڻ پنج سو رپيا وڌائي ان کي 4500 رپين ۾ مون کي ۽ توهان کي وڪرو ڪري رهيو آهي. جڏهن اهو ئي مڻ تندور وارو خريد ڪندو ته ان جو في نان اضافي پنج رپيا گراهڪ کان وٺندو.
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جڏهن هاري کان 2200 رپين ۾ خريد ڪيل ڪڻڪ منهنجي رڌڻي ۾ يا تندوري مانيءَ جي شڪل ۾ پنج هزار رپيا في مڻ پئجي رهي آهي ته هاري پنهنجي ئي ڪڻڪ تي 2700 رپيا في مڻ جي واڌ ڏسڻ کان پوءِ ڪيتري شوق سان ايندڙ فصل پوکيندو.
۽ جڏهن اها ئي ڪڻڪ ان کي ٻج جي شڪل ۾ ساڍا چار هزار رپيا في مڻ واپس خريد ڪرڻي پئي ته اهو ڇو ۽ ڪنهن لاءِ اها قرباني ڏيندو. اهو ئي حال ڪڻڪ کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ چانور جو به آهي. بلڪه ان ۾ ته ايجنٽن لاءِ شرح منافعو ڪڻڪ کان به وڌيڪ آهي.
پوءِ به سٺي خبر اها آهي ته دنيا ۾ جيتري به خوراڪ پيدا ٿئي ٿي، اها اڄ به پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪافي آهي. جيڪڏهن وچ ۾ لالچ ۽ وسيلن تي قبضي جي عادت مان جان ڇٽي وڃي، پر اهو چوڻ جيترو سولو آهي، ڪرڻ اوترو ڏکيو آهي.
ان لالچ ۽ قبضي جي عادت سبب هن وقت هر چئن سيڪنڊن ۾ هڪ انسان فاقي سبب مري رهيو آهي. 83 ڪروڙ انسان رات جو بکئي پيٽ سمهن ٿا ۽ 40 سيڪڙو عالمي آبادي (3 ڏهائي هڪ ارب) اڻپوري خوراڪ کي منهن ڏئي رهي آهي. ان ڪري نون ڄاول ٻارن جو قد پوري ريت وڌي نه پيو سگهي. انهن جي ناقص جسماني واڌ ويجهه انهن کي باقي ڄمار لاءِ بيمارين جو سولو هدف ٺاهي ڇڏيندي آهي.
مثال طور ورلڊ هنگر انڊيڪس جي هاڻوڪي رپورٽ موجب هن وقت اڻپوري خوراڪ، بک ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ انساني مسئلن جي اعتبار کان ٻه خطا سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ آهن. پهريون صحارا پار آفريڪي ملڪ ۽ ٻيو اسان جو ڏکڻ ايشيا.
هڪ سئو ايڪيهه ملڪ تي ٻڌل ورلڊ هنگر انڊيڪس ۾ جيڪڏهن ڏکڻ ايشيا کي ڏٺو وڃي ته سري لنڪا مالي طور ڏيوالو ٿيڻ باوجود خوراڪ جي عام ماڻهو تائين رسائي جي تعلق کان اڃا تائين بهتر حالت ۾ آهي. انڊيڪس ۾ ان جو نمنر 64 آهي، نيپال 81، بنگلاديش 84، پاڪستان 99، ڀارت هڪ 107 ۽ افغانستان 108هين نمبر تي آهي.
ڀارت جو قصو گهڻُو عجيب آهي. آباديءَ جي اعتبار (هڪ ارب چاليهه ڪروڙ) کان اهو چين کان پوءِ دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ آهي، چين ۽ جاپان کان پوءِ ايشيا جي ٽين وڏي معيشت (پوڻا چار ٽرلين ڊالر) آهي. سالياني واڌ جي شرح ڇهه سيڪڙو آهي، جيڪا ڪافي متاثر ڪندڙ آهي. چين کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ڪڻڪ پيدا ڪندڙ ملڪ ڀارت آهي. ان هوندي به ڀارت جو ورلڊ هنگر انڊيڪس ۾ گراف 2019ع ۾ 101 درجي مان گذري اڄ 107هين درجي تائين ڪري ويو آهي. ستر سيڪڙو آبادي اڻپوري خوراڪ جو شڪار آهي ۽ ٻار جي جسماني واڌ ويجهه ۾ کوٽ جي شرح لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو آهي، جيڪا دنيا ۾ سڀن کان وڌيڪ آهي. 80 سيڪڙو دولت جا مالڪ 10 سيڪڙو ڀارتي آهن.
ان جو مطلب اهو آهي ته ضرورت کان وڌيڪ خوراڪ پيدا ڪرڻ ڪو مسئلو ڪونهي. اصل مسئلو ان کي آخري انسان تائين بنا ضايع ٿيڻ جي پهچائڻ آهي ۽ هن دنيا ۾ جيتري به خوراڪ پيدا ٿئي ٿي، ان جو 10 سيڪڙو اسين بنا استعمال ڪرڻ جي وڃائي ٿا ڇڏيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button