ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ضمني چونڊ___ضروري سوال

Editorial-Article-Aijaz Mangi

ضمني چونڊ ۾ عمران خان جي جيت تي بي بي سيءَ پاران اهو سوال اٿاريو ويو آهي ته ڇا ستن سيٽن مان ڇهن تي ڪامياب ٿيڻ بعد عمران خان هاڻي وڌيڪ سرڪش سياست ڪندو؟ جڏهن ته اهم سوال صرف اهو ناهي. هن وقت هيءَ چونڊ جنهن ماحول ۾ ٿي آهي، اهو ماحول اقتداري سياست جي ڪيترن ئي اهم سوالن کي اجاگر ڪري چڪو آهي پر هن مهل تائين انهن سوالن جي طرف اسان جي عظيم ميڊيا ڪو ڌيان ڌرڻ مناسب نه سمجهيو آهي. اهي تمام اهم ۽ ضروري سوال آهن. انهن سوالن جا جواب ڏائڻ جهڙي سياست جي منهن تان منافقيءَ جو گهونگهٽ هٽائڻ برابر آهي. پر اهو ڪم ڪير ڪري؟

عمران خان جي جيت تي هن سميت ڪنهن کي به حيران ٿيڻ جو حق حاصل نه هجڻ گهرجي. جڏهن ته پ پ پ پ پنهنجي ٻن سيٽن تي سوڀ مٿان به تمام گهڻي حيران، پريشان ۽ مسرت جي مستيءَ ۾ مسرور آهي. ڇو ته پ پ پ پ ۽ هن جي حامين کي اها اميد هرگز نه هئي ته ڪو هو کٽي به سگهن ٿا! سنڌ ۾ ملير ضلعي واري سوڀ ته کڻي سندس سرڪار هجڻ سبب مشڪل نه هئي پر مخالف حڪومت جي ماحول ۾ ملتان واري سيٽ کٽڻ ڪنهن وڏو معرڪو محسوس ٿي رهيو آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي ان ڪوڙي ڪاميابيءَ تي ڀلي خوش ٿئي پر دراصل اهو مقابلو ٻن پيرن ۾ هو. ملتان ۾ شاهه محمود قريشيءَ جي ڌيءَ کي شڪست ڏيڻ وارو ڪو عام جيالو نه هو. پر هو وڏي گاديءَ واري پير يوسف رضا گيلانيءَ جو فرزند هو. ان ڪري ان سوڀ کي ملتان جي مخصوص پيراڻي سياست جي پس منظر ۾ ڏيڻ جي ضرورت آهي. باقي عمران خان جي جيت بعد هن جي سياست جو رخ ۽ رجحان ته هو نه پر اهي هٿ ڪندا، جن ۾ هن جي سياست جون واڳون آهن.

عمران خان جي عوامي مقبوليت هن جي طاقت به آهي ۽ هن جي ڪمزوري به آهي. عوام جي تمام گهڻي سپورٽ سبب عمران خان ملڪي اسٽيبلشمينٽ لاءِ ان طرح سان قابل قبول ناهي، جنهن طرح سان اهي سياسي اڳواڻ جن کي عوام جي گهٽ حمايت حاصل هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي ته اقتدار ۾ اچڻ لاءِ هوشيار سياستدان جلسن بدران ڊرائنگ رومن جو رخ ڪندا آهن. ان جو سڀ کان وڏو ۽ بنهه تازو مثال اسان جو وزير اعظم آهي. شهباز شريف ڪهڙا جلسا ڪيا؟ هن ڪهڙا ماڻهن جا ميڙ ڪٺا ڪيا؟ هن ڪهڙا ڌرڻا هنيا؟ هن لانگ مارچون ته ماڳ پر شارٽ مارچون به نه ڪيون پر پوءِ به هو ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويو. هو نه صرف ملڪ جو وزير اعظم بڻيو پر هن کي انهن ڪيسن مان نجات به ملي هئي، جيڪي هن جي سر مٿان ڌاڳي ۾ ٻڌل تلوار وانگر لڙڪي رهيا هئا. هن جي ان ڪاميابيءَ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ اهو سوال به اهم آهي پر ان کان وڌيڪ اهو سوال لازمي آهي ته شهباز شريف ۽ نواز شريف جا سياسي رشتا کير کنڊ جهڙا آهن؟

لنڊن ۾ ميان نواز شريف جي تازو انٽرويو ته ٻي قسم جو تاثر ڏئي رهيو هو. اهو تاثر اهڙو هو، جهڙي تاثر جي ڪري اهو سوال اٿي کڙو ٿيو آهي ته هن مهل جڏهن پنجاب ۾ تمام مشڪل چونڊ ٿي رهي هئي، تڏهن مريم نواز ماحول کي گرمائڻ بدران مهانگا ۽ گرم لباس پائي لنڊن ۾ پنهنجي والد، پٽ ۽ ڀاءُ سان يادگار تصويرون ڪڍرائي رهي آهي. ڇو؟ ڇا هن کي اها ڳڻتي نه هئي ته هن جي پارٽيءَ جي عزت خطري ۾ آهي. هن وقت هن کي هر ضروري ڪم ڇڏي پنهنجي پارٽيءَ جي ساک کي بچائڻ جي سلسلي ۾ سرگرم هجڻ کپندو هو. پر پاسپورٽ ملڻ بعد هن مڙي به نه ڏٺو ته پويان هن جي پارٽيءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو؟

مريم نواز ملڪ ۾ هجي به ها ته عمران خان کي شڪست نه ملي سگهي ها. پر پوءِ به ڪي سياسي آداب هوندا آهن. ڪي سياسي اطوار هوندا آهن. انهن سمورن سياسي فرضن کي پاسي تي رکي مريم نواز پکيءَ وانگر اڏامي هلي وئي. هن مهل اهو سوال وڏي اهميت وارو آهي ته ڇا ملڪي اسٽيبلشمينٽ ٻنهي ڀائرن سان ساڳيو سلوڪ اختيار ڪري ويٺي آهي؟ ڪٿي اهو ته ڪونهي جو “مائنس ون” جو فارمولو عمل ۾ اچي ويو آهي ۽ ان جي باري ۾ هن مهل تائين اسان جي عظيم ميڊيا ڪو انڪشاف نه ڪيو آهي. اها ڳالهه طئه آهي ته جيڪو فائدو ننڍي ڀاءَ کي مليو آهي، اهو وڏي ڀاءَ جي حصي ۾ نه آيو آهي. ننڍو ڀاءُ نه رڳو ملڪ جي سڀ کان وڏي عهدي تي ويٺو آهي پر هن جا ۽ هن جي پٽ جا ڪيس ڪڪرن وانگر هوا جي دوش تي هليا ويا. پر ميان نواز شريف ۽ مريم نواز کي پاسپورٽن کان سواءِ ٻيو ڇا مليو آهي ۽ انهن کي پاسپورٽ ملڻ جو مطلب به اهو ئي محسوس ٿي رهيو آهي، جنهن جو هڪ درديلو اظهار ان انڊين گاني ۾ آهي ته:

“چل اڙ جا ري پنڇي

ڪه اب يه ديس هوا بيگانه”

مريم نواز کي ٻاهر موڪلڻ جو هڪ مطلب اهو آهي ته هن کي پنهنجي والد وٽ رهائي شهباز شريف کي اڪيلا مزا ماڻڻ وارو ماحول ڏجي. ميان نواز شريف کي سخت غصو آهي ته شهباز شريف هن جي پارٽيءَ کي مهانگائي سبب نقصان ڏئي رهيو آهي. ان ڪري هن اسحاق ڊار کي اماڻيو آهي ته هو ڪنهن طرح سان پيٽرول ۽ ڪجهه ٻيون اهم شيون سستيون ڪري مسلم ليگ ن جي متاثر سياسي ساک جي مرمت ڪري. اسحاق ڊار هڪ وڏو پئسي جو رانديگر آهي. هن کي اها اسائنمينٽ مليل آهي ته هن ڀيري هو گهٽ کائي پر اهڙو ماحول ٺاهي، جنهن ۾ وڌيڪ ۽ وڏي عرصي تائين کائڻ جو ماحول جڙي سگهي. هو پنهنجي ڪم سان لڳو پيو آهي. پر ان ماحول ۾ سوال صرف ٻن ڀائرن جي وچ ۾ ملندڙ رعايتن جي توازن جو ناهي. پر ٻن اقتداري پارٽين جي وچ ۾ به اين آر او جي اڻ برابريءَ سبب جيڪي اعتراض اٿي رهيا آهن، انهن جو ته باب ئي الڳ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن حڪومت جو بظاهر آرڪيٽيڪٽ آصف زرداري هو. پر اقتدار سبب جيڪا فائدا مسلم ليگ ن کي مليا آهن، اهي پيپلز پارٽيءَ کي حاصل ٿي نه سگهيا آهن. ان ڪري پيپلز پارٽيءَ جو موڊ خراب آهي. پيپلز پارٽيءَ جو ميان شهباز شريف جي مٿان اهو اصرار آهي ته جيڪو اين آر او هن کي ۽ هن جي پٽ کي مليو آهي، اهو آصف زرداريءَ ۽ هن جي ڀيڻ کي به ملي. شهباز شريف پيپلز پارٽيءَ کي مناسب وقت جي انتظار ۾ ويهاري رهيو آهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي سوچي رهي آهي ته ڇا ان انتظار جو ڦل مٺو هوندو؟

پيپلز پارٽي جي دعويٰ ڪهڙي به هجي پر هن کي پنهنجي حال جي خبر آهي. هن کي اهو به معلوم آهي ته هن کي جيڪو ڪجهه به ملي رهيو آهي، ان ۾ عدل کان وڌيڪ فضل جو ڪردار آهي. ان سلسلي ۾ ٻي اهم ڳالهه اها به آهي ته پيپلز پارٽي ڪنهن به قيمت تي اسٽيبلشمينٽ سان ڦٽائڻ جي حق ۾ ناهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي اها مرضي هوندي ته پيپلز پارٽي شهباز شريف جو ساٿ ڏئي بيٺي هجي ته اها بيٺي رهندي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي صرف سنڌ جي حڪومت به حاصل هجي ٿي ته اها هن جي وڏي ڳالهه آهي. پر هن مهل ته پيپلز پارٽي وفاقي اقتدار مان به حصو کڻي رهي آهي. اهو حصو ڀلي گهٽ آهي پر پيپلز پارٽي هڪ پريڪٽيڪل پارٽي آهي. هن جو خيال آهي ته Some thing is better than nothing يعني “ڪجهه نه ڪجهه، ڪجهه به نه کان بهتر آهي” ان ڪري پيپلز پارٽيءَ کي ايترو اعتراض به ناهي، جو اها اسٽيبلشمينٽ جي اسڪيم مان نڪرڻ جي حد تائين ناراض ٿيڻ جو سبب بڻجي. پيپلز پارٽي پنهنجي ڪرت سان لڳل آهي.

عمران خان جي توائيءَ ۾ مسلسل اضافو اچي رهيو آهي. عمران خان کي جيئن جيئن عوامي حمايت حاصل ٿي رهي آهي، تيئن تيئن هن جي اقتدار ۾ اچڻ واري بيقراري وڌي رهي آهي. هو اقتدار کان سواءِ ٻيو ڪنهن به ڳالهه تي راضي ٿيڻ جي موڊ ۾ نظر نه ٿو اچي. جيتوڻيڪ هن کي ٻن صوبن ۾ اقتدار حاصل آهي پر هن جو خيال آهي ته پارٽيءَ کي ڀلي ٽن صوبن ۾ اقتدار حاصل هجي پر جيڪڏهن هو وزارت اعظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺل ناهي ته اهو ٽن صوبن وارو اقتدار ڪنهن به ڪم جو ناهي. عمران خان کي هن سال جي پڇاڙيءَ تي ٿيندڙ اهم فيصلن ۾ پنهنجي فائدي جو تمام گهڻو فڪر آهي. هن کان انتظار جا ڪٺن پل نه ٿا ڪٽجن. جيتوڻيڪ هن کي ٻاهر وڃڻ ۽ ڪجهه وقت بهتر ماحول ۾ گذارڻ جا به مشورا ملي رهيا آهن پر هو ان خوف کان ٻاهر نه ٿو وڃي ته متان هن مٿان موٽ جا دروازا بند ٿي وڃن يا هن جي غيرموجودگيءَ ۾ هن جي پارٽيءَ کي ويڙهائي ورهايو وڃي. هونءَ به هو ايترو وقت ٻاهر رهيو آهي جو هن کي ٻاهر رهڻ ۾ ايتري خاص دلچسپي ناهي.

هن وقت اصل مقابلو شهباز شريف ۽ عمران خان ۾ ناهي. اصل مقابلو آصف زرداريءَ ۽ عمران خان ۾ ناهي. عمران خان جو اصل مد مقابل اڄ به ميان نواز شريف آهي. هن کي اهو خوف آهي ته جيڪڏهن ميان نواز شريف جي مٿان به ڪرم جي نظر پئي ۽ هو به نئين شروعات ڪرڻ جي لاءِ ميدان ۾ لٿو ته هن جو مقابلو ڪجهه مشڪل ٿيندو. ڇو ته ميان نواز شريف جون سياسي جڙون پنجاب جي برادري نظام ۾ تمام گهڻيون پختيون آهن. هو عمران خان لاءِ مشڪل ملهه ثابت ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته هن مهل هن سان گڏ هن جي ڌيءَ مريم به آهي. عمران خان کي تمام گهڻي عوامي حمايت هوندي اهو خوف آهي ته هن جي ان مقبوليت کي جيڪڏهن ڪوئي متاثر ڪري سگهي ٿو ته هو نواز شريف آهي. اهو نواز شريف جيڪو پنهنجي ولي عهديءَ لاءِ مريم نواز کي ميدان ۾ لاهي، عمران خان لاءِ مستقبل مصيبت جو ماحول ڇڏي ويندو. ان سبب ڪري عمران خان خوش ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button