اڳيون قصو هڪ اهڙي ڇوڪر جو آهي جنهن کي ڪاهل، سست ۽ ننڊاکڙو هئڻ سبب هر ڪو ننڊ سڏي ٿو. اهو ڇوڪر هڪ ڇوڪريءَ جي جملن منجهان اتساهه وٺي محنت ڪري اڳتي وڌڻ ۽ منزل ماڻڻ جو عزم ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. هو اهو عزم ته ڪري ٿو پر اول ته ڇوڪريءَ جي جملن سبب سخت صدمي ۾ اچي اهو ڇوڪر کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏئي ٿو، ڪنهن سان ملڻ جلڻ ڇڏي گهر ۾ ويهي رهي ٿو، ان ريت هو هيڪلو بڻجي بيمار ٿي پوي ٿو. بعد ۾ هن کي صدمي مان نڪرندي اوجاڳا شروع ڪري ٿو. ان مان سندس ڪجھه ڪري ڏيکارڻ واري عزم جي نشاني ملي ٿي. پر هو ڪهڙي قسم جي محنت ڪري ٿو يا ڪهڙي شعبي ڏانهن لاڙو رکي ٿو اهو ناهي ڏيکاريو ويو. ليکڪ کي ان ڪردار کي منزل ماڻڻ لا درست دڳ ۽ واٽ سان لائڻ گهربو هيو جيڪا کوٽ واضح آهي.
ان کان پوءِ هڪ ڳيريءَ جي تمثيلي آکاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ ته ڳيريءَ جي مثال مان انساني رشتن جي ٽٽڻ ۽ ماءُ اڳيان اولاد جو وڙهڻ ۽ الڳ ٿيڻ واري درد جي ڪٿا بيان ڪئي وئي آهي. ان کي رشتن جي بي قدريءَ جو اظهار پڻ چئي سگهجي ٿو. ٻيو پيغام اهو به ڏنو ويو آهي ته انسان مصيبتن، تڪليفن يا ڪهڙين به مجبورين سبب پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ڪنهن ٻئي هنڌ ڀل وڃي رهي پوي پر کيس پنهنجو وطن ۽ ماتر ڀوميءَ جي سڪ ۽ اڪير سدائين ستائيندي رهندي ۽ هن ۾ واپس وطن ورڻ جي تڙپ جاري رهندي. هي انسان جي ان جبلت جو اظهار آهي جنهن ۾ هو ٻاهرئين ملڪ ۾ ڀلي ڪيڏو به سڪون ۽ سهولتن سان رهي پر پوءِ به کانئس پنهنجو اصلوڪو وطن نه وسرندو.
ان کان ايندڙ آکاڻيءَ ۾ فطرت جي ظالم هجڻ ۽ انساني جان کسڻ واري جبلت ڏيکاريل آهي جنهن ۾ هڪ نوجوان ناريءَ جي محبوب کي درياهه ۾ ٻڏي مرندي ڏيکاريو ويو آهي. پيغام هي آهي ته انسان ڀلي ڪيڏو به سگهارو ۽ ماهر هجي پر فطرت تي مڪمل ضابطو اڃا به انساني وس ۾ ناهي ٿيو. فطرت انسان هجي يا حيوان هر ڪنهن کي هڪ جيان ئي ورتاءُ ڪندي اڳتي وڌندي رهندي آهي.
ان کان پوءِ واري ڪٿا هڪ اهڙي نيڪ دل ۽ سخي مرد جي آهي جنهن مرڻ کان اڳ ئي وصيت لکي پنهنجي سموري ملڪيت هڪ خيراتي اداري کي ڏئي ڇڏي آهي. اهو ادارو سندس جوڙيل آهي ۽ ان وسيلي هو انيڪ غريب ۽ لاچار انسانن جي مالي مدد ڪري سندن ڏکويل جيون کي سولو بڻائي کين تعليم، صحت ۽ روزگار مهيا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. ان نيڪ شخص جي مرڻ وقت لالچي ۽ لوڀي رشتا مٿانهنس وارثي ڪرڻ لاءِ ان اميد ۾ اچي گڏ ٿين ٿا ته جيئن کين مرحوم هي ڇڏيل ملڪيت مان ڪو حصو ملي پوي.
ناول جي آخر ۾ هڪ جهوني ۽ گهاٽي وڻ جي ڪٿا آهي. ان وڻ جي بيان مان ڪهاڻيءَ جي اڳين ڪردارن جي رهيل ڳالهين کي مڪمل ڪري سڀني ڪردارن جو تعلق ان وڻ سان ڏيکاري وڻ کي مرڪزي ڪردار بڻايو ويو آهي. بيوفا زال وارو مڙس، معصوم ڇوڪري، موچيءَ جي ڌي ۽ سست ننڊاکڙو ڇوڪر، اهي سڀ ڪردار اڳتي هلي ڪهڙي مقام تي پهتا ۽ ساڻن ڇا ٿيو ان جي وضاحت به وڻ پنهنجي وارتا ۾ بيان ڪري ٿو.
هتان اها به خبر پوي ٿي ته معصوم ڇوڪريءَ جي به معصوميت ختم ٿي چڪي آهي ۽ اها به دولت جي لوڀ واري مقابلي ۾ ڊوڙي رهي آهي. ان ريت سست ننڊاکڙو ڇوڪر به اڃا ڪنهن اونچي منزل تي ناهي پهچي سگهيو. ان کي به جدوجهد ڪندي لالچ ۽ لوڀ جي ور چڙهيل ڏيکاريو ويو آهي. اتان انهن ڪردارن کي حڪايتن جي نيڪي ۽ سٺائي واري مقصد جي ابتڙ ڪم ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. جيڪا ڳالهھ نصيحتي ادب جي بنيادي پيغام خلاف آهي پر ڪردارن جي اها پڄاڻي سماجي حقيقتن جي عين موجب پيش ٿيل محسوس ٿئي ٿي. ان ريت هي ناويلا نصيحتي ادب سان گڏ سماجي حقيقت نگاريءَ ۾ پڻ شمار ٿيندو.
وڻ جي وارتا ۾ هن ڌرتي، فطرت، ماحول، وڻن جي تحفظ ۽ سنڀال جو مثال ڏنو ويو آهي. وڻن جي ڪٽجڻ سبب ماحول ۽ ڌرتيءَ کي جيڪي نقصان پهچن ٿا، ان طرف ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. هتي انسان جيڪو پنهنجي نفعي جي لالچ ۾ ڌرتيءَ جو ماحول خراب ڪندو رهڻ ۽ فطرت جي اصولن جي ابتڙ وڃڻ کان هرگز نه ٿو مڙي واري سماجي حقيقت نگاري چٽي نموني بيان ڪيل آهي.
سڀئي وارتائون سولي ۽ آسان بيان ۾ آهن. هر وارتا ڪا نصيحت ۽ هدايت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ڏسجي ٿي. وارتائون گهڻي ڀاڱي سماجي حقيقتن تي ٻڌل آهن. جڏهن ته بيان ۾ علامت ۽ تمثيل جو پڻ استعمال ٿيل آهي. ليکڪ پاران هدايتن ڀريل سٽن ۽ جملن جو پڻ سٺو استعمال ٿيل آهي. نصيحتن ۽ هدايتن جا پيغام ڏيندڙ آکاڻين جي هن مجموعي کي ٻاراڻي ادب طور به وٺي سگهجي ٿو پر هي هدايتون ٻارن سان گڏ وڏڙن لاءِ به هڪ جهڙيون اثرائتيون آهن. ٻيو ته نصيحت، هدايت ۽ سبق جي ضرورت هر عمر جي انسان کي پوندي آهي.
اڪثر آکاڻيون سماجي حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪن ٿيون. سماجي حقيقت نگاري سنڌي ادب ۾ ڪافي مضبوط ۽ سگهارو اوزار آهي، جنهن جو هتي به سٺو استعمال ٿيل آهي.
لکڻيءَ ۾ فن ۽ فڪر کي اظهارڻ جي سٺي ڪوشش ٿيل آهي. ليکڪ نيڪي، ٻڌي، پيار، ساٿ، سچائي، قرباني ۽ حب الوطنيءَ جو فڪر ۽ نياپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته ليکڪ ڪهاڻيءَ جي اڻت وارو فن ۾ به ڪامياب ويندي نظر اچي ٿو. پر فن ۽ فڪر جي اها اونچي اڏام محسوس نه ٿي ٿئي جنهن ۾ هن فن پاري کي شاهڪار چئي سگهجي.
هي ناويلا نصيحتي ادب ۽ سماجي حقيقت نگاريءَ جي ميلاپ جو هڪ سٺو مجموعو چئي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ان قسم جي ڪجھه وڌيڪ آکاڻين کي ملايو شامل ڪيو وڃي ها ته ناويلا پنهنجي ڊيگھه ۾ وڌڻ سبب ناول بڻجي پوي ها.
)پورو ٿيو)